Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

تهران جو ڊي زيرو

( روزاني ڪاوش، 18 نومبر 2025ع)

ايران جا ڳتيل آبادي وارا شهر تهران ۽ مشهد هڪ " ڊي زيرو" (Day Zero) جي ويجهو اچي پهتا آهن. اهو استعارو هڪ اهڙي گهڙيءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي، جڏهن ڪنهن شهر يا علائقي ۾ پاڻي ختم ٿي وڃي ۽ اتي جي رهاڪن کي پاڻي فراهم نه ٿي سگهي. وڏن شهرن ۾ پاڻيءَ جي طلب ۽ رسد ۾ وڌندڙ وٿي، ڊگهي سوڪهڙي ۽ موسمياتي تبديلين دوران هي اصطلاح ويجهڙ وارن ورهين دوران دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻڌڻ ۾ آيو آهي. سوڪهڙي جي لڳاتار ڇهين سال ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي جي فراهمي واري نظام کي تري تي آڻي ڇڏيو آهي.؛ ايراني حڪومت، تهران ۽ مشهد (جن جي آبادي ترتيبوار تقريباً 10 ملين ۽ 3.5 ملين آهي) ۾ پاڻيءَ جي سخت وارا بندي لاڳو ڪري ان گهوٽالي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. صدر مسعود پيزشڪيان ايندڙ هفتن ۾ مينهن نه پوڻ جي صورت ۾ تهران کي خالي ڪرڻ جي امڪان جو خطرناڪ اعلان به ڪيو آهي. تهران جهڙي شهر کي خالي ڪرڻ جو سوچڻ، ڪنهن به هنڌان ڪروڙ ماڻهن لاءِ پاڻي آڻڻ کان گهٽ منجهيل ڪم ناهي. اهو بحران رڳو تهران ۽ مشهد تائين محدود ناهي. خراسان، خوزستان، اصفهان، فارس، يزد، سيستان ۽ بلوچستان جا ٻيا وڏا شهر پڻ پاڻي جي سخت کوٽ کي منھن ڏئي رهيا آهن. ملڪ جا 19 ڊيم لڳ ڀڳ ڊيڊ ليول (Dead Level) يعني تري کي ڇهڻ وارا آهن. سياسي، انتظامي ۽ موسمي عنصرن جي ميلاپ ايران لاءِ هيءَ خوفناڪ صورتحال پيدا ڪئي آهي. ڪيترن ئي ورهين کان هلندڙ سوڪهڙي هن سال صفا انتها ڪري ڇڏي. تهران ۾ هن سال رواجي برسات کان 80 سيڪڙو گهٽ برسات پئي آهي. تهران کي هن سال سخت گرمي جي لهر کي به منهن ڏيڻو. جولاءِ ۾ گرمي پد 45 درجا سينٽي گريڊ کي ڇهي ويو.

 ايران جي پاڻيءَ جي انتظامڪاري (Water Governance) گهڻي وقت کان لوڏن ۾ آهي. پاڻيءَ جي فراهمي جو مدي خارج ڍانچو (infrastructure) نلڪن تائين پهچڻ کان اڳ 15 سيڪڙو پاڻي ضايع ڪري ٿو ڇڏي. واٽر مافيا پاڻي جو وڏو حصو غير قانوني پائيپن ذريعي موڙي ٿي ۽ پاڻيءَ جي ميٽرن سان به ڇيڙڇاڙ عام جام ڪئي وڃي ٿي. شهري ذري گهٽ مفت ملندڙ پاڻيءَ کي غير ذميواريءَ سان استعمال ڪن ٿا ۽ پاڻيءَ جي ورهاست تي سرڪاري ضابطو عملي طور موجود ئي ناهي. جر کي پاڻيءَ جي نيڪال تي به ڪو ضابطو ناهي، جنهنڪري تهران ۾ جر جي پاڻيءَ جي سطح هيٺ لهي وئي آهي. ان سان شهر جا کوھ به سُڪي ويا آهن. ڪجهه تحقيقي ذريعا دعوا ڪن ٿا ته تهران جو جر ساليانو 1 کان 1.5 ميٽر تائين هيٺ لهي رهيو آهي. ان حالت ۾ شهر پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ پنج ڊيم ٺهيل آهن ۽ شهر پاڻيءَ لاءِ گهڻو ڪري انهن ڊيمن تي ڀاڙي ٿو. انهن ڊيمن ۾ ذخيري جي ڪل گنجائش 1.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. هن وقت انهن ڊيمن ۾ ڏهه سيڪڙو پاڻي مس وڃي بچيو آهي. ياد رهي ته تهران جي آباديءَ ۾ گذريل 25 سالن ۾ 25 لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو آهي. آباديءَ جي ان واڌ پڻ ميونسپل ذريعي پاڻيءَ جي فراهميءَ تي وڏو دٻاءُ وڌو آهي.

موسمياتي تبديلي عالمي سطح تي وڏن شهري علائقن لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري رهي آهي. ڪيترن ئي ملڪن جي وڏن شهرن ويجهڙ وارن سالن دوران پاڻيءَ جي اهڙي کوٽ ڏٺي آهي. 2018 ۾، ڪيپ ٽائون جي ڊيم جو ذخيرو خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو هو، جنهن سان شهر جي نلڪن ۾ پاڻي بند ٿيڻ جا اهڃاڻ پيدا ٿي رهيا هئا. سخت راشننگ (وارابندي) ۽ بعد ۾ وسيل مينهن شهر کي ان تباهيءَ کان بچائي ورتو. هندستان ۾ چنائي ۾ پڻ 2019 ۾ " ڊي زيرو " جا گهنڊ گونجيا هئا. شهر جا لکين ماڻهو پاڻيءَ جي ٽينڪرن جو انتظار ڪندا هئا. سائو پولو، هراري، جڪارتا، بنگلورو، ليما ۽ ميڪسيڪو سٽي پڻ ويجهن سالن ۾ " ڊي زيرو" جهڙي صورتحال مان گذري چڪا آهن.

ايران جو هاڻوڪو آبي بحران ملڪ جي مجموعي آبي گهوٽالي جو رڳو هڪ حصو آهي. ملڪ جو پاڻيءَ وارو شعبو مٿئين سطح جي خراب انتظامي نظام سبب تباهه ٿي چڪو آهي. ايران مجموعي طور تي زراعت تي ڪيترو ڀاڙي ٿو، ان جو اندازو ان ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ٿو ته زرعي شعبو سالياني ملڪي پيداوار ۾ 12 سيڪڙو ۽ روزگار ۾ 14 سيڪڙو ڀائيواري ڪري ٿو. پاڪستان وانگر، ايران جو زرعي شعبو پاڻيءَ جو وڏو واهپو ڪندو آهي. زرعي شعبو ملڪ جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو. اسان جيان زمين ٻوڙڻ واري آبپاشي طريقن ۽ گهڻو پاڻي پيئندڙ فصل پوکڻ جهڙا زرعي طريقا آبپاشي نظام ۾ پاڻيءَ جي وڏي زيان جو سبب بڻجن ٿا. آبي ماهر پاڻيءَ جي بهتر استعمال بجاءِ وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ واري طريقيڪار تي پڻ تنقيد ڪن ٿا. هينئر حڪومت ان بحران کي ٽارڻ لاءِ ننڍي مدي وارا اپاءَ وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي. آبي ماهر ان سان گڏ پاڻي جي وسيلن جي ڊگهي مدي واري جٽادار انتظام ڪاريءَ تي زور ڀرين ٿا. انهن اپائن ۾ آبي ذخيرن ۾ انتظامي سڌارا ڪرڻ، بهتر مانيٽرنگ ۽ ورهاستي نظام ۾ ضابطو وڌائڻ وارا طريقا شامل آهن.

ملڪ جا سماجي سائنسدان پاڻي جي کوٽ کي سماجي تڪرارن ۽ سياسي ٽڪراءَ جي شڪل اختيار ڪرڻ جي خدشي جو به اظهار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سوڪهڙو برقرار رهيو ۽ مينهن نه وسيا ته پاڻيءَ جي کوٽ کاڌ خوراڪ جي فراهميءَ کي به خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. عالمي پابندين سان حڪومت جي پاڻيءَ واري شعبي جي ڍانچي جي سار سنڀال ۽ نواڻ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. ڏهاڪن کا هلندڙ پراڻا زرعي طور طريقا، زبون حال اڏاوتي ڍانچو ۽ پاڻي بچائيندڙ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ مالي وسيلا ۽عالمي سهڪار ن ملڻ هن خراب صورتحال کي جنم ڏنو آهي. جيئن جيئن گرميءَ جون لهرون ۽ سوڪهڙو وڌيڪ عام ٿيندا پيا وڃن ته خراب انتظامي حالتن وارا ملڪ نون سياسي تڪرارن ۽ سماجي وڳوڙن جو شڪار ٿيندا پيا وڃن ان جا سياسي اثر ڪڏهن ڪڏهن انتهائي پيچيده ٿي ويندا آهن ڇو ته پاڻي جي کوٽ زندگيءَ جي پوري سلسلي کي متاثر ڪري ٿي.

پاڪستان ۾ شهري استعمال لاءِ پاڻي واري منظرنامي ۾ ايران سان ڪيتريون ئي هڪجهڙائيون آهن. جيتوڻيڪ اسان وٽ پاڻي جا وسيلا ايران جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر حالت ۾ آهن، پر اسان جو بگڙيل انتظامي ڍانچو اسان لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪندو رهي ٿو. ايران اسان جي پاڙي ۾ آهي ۽ ان جهڙو موسمياتي گهوٽالو اسان وٽ به ڪر کڻي سگهي ٿو. هن ئي سال اپريل ۾ پاڪستان جا وڏا ڊيم به سُڪي ويا هئا ۽ فصلن لاءِ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گاڏيون ڌوئڻ تي بندش لاءِ به چيو هو. پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ خراب ورهاست سبب صوبن وچ ۾ توڙي صوبن اندر پاڻيءَ جي تڪرارن جي تاريخ پراڻي آهي. ايران جيان اسان جو زرعي شعبو پاڻيءَ جو انتهائي غيرذميواراڻو واهپو ڪندو رهي ٿو. شهري علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، چوري ۽ زيان سبب امن امان جا مسئلا پيدا ٿيڻ جا واقعا به عام جام آهن. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ايران جهڙو آبي گهوٽالو ڪر کڻي ته اسان وٽ معاملا سنڀالڻ کان چڙهي سگهن ٿا.