رنڊڪن باوجود اڳتي وڌندڙ سنڌ
روزاني ڪاوش، 16 آگسٽ 2025ع
ڀارت سان ڪجهه ڏينهن جي جنگ کان پوءِ خطي جي سياسي جوڙجڪ ۾ يڪدم وڏو ڦيرو آيو آهي، ڪجهه هفتن اندر ئي علائقائي شطرنج بدلجي وئي آهي. ڀارت، موديءَ جي مڳيءَ ۽ جنونيت واري سياست سبب سڄي خطي ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. پاڪستان جيڪو ڪجهه هفتا اڳ تائين عالمي ۽ علائقائي اڪيلائيءَ جي ور چڙهيل هو، اهو هڪ نئين طاقت ٿي اڀريو آهي. پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ هڪ دم وڌيڪ سگهاري ٿي آهي. ڀارت کي جنگي ملهه مارڻ، ايران جي ٽياڪڙي ڪرائڻ ۽ ٽرمپ پاران ٻاجهه جو غير معمولي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي وڏو ڇال مليو آهي. ٻئي پاسي ملڪ جي سياسي قيادت جا اهم ڪردار ان جي پيرن ۾ ويٺل آهي. عوامي سطح تي مخالفت ڪندڙ سياسي ڌرين، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ۾ ست ئي ناهي رهيو جو ڪڇي به سگهن.
آمريڪا پاران بلوچ ويڙهاڪ تنظيمن ڏانهن رويو تبديل ڪرڻ ۽ کين دهشتگرد قرار ڏيڻ ۽ خطي ۾ ڀارت جي پوزيشن ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ ملڪي سطح تي صف بندي به بدلجي وئي آهي. عالمي طاقتن جي ٽيڪ اصل ۾ انهن جي پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ هوندي آهي، جنهن ڏينهن سندن مفادن جي بيهڪ بدلجندي سندن حمايت ۽ مخالفت جا پيمانا به بلدجي ويندا. آمريڪا جڏهن دنيا ۾ جمهوريت جو وڏو علبدردار بڻيل هو، ان وقت به هن ضياءَ ۽ مشرف جي آمريتن کي آشِرواد فراهم ڪئي، ڇو ته ٻنهي موقعن تي افغانستان سان ويڙهه لاءِ پاڪستان ان جي ضرورت بڻيل هو، ساڳيءَ طرح آمريڪا، دهشتگرديءَ خلاف جنگ واري علبرداريءَ جي دور ۾ لبيا، شام ۽ عراق ۾ دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪئي، ڇو ته ان کي انهن ملڪن جون حڪومتون ختم ڪرڻيون هيون. ائين لکين ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ ان کان به وڌيڪ ڪٽنب سکي ستابي زندگيءَ مان دربدريءَ جي ور چڙهي ويا. عالمي ۽ ملڪي سطح تي جيڪا به سگهاري اسٽيبلشيمينٽ هوندي آهي، ان جا ڪنهن سان به ناتا نج مفادن جي بنيادن تي ئي هوندا آهن. تنهنڪري سياسي، آئيني ۽ انساني حقن وارين جدوجهدن جو پنهنجي زميني حقيقتن سان سلهاڙيل هجڻ اهم آهي، پرائي ٽيڪ تي هلندڙ جدوجهد نه رڳو ٺڪريءَ تي بيٺل هوندي آهي، پر اها اڪثر ڪري واهرو ڌرين جي مفادن جي ڪتب اچي رهي هوندي آهي.
اڄوڪي منظر نامي ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي ۽ ٽئين صورتحال ۾ ان لاءِ ڪهڙا نوان چئلينجز يا موقعا موجود آهن، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آهي. پاڪستان جي اندروني صورتحال تي رڳو هڪ ئي وڏو فرق پيو آهي ۽ اهو آهي سگهاري ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ويتر سگهارو ٿيڻ ۽ ڪمزور سولين طاقتن جو ويتر ڪمزور ٿيڻ. پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ هونئن به ڪا ڪمزور نه هئي، البته ڀارت سان جنگ کان اڳ ان جي مٿان عوامي تنقيد جو وڏي حد تائين دٻاءُ هو، جنهن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، اسٽيبلشمينٽ جي ائين وڌيڪ سگهاري ٿيڻ سان سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا، انهن جو ڇيد ڪرڻ جي ضرورت آهي. جون 2023ع ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشنن ڪائونسل SIFC ٺاهي اسٽيبلشمينٽ پاران صوبن جي معدني وسيلن، زرعي زمينن ۽ پاڻيءَ کي هڪ نئين مرڪزيت هيٺ آڻڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان اسڪيم هيٺ سنڌ جي معدنيات ۽ زمين تي مرڪزي اسٽيبلشمينٽ جي والار جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي سياسي ڌرين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ان ڦرلٽ جي رفتار کي ڌڪ رسيو آهي، پر هاڻي اسٽيبلشمنيٽ جي اڳي کان وڌيڪ سگهاري ٿيڻ سان ٿي سگهي ٿو ته ان عمل ۾ نئين سر تيزي آندي وڃي.
ملڪ ۾ جتي انتهاپسندي پکيڙيندڙ ڌرين کان پڇاڻو معاف آهي، اتي سياسي عمل لاءِ رستا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سوڙها ڪيا ٿا وڃن. اسلام آباد ۾ لال مسجد وارو ملان پوليس عملدارن کي گولي هڻڻ ۽ رياست خلاف سول نافرمانيءَ جا اعلان ڪري ٿو، پر مجال آهي ڪير سندس نالو کڻي باقي سياسي حقن جي آئيني جدوجهد ڪندڙن لاءِ رڻ ٻاريو ٿو وڃي.
سنڌ ۾ سياسي جدوجهد کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا هلايا پيا وڃن، سنڌ حڪومت ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان ڀائيواريءَ جي عيوض سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. قومپرست ڌرين تي هر طرح جي سختي عام آهي، واهن واري جدوجهد ۾ سنڌي عوام جي غير معمولي ايڪي جي ڪري اسٽيبلشمينٽ کي وقتي طور پٺتي هٽڻو پيو، پر هاڻي ان عوامي ردعمل کي روڪڻ لاءِ نوان حربا ايجاد ڪيا پيا وڃن. موري واري واقعي کان پوءِ جهڙيءَ طرح سياسي ڪارڪنن جي ڪنٽبن کي رياستي طاقت جو نشانو بڻايو ويو، اهو سياسي ڪارڪنن لاءِ هڪ نياپو هو.
سنڌ جي يونيورسٽين ۾ جهڙيءَ طرح سياسي ڌرين لاءِ دروازا بند ڪري انتها پسند ڌرين لاءِ رستا ٺاهيا پيا وڃن، اهو ڊگهي مدي ۾ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد کي کاٽ هڻڻ جو عمل آهي. ميرپورخاص ۾ انتهاپسنديءَ جي دٻاءَ تي مينگو فيسٽيول ۽ حيدرآباد ۾ ميراٿن ڊوڙ کي جهڙيءَ طرح ڪينسل ڪيو ويو، ان مان پتو پئي ٿو ته سنڌ سرڪار انتها پسند ڌرين لاءِ رستا ٺاهي رهي آهي. هڪ ڏينهن حڪمران ڌر پاڻ به ان کوٽيل کڏ ۾ ڪرندي پر تيستائين سنڌ لاءِ وڏو هاڃو ٿي چڪو هوندو.
هونئن ته هن دور کان وڌيڪ سخت آمريتي ڏهڪاءَ وارا دور به گذريا آهن، پر ان ڳالهه جو فرق هوندو هو ته سياسي مزاحمت اتساھ ڏيندي رهندي هئي، هن وقت اهو پاسو وڏي حد تائين ڪمزور آهي، هڪ پاسي اهي پارلياماني ڌريون آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائينديون هيون ۽ هاڻي ان جون ساٿاري بڻيل آهن، ٻئي پاسي اهي غير پارلياماني سياسي ڌريون هيون، جيڪي عوام کي متحرڪ ڪنديون هيون. اڄ به اهي ڌريون اڳيان ٿين ٿيون، ته عوام کين ڀرپور موٽ ڏئي ٿو. پاڻيءَ واري تازي جدوجهد ۾ عوام سندن سڏ کي پوريءَ سگهه سان ورنايو، جيتوڻيڪ اهي ڌريون هن وقت ڇڙوڇڙ آهن، ڪن جا اسٽيبلشمينٽ جي اتحادين سان اتحاد هجڻ تي به سوال اٿن ٿا. انهن ڌرين جي انتها پسنديءَ تي ماٺ ۽ انهن ڌرين سان سياسي اتحادين ۾ ويهڻ تي به ڳڻتي آهي، پر مجموعي طور سنڌ جي مسئلن تي سندن سڏ جي عوام هاڪاري موٽ ڏئي ٿو. پنهنجي سمورين ڪمزورين جي باوجود به قومپرست ۽ کاٻي ڌر جون سياسي پارٽيون سنڌ واسين لاءِ اميد جو محور آهن.
ان وچ ۾ سنڌ واسين بنا ڪنهن منظم سياسي واهر جي پاڻ به اڳڀرايون ڪيون آهن، ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻهراڙين مان ماڻهو وڏي انگ ۾ ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ڏانهن نڪتا آهن، اهي سرڪاري نوڪرين ۽ زراعت کان سواءِ ٻين ڪاروبارن ۾ داخل ٿي رهيا آهن. تمام وڏي انگ ۾ نوجوان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ بهتر تعليم ۽ روزگار لاءِ نڪري رهيا آهن. جتي رياست اندر هٿ وٺي انتها پسنديءَ کي وڌايو وڃي، اتي عوام جو هڪ وڏو حصو روشن خياليءَ لاءِ به رستا ٺاهڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. سنڌي عورتون تعليم ۽ پروفيشنل شعبن ۾ نڪري رهيون آهن، سنڌ جي سماجي اوسر اڳيان هٿراڌو بند ٻڌا ويا آهن، پر عوام ۾ سگهه آهي، سماج نستو ناهي ٿيل. سرڪاري ٻل تي پلجندڙ وڏيرا شاهيءَ وٽ ڪا به عوامي پٺڀرائي ناهي، رياستي نظام جي ٿوڻين تي بيٺل وڏيرا شاهي ڪرپٽ، ڪامورا شاهي، ڪرمنل ٽولا ۽ انتهاپسد جٿا عوام جي نفرت جو نشانو بڻيل آهن.
سنڌ جي قومي وجود ۽ سڃاڻپ جي بقا ۽ قومي حقن جي جاکوڙ نيون شڪليون اختيار ڪري رهي آهي، اها وهندڙ پاڻيءَ جيان پنهنجا رستا ٺاهي رهي آهي، ڪيترين ئي اوڻاين ۽ خرابين جي باوجود سنڌي سماج اڳتي نڪري رهيو آهي. سماج جا ساڃهه وند چڱائيءَ واري پاسي بيٺل هوندا ته انهن مصيبتن کي به سنڌ منهن ڏئي ويندي.