بند ٿيل قدرتي لنگھ مستقل جوکم آهن
روزاني ڪاوش، 9 سيپٽمبر 2025ع
شديد ٻوڏن پاڪستان ۾ لکين ماڻهن کي بي گھر ڪري ڇڏيو آهي. آگسٽ ۾ چوماسي جي برساتن مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي. مهيني جي پهرين اڌ ۾، گلگت ۽ هنزا ۾ جبلن تي وسيل تيز برساتن برفاني ڇپون، پٿر ۽ مٽيءَ جا هزارين مڻ هيٺ آندا. درجنين سياحن جون زندگيون ويون ۽ سوين چلاس، استور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڦاٿل رهيا. بونير، شانگلا ۽ سوات آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ غير معمولي تيز برساتن ۽ جابلو ٻوڏن سبب تباهيءَ جو شڪار ٿيا. انهن ضلعن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا. آگسٽ جي آخري هفتي ۾ مون سون جي زوردار برساتن پنجاب ۽ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. هندستان مان نڪتل تيز وهڪرن هماچل پرديش، پنجاب ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تباهي مچائڻ کان پوءِ تباهيءَ واري ٻوڏ کي جنم ڏنو. پنجاب کان پوءِ هڪ وڏي ٻوڏ سنڌ ڏانهن وڌي، جيڪا اڃا تائين هلي رهي آهي.
2010ع ۽ 2022ع ۾، سنڌ کي ڀوائتين ٻوڏن جو منهن ڏسڻو پيو. 2022ع جي ٻوڏ تازي تاريخ ۾ سڀ کان بدترين هئي، جنهن 14 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو. 20 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا. لڳ ڀڳ 20000 اسڪولن کي نقصان پهتو. ان کان علاوه، غير معمولي وهڪرن ۽ مهينن تائين ڦاٿل ٻوڏ سبب ٻوڏ-بچاءَ جي ڍانچي، روڊن ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي اسڪيمن کي پڻ وڏو نقصان پهتو. 2010ع ۾، سنڌ ۾ 7 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. جيتوڻيڪ ٻنهي ٻوڏن جون خاصيتون مختلف هيون، پر وڏي پئماني تي تباهي ٻئي ڀيرا ٿي. تڏهن کان وٺي، سنڌ ۾ گڊو بئراج تي 4 وڏيون ٻوڏون (5 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ) آيون آهن. هيءَ پنجين وڏي ٻوڏ آهي، جنهن لاءِ شروع ۾ انديشو هو ته اها 8 لک ڪيوسڪس جي سپر فلڊ تائين پهچي سگهي ٿي. گڊو ۽ سکر بئراج ٻئي هڪ ملين ڪيوسڪس جي وهڪري کي محفوظ نموني گذاري سگهن ٿا.
گڊو ۽ سکر بئراج صوبي لاءِ نهايت حساس ۽ اهم اسٽرڪچر جي حيثيت رکن ٿا، تنهنڪري ڪا به حڪومت انهن ڍانچن کي نقصان پهچڻ جو جوکم نٿي کڻي سگهي. هينئر تائين جيتوڻيڪ وهڪرا گڊو ۽ سکر بئراج جي ڊزائن واري وهڪري جي اندر رهيا آهن، پر وچولي کان وڏي ٻوڏ جي ڪري ڪچي ۾ رهندڙ هزارين خاندانن جو وقتي طور بي گھر ٿيڻ اڻٽر آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي درياهي ڪچي ۾ وڏي پئماني تي حددخليون ٿيل آهن، جيڪي ٻوڏ جي حفاظتي ڍانچي لاءِ خطرو بڻجن ٿيون. انهن ۾ درياءَ لنگھ ۾ غير قانوني طور تي ٺهيل بند، وڏيون انساني آباديون ۽ زرعي زمينون شامل آهن. سگهارن ماڻهن وڏي پئماني تي ڪچي ۾ زمينن تي غير قانوني قبضا ڪيا آهن، جن کي ڇڏائڻ لاءِ سرڪار وٽ نيت ناهي ۽ ڪٿي وري همت به ناهي.
سپريم ڪورٽ پاران 2022ع ۾ ٺاهيل فلڊ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۾ انهن حددخلين بابت تفصيلي مشاهدا شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته “ڪچي جي زمينن تي هزارين ايڪڙ غير قانوني طور تي مقامي اثرائتي ماڻهن پاران قبضو ڪيل آهن يا نامناسب چارجز تي ليز تي ڏنا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ خانگي بند ٺهيا آهن. دريائن ۽ نهرن جي ڪنارن تي گهرن ۽ ٻين عمارتن جي تعمير جي اجازت ڏني وئي آهي. پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري کي روڪيو ويو آهي. بدقسمتي سان، مقامي ۽ صوبائي حڪومتن پاڻ غير قانوني عملن کي فروغ ڏيڻ ۾ حصو ورتو آهي، جنهن سان رنڊڪون وڌيون آهن. اهي سڀ حددخليون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ رنڊڪون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ آئي آهي. قانون موجب، دريائن/ نهرن جي ڪنارن کان 200 فوٽن جي فاصلي تي ڪنهن به قسم جي ڍانچي جي اڏاوت جي اجازت ناهي. حڪومتن کي ان کي درست ڪرڻ گهرجي ۽ يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪي به حددخليون نه ٿين ۽ ڪا به زمين وڪري يا ليز تي نه ڏني وڃي. حڪومتن کي سڀني حددخلين کي سختيءَ سان هٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته تازي ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل غير قانوني طور تي ٺهيل ڍانچن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي“.
جنوري 2021ع ۾، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي زمينن مان حددخليون 30 جون 2021ع تائين هٽايون وڃن. ان کان اڳ 14 جنوري 2020ع تي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي هڪ مهيني جي عرصي ۾ حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو. 2022ع جي تباهي واري ٻوڏن کان پوءِ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جون 2023ع ۾ ٻيو حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کي بلوچستان کان منڇر ڍنڍ تائين واٽر قدرتي وهڪرن ۾ موجود 11 رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو. تنهن هوندي به، صوبائي حڪومت اهي غيرقانوني حددخليون نه هٽايون.
2013ع ۾، سنڌ ايريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي انڊس جي کاٻي ڪناري لاءِ ريجنل ماسٽر پلان تيار ڪيو هو. رپورٽ ۾ ڪنسلٽنٽس لڳ ڀڳ هڪ درجن بند ٿيل قدرتي وهڪرن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ انهن جي بحاليءَ جي لاءِ 357.5 ملين ڊالرن لاڳت سان رٿا به تجويز ڪئي. باقي بچيل علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي نيڪال جي نيٽ ورڪ 253.1 ملين ڊالر جي لاڳت سان الڳ رٿا جو چيو ويو. اها رقم 2022ع ۾ سنڌ کي ٿيل نقصانن جي ڀيٽ ۾ معمولي خرچ هئي پر ان رپورٽ تي ڪو به عمل نه ٿيو. اهي قدرتي وهڪرن جا بند ٿيل لنگھ سنڌ لاءِ هر مون سون ۾ خطرو بڻجندا رهن ٿا.
آگسٽ ۾ گڊو بئراج ٻن وڏين ٻوڏن کي محفوظ طور تي گذاريو، جن جو وهڪرو 5 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ هو. جيتوڻيڪ ان جي ڪري ڪچي واري علائقي ۾ ماڻهن کي عارضي طور تي بي گھر ٿيڻو پيو، پر ان سان گڏ سنڌ جي ڊيلٽا وارن ضلعن ۾ رهندڙ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي منهن تي رونقون پڻ آيون. سڄي سال جي سوڪهڙي کان پوءِ مس مس ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين هڪ لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ جو صحتمند وهڪرو مليو.
جيتوڻيڪ مها ٻوڏ جو خطرو گهٽجي ويو آهي پر ان جو انديشو مڪمل طور ختم ناهي ٿيو. سنڌ لاءِ هڪ وڏو چئلينج ان جي سنوت واري زمين آهي، جنهن ڪري مينهن يا ٻوڏ جو پاڻي سولائيءَ سان نڪرڻ بجاءِ ڦاسي پوي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب جي زمين لهواري آهي، جتي پاڻي گهڻو وقت بيهي نه ٿو. ان ڳالهه کي هن ريت سمجهي سگهجي ٿو ته چناب پاڪستان ۾ سيالڪوٽ ويجهو داخل ٿئي ٿو، ان شهر جي سمنڊ کان اوچائي 256 ميٽر آهي. جڏهن ته پنجاب جي سنڌ سان لڳندڙ شهر رحيم يار خان جي سمنڊ کان اوچائي 83 ميٽر آهي، انهن ٻنهي ڇيڙي وارن شهرن جي وچ ۾ 173 ميٽرن جي لاٿ آهي، ٻئي طرف سنڌ جي اتر پاسي کان وڏي شهر گهوٽڪي جي اوچائي ۽ سمنڊ جي ويجهي تعلقي هيڊ ڪوارٽر شاهبندر جي وچ ۾ رڳو 32 ميٽرن جي لاٿ آهي، ان گهٽ لاٿ واري هموار پٽيءَ ۾ پاڻي اتر کان ڏکڻ طرف سمنڊ ڏانهن نيڪال ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳائي ٿو. ان صورتحال ۾ جڏهن پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه به والاريل هوندا ته پاڻيءَ جو نيڪال نهايت مشڪل بڻجي ويندو ۽ وهڪرا گهڻو وقت ڦاٿل هوندا. اهو ئي سبب آهي جو 2022ع واري ٻوڏ جو پاڻي ڪيترن ئي مهينن تائين ڦاٿل رهيو ۽ نيڪال نه ٿي سگهيو.
هن وقت خوشقسمتيءَ سان سنڌو درياهه ۾ وهڪرو گهٽ آهي پر پنجند وٽ چناب ۽ ستلج جو گڏيل وهڪرو 6 لک کان مٿي چڙهيل آهي. ان حساب سان گڊو بئراج وٽ 7 لک ڪيوسڪ تائين وهڪرو پُڄي سگهي ٿو. ڀارت وٽان هڪ ٻئي پٺيان نوان وهڪرا اچي رهيا آهن. باکڙا ۽ پونگ ڊيم ڀرجي وڃڻ کان پوءِ اتي وسندڙ گهڻي مينهن جو پاڻي سڌو پنجاب پهچي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تريمو بئراج وٽ پاڻيءَ جي سطح لڳاتار برقرار پئي رهي. ان حساب سان لڳي ٿو ته گڊو بئراج ۽ سکر وٽان 7 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو هڪ ٻن ڏينهن لاءِ نه پر شايد هفتو 10 ڏينهن لنگهندو رهندو. ان وچ ۾ سمورو ڪچو پاڻيءَ هيٺ اچي چڪو هوندو ۽ پاڻي، بندن کي آزمائيندو رهندو. ڊگهي مدي ۾ ٻوڏ جي حل لاءِ سنڌ ۾ درياهه جي اندر ۽ ڍورن جي رستن تان رنڊڪون هٽائڻيون پونديون. جيستائين سنڌ ۾ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن تان رنڊڪون نه هٽايون وينديون، هر سال چوماسي جا مينهن ۽ درياهه جا وهڪرا سنڌ لاءِ ٻوڏ جو اُلڪو ۽ جوکم کڻي ايندا رهندا.