Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

بدامني جي باهه ۽ اُلا ٿيندڙ عوام

 _(روزاني پنهنجي اخبار، 5 سيپٽمبر 2023)_

  نيٺ ڪشمور واسين جو صبر جواب ڏئي ويو ۽ هندو پئنچائت وارن همت ڪري نه رڳو ضلعي ۾ ڪامياب هڙتال ڪرائي آهي پر سول سوسائٽي ۽ شهرين ساڻن ساٿ ڏيئي ان معاملي تي پهرئين منظم عوامي رد عمل کي ڪا منظم شڪل ڏني آهي. هونئن ته اتر سنڌ جي گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ- ڪشمور کي لڳاتار منظم طور تي ڌاڙيلن ۽ قبيلائي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي پر ويجهڙ وارن مهينن ۾ انهن علائقن ۾ اغوا جي سرگرمين ۾ اوچتو زبردست تيزي آئي آهي. ڌاڙيل نه رڳو ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا پر کين وڻن سان ٽنگي مٿن غير انساني تشدد ڪري سندن وڊيوز موڪلين ٿا. ٽيڪنالاجي جي هن جديد دور ۾ جتي هر ڊجيٽل سرگرميءَ جا پيرا کڻڻ ۾ ڪابه رنڊڪ ناهي، اتي سڄي ملڪ جا ادارا انهن ڌاڙيلن تائين پهچڻ کي ايتري قدر ناممڪن ڄاڻائي رهيا آهن، ڄڻ اهي ڌاڙيل ملڪ جي سرحد پريان ڪنهن ٻئي ڏيهه ۾ رهندا هجن. انهن ئي ٻيلن ۾ ويهي هو ڀُنگ وصول ٿيڻ تي ماڻهو به ڇڏيندا رهن ٿا پر انتظاميا هنن تائين پهچڻ کان ڇو لاچار آهي، ان حقيقت کان ڪير به اڻڄاڻ نه آهي.

پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت دوران ڪچي ۾ ٿيل آپريشن ۾ ڪمزور حڪمت عملي ۽ رشوت عيوض گهٽ معيار واري حفاظتي ساز و سامان سبب پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جون حياتيون به ويون. ان کانپوءِ آپريشن ڪرڻ جا سکڻا اعلان ٿيندا رهيا، آفيسر بدلي ٿيندا رهيا، جديد اوزارن جي خريداريءَ جون خبرون اينديون رهيون پر پ پ پ حڪومت جي موڪلائڻ تائين ڪوبه عملي آپريشن نه ٿيو ۽ اهي علائقا عملي طور ڌاڙيلن ۽ قبيلائي سردارن وٽ يرغمال ٿيل آهن. پ پ پ سرڪار ايندڙ چونڊن لاءِ سردران جي شموليت ۽ کين راضي رکڻ جي چڪر ۾ سندن رياست بڻيل انهن ضلعن ۾ ڪوبه فيصلائتو آپريشن نه ڪيو. جيئن ته سنڌ جي سياست جاگيردار ٽولي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي، تنهنڪري اليڪشني سياست ڪندڙ ڌريون هر وقت سندن هٿ مضبوط ڪنديون رهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي توڙي جي ڊي اي جون اڪثر ڌريون ڌاڙيلن خلاف رسمي بيان بازي ۽ نمائشي قدمن کان اڳتي نٿيون وڌن.

هونئن ته ڌاڙيل کين سونپيل مشن سبب هر مذهب ۽ ٻوليءَ جو ماڻهو اغوا ڪن ٿا پر ٻه ڳالهيون چٽيون نظر آيون؛ ٻين صوبن يا قوميتن جا اغوا ٿيل ماڻهو سرڪاري دٻاءُ تي ڇڏيا ٿي ويا ۽ سنڌي هندن کي خاص نشانو بڻايو ٿي ويو.

سنڌ مان هندن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڊگهي عرصي کان هڪ منظم مهم هلندڙ آهي. سندن معصوم نياڻين کي زوري کڻي مسلمان ڪري پرڻائڻ، هندو ڪاروبارين کي اغوا ڪرڻ، کين نشانو بڻائي قتل ڪرڻ انهيءَ ذهنيت جي ڪڙي آهن. ان مقصد لاءِ سنڌ ۾ ڪجهه انتهاپسند گادين ۽ گروهن کي کلي ڇوٽ ۽ سرپرستي فراهم ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڏوهارين کي به کليل ڇوٽ آهي ته سنڌ جي امن کي تباهه ڪن ۽ ان ۾ خاص ڪري هندن کي نشانو بڻائي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪن، ڇو ته هندو برادري سنڌ جي ڪاروباري سگهه جو مرڪز بڻيل آهي. ٿورن لفظن ۾ ڳالهه ڪجي ته سنڌ ۾ بدامني جي اها لهر هڪ منظم رٿابندي جو حصو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي ته اقتداري سياست جي مصلحتن ۽ منافقتن جو شڪار رهي پر ماضيءَ ۾ ان معاملي تي سرگرم رهندڙ قومپرست ۽ کاٻي ڌر واريون پارٽيون به ايڪڙ ٻيڪڙ بيانن تائين محدود رهجي ويون. جيتوڻيڪ قومپرست پارٽيون ۽ سندن ورڪر به هڪ عتاب هيٺ آهن ۽ سندن مجبوريون به سمجهه ۾ اچڻ جوڳيون آهن پر تنهن هوندي به تنظيمن جا اڳواڻ ٿوري همت ڪن ٿا ته عوام انهن معاملن تي ساڻن گڏ بيهي ٿو. بدقسمتيءَ سان قومپرست ڌرين جون اندروني ڪمزوريون سندن تحرڪ ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل آهن، پر هينئر به وقت ناهي ويو. هاڻي جڏهن بدامني جي باهه ۾ سڙندڙ عوام رستن تي نڪري آيو آهي ته قومپرست ۽ کاٻي ڌر وارين پارٽين توڙي سول سوسائٽي کي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي. هي مناسب موقعو آهي ته سنڌ جي مستقبل سان مخلص ڌريون ڪشمور پهچي ان پر امن احتجاج جي اڳواڻي فراهم ڪن. ان سان گڏ سڄي سنڌ ۾ پرامن رستا روڪ ڪري ان عوامي جدوجهد کي سگهارو ڪن. جيڪڏهن انهن ڌرڻن ۾ مريضن، عورتن، پيرسنن ۽ لاچار ماڻهن کي لنگهه فراهم ڪجي ته پرامن احتجاج کي اخلاقي مٿڀرائي ۽ عوامي پٺڀرائي به ملندي. ان سان گڏ ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪري سموريون پارٽيون ڪراچي ۾ هڪ احتجاج ڌرڻي جو سڏ ڏين. اهو سمورو احتجاج پرامن رکڻ لاءِ انهن عنصرن تي ڪرڙي اک رکجي، جيڪي اهڙن موقعن تي تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري عوامي تحريڪن جا پير ڪڍڻ لاءِ ميدان تي لاٿا ويندا آهن. سياسي پارٽين جا هڪٻئي سان ڀلي سياسي يا ٻيا ويڇا هجن پر سنڌ جو امن ۽ ڪاروباري ترقي سڀني جي گڏيل خواهش ۽ ضرورت آهي.

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي مذهبي تنظيمون ۽ گروهه آهن، جيڪي الڳ الڳ سياست ڪندا آهن پر مذهبي معاملن تي سڀ هڪ ٽرڪ جي مٿان بيٺا هوندا آهن. سنڌ جي قومپرست پارٽين ماضيءَ ۾ ڪالا باغ ڊيم، بحريا ٽائون، ٻٽي مڪاني نظام ۽ ٻيٽن تي والار خلاف اهي گڏيل جدوجهدون ڪري ڪامياب نتيجا حاصل ڪيا آهن. سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي ۽ قبيلائي دهشتگردي به اهڙو ئي اهم معاملو آهي، جيڪو سنڌي سماج جي اوسر ۾ لڳاتار رنڊڪ بڻيل آهي. سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪمزور ڪاروباري معيشت اڳي ئي نٻل حالت ۾ آهي. ورهين کان هلندڙ خراب حڪمراني، ٻوڏن، برساتن ۽ سرڪاري ڍانچي جي ڪرپشن اڳي ئي ٻهراڙين ۾ زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي، مٿان 90ع جي ڏهاڪي جهڙي بدامني کانپوءِ سنڌ برباديءَ جي ور چڙهي رهي آهي. ساڳئي وقت ڌارين آبادڪاريءَ ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ انتهاپسند گروهه سنڌ جي سماجي ڍانچي کي برباد ڪري رهيا آهن. انهن سڀني مسئلن جو حل منظم گڏيل عوامي جدوجهد آهي، جنهن کي سياسي قيادت گهربل آهي.

سنڌ ملڪ اندر سياسي ۽ سماجي شعور ۾ سڀني صوبن کان اڳڀري رهي آهي. سنڌ ۾ هڪ مضبوط سياسي هلچل، سرگرم سول سوسائٽي ۽ عوام دوست صحافت سنڌ جي گڏيل مفادن ۽ حقن لاءِ هميشه اڳڀري رهي آهي. هي سڀ محاذ وقت سان گڏ ڪجهه جهيڻا ضرور ٿيا آهن پر اڄ به انهن ۾ ايترو ساهه آهي، جو عوام کي اتساهه ڏئي، حڪمرانن کي ماٺ ٽوڙڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا.