سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جي حالت
روزاني پنهنجي اخبار، 12 جنوري 2024ع
گذريل هفتي آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران ڪراچي ۾، سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جي صورتحال بابت نهايت جامع ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. سنڌ ۾ مختلف مسئلن بابت ڪانفرنسون ٿينديون رهن ٿيون پر انساني ترقيءَ جي مجموعي صورتحال تي ايترو گهڻ پاسائون بحث گهٽ ٿيو هوندو. ڊاڪٽر پرويز هودٻائي، قيصر بنگاليءَ سميت ملڪ توڙي صوبي جي ڪيترن ئي نالي وارن ماهرن جو اهو ڪٺ هر لحاظ کان نهايت اهم هو. دنيا ۾ سماجن جي ترقيءَ جي ماپن ۽ معيارن بابت بحث پراڻو آهي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين ترقي ۽ غربت يا محروميءَ کي رڳو معاشي/مالي بنيادن تي ماپيو ويندو هو. ان ماپي جو بنياد آمدني ۽ خرچ تائين محدود هو. وقت گذرڻ سان “ترقي” لفظ جي وصف کي وسعت ملي. ترقيءَ جي ماهرن جو چوڻ هو ته ترقي يا محرومي رڳو سراسري آمدنيءَ جو معاملو نه آهي. سماجي حوالي سان ان کي مجموعي انساني ترقي ۽ جٽادار ترقيءَ جي وسيع وصف هيٺ آندو ويو. هاڻي انساني ترقي رڳو فرد جي آمدنيءَ تائين محدود ناهي رهي. ساڳي طرح ڪنهن علائقي/سماج جي ترقي رڳو روڊن رستن تائين محدود ناهي رهي. هاڻي ترقيءَ جي وصف زندگيءَ جي مجموعي معيار سان ماپي وڃي ٿي.
عالمي ترقياتي ادارا ۽ ٿنڪ ٽئنڪس هاڻي ڪنهن به خطي جي ترقيءَ جي صورتحال بابت انهن رپورٽن کي مضبوط دليل طور تسليم ڪن ٿا. سنڌ ۾ ان پاسي کان جيئن ته بحث گهٽ ٿيو آهي، تنهنڪري انهن رپورٽن کي پڙهڻ ۽ انهن جي آڌار سنڌ جي ترقي/بدحاليءَ جو ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش به ناهي ڪئي وئي. سياسي تنظيمون انهن رپورٽن کي پنهنجي دليل طور ايڪڙ ٻيڪڙ ئي استعمال ڪن ٿيون. مان وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۽ پروگرامن ۾ انهن رپورٽن جا حوالا ڏيندو رهندو آهيان. هن وقت يو اين ڊي پي جي انساني ترقيءَ واري سالياني رپورٽ ۽ گهڻ پاسائين غربت بابت رپورٽ نهايت اهم حوالي طور مڃيون وڃن ٿيون. اهي ٻه رپورٽون انساني ترقي جي اهم اهڃاڻن جهڙوڪ: تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، نيڪال جي سرشتي، آمدني، عورتن جي حالت، توانائي ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين پهچ جهڙن اهم پاسن کي ترقيءَ جي تجزئي جو بنياد بڻائين ٿيون. جيڪڏهن پاڪستان بابت انهن رپورٽن کي غور سان ڏسجي ته انهن ۾ سنڌ جي حوالي سان سياسي ڪيس لاءِ نهايت ڪارائتا انگ اکر ۽ دليل موجود آهن.
سانا جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي انساني ترقيءَ جي صورتحال بابت اهي سڀ پاسا بحث هيٺ آندا ويا. ان لحاظ کان هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي ترقي/ محروميءَ جو هڪ گهڻ پاسائون تجزيو هئي. 2016ع ۾ يو اين ڊي پي پاران پاڪستان ۾ گهڻ پاسائين غربت بابت 116 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي. 2020ع ۾ يو اين ڊي پي پاران ملڪي انساني ترقيءَ واري صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي. 2022ع ۾ ورلڊ بينڪ پاران ملڪ ۾ انساني سرمائي بابت هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وئي. اهي ٽئي رپورٽون سنڌ جي معاشي ۽ سماجي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم دستاويز آهن.
يو اين ڊي پي جي گهڻ پاسائين غربت واري رپورٽ موجب سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 75 سيڪڙو گهراڻا گهڻ پاسائين غربت جو شڪار هئا. ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۽ پختونخوا جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اها شرح ترتيبوار 43.7 سيڪڙو ۽ 57.8 سيڪڙو هئي. بلوچستان جي صورتحال سنڌ کان به بدتر هئي، جتي ٻهراڙين ۾ اها شرح 84.6 سيڪڙو هئي. سنڌ جي جن ضلعن ۾ گهڻ پاسائين غربت گهڻي هئي، انهن ۾ بدين 74.8 سيڪڙو، جيڪب آباد 71.3 سيڪڙو، قمبر- شهدادڪوٽ 72 سيڪڙو، ٽنڊو محمد خان 78.4 سيڪڙو، عمرڪوٽ 84.7 سيڪڙو ۽ ٿرپارڪر 87 سيڪڙو شامل هئا.
ورلڊ بينڪ جي هيومن ڪئپيٽل رپورٽ ۾ سنڌ جي صورتحال کي آفريڪا جي ملڪ نائجيريا سان ڀيٽيو ويو آهي. اهي رپورٽون سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي بدحاليءَ جي تصوير پيش ڪن ٿيون. ياد رهي ته اهي رپورٽون 2022ع واري ٻوڏ جي تباهيءَ کان اڳ وارن انگن اکرن تي ٻڌل آهن. 2022ع واري ٻوڏ سنڌ جي ان بدحاليءَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ کان اڳي به غربت ۽ بدحالي گهٽ ڪانه هئي. مثال طور: سنڌ بيورو آف اسٽيٽڪس جي سالياني رپورٽ موجب: 2017ع ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 60 سيڪڙو گهر ڪچا هئا. ڪيترن ئي ضلعن جي ٻهراڙين ۾ اها شرح بدتر حالت ۾ هئي. مثال طور: بدين جي ٻهراڙين ۾ 80 سيڪڙو، جيڪب آباد ۾ 72 سيڪڙو ۽ ميرپورخاص ۾ 71 سيڪڙو گهر ڪچا هئا. هن ٻوڏ ۾ سنڌ جي 24 ضلعن ۾ 20 لک گهر مڪمل طور يا جزوي طور ڊهي چڪا آهن. سنڌ حڪومت انهن گهرن کي پڪي گهر طور اڏڻ لاءِ رٿا شروع ڪئي آهي پر ان جي رفتار سست آهي. اها رٿا مڪمل ٿيڻ سان انهن گهراڻن کي قدرتي آفتن دوران نقصان کان بچاءُ ميسر ٿيندو.
انساني ترقيءَ جي حوالي سان هڪ اهم شعبو تعليم جو آهي. سنڌ ۾ تعليم جي مجموعي صورتحال گهڻي عرصي کان خراب آهي. اڳي ئي صوبي ۾ 60 لک جي لڳ ڀڳ ٻار اسڪولن کان ٻاهر ٻڌايا ٿا وڃن. مٿان ٻوڏ ۾ سنڌ جي 20 هزار اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو آهي. ٻين لفظن ۾ ته سنڌ گذريل مُني صديءَ ۾ جيترو اسڪولي ڍانچو ٺاهيو هو، ان جو 40 سيڪڙو پٽ پئجي چڪو آهي. ڇوڪرين جي اسڪولن جو ٽيون حصو ٻوڏ جي ور چڙهيو آهي. اڳي ئي رڳو 40 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري ۽ ٽوائليٽ جي سهولت هئي ۽ ٻوڏ ۾ ان جو 70 کان 80 سيڪڙو ڊهي چڪو آهي. تعليم کاتي جي پنهنجي ڪاٿي موجب صوبي جا اهي ڊٺل اسڪول ڇهن ڪمرن جي ڍانچي طور بحال ڪرڻ لاءِ 224 ارب رپيا گهربل آهن. تعليم کاتو صوبي جي بجيٽ ۽ پرڏيهي امداد وسيلي هينئر تائين مس 37 ارب رپين جو بندوبست ڪري سگهيو آهي. صوبي جي تعليم کاتي جي ترقياتي بجيٽ ساليانو مس 16.5 ارب رپيا آهي. ان لحاظ کان ته اهي سمورا اسڪول نئين سر ٺاهڻ ۾ 13 سال لڳي ويندا. اهو به تڏهن، جي اهي سمورا پئسا رڳو ان ڪم لاءِ رکيا وڃن ۽ ٺيڪ طرح سان خرچ ڪيا وڃن. هيءَ ته رڳو اڏاوتي ڍانچي جي ڳالهه آهي. هتي اڃان تعليم جي معيار تي ڳالهه نه ٿي آهي. ان کان به وڌيڪ اهم سوال جيڪو انساني ترقيءَ جي حوالي سان نهايت اهم آهي، اهو تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو سانا ڪانفرنس ۾ ورجائي چوندي رهي ته، “تعليم ڇا لاءِ”.
ساڳي طرح صوبي اندر هڪ هزار کان وڌيڪ صحت مرڪز برساتن ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿي چڪا آهن. انساني ترقيءَ جي اهڃاڻن ۾ عورتن جو ويم دوران موت ۽ نون ڄاول ٻارن جا موت اهم اهڃاڻ آهن. هڪ ڪاٿي موجب، ٻوڏ دوران متاثر ٿيل آباديءَ ۾ رڳو 3 لک، 50 هزار ڳورهاريون عورتون به هيون. انهن عورتن مان ٻوڏ دوران ڪيتريون بچي سگهيون يا ڪيترين جا ٻار جيئرا ڄاوا، اهي انگ به ڪٿان نه پيا ملن. رڳو سال 2023ع ۾ سنڌ ۾ سرڪاري طور مڃيل انگن موجب ساڍا 5 لک ماڻهو مليريا سبب بيمار ٿيا آهن. اصل انگ الائي ڪيترو هوندو.
سڄي صوبي ۾ ڪٿي به پيئڻ جو پاڻي صحت واري عالمي اداري جي معيار مطابق نٿو ملي. ٻوڏن جو پاڻي مهينن تائين بيٺو رهڻ ڪارڻ جر مڪمل طور خراب ٿي چڪو آهي. شهري علائقن ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سهولتن جو حال به خراب آهي. شايد ئي ڪنهن ٽانڪيءَ ۾ پيئڻ جو معياري پاڻي ايندو هجي. ان سبب لکين ماڻهو هر سال اسپتالن ڀيڙا ٿين ٿا. عوامي ترقيءَ سان لاڳاپيل هر شعبي ۾ برباديءَ جا اهڃاڻ آهن. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سماجي سائنس جا شعبا موجود آهن پر انهن مان ڪابه يونيورسٽي سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جي صورتحال بابت ڪا رپورٽ جاري نٿي ڪري.
سانا پاران ڪرايل اها ڪانفرنس سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جي صورتحال بابت ڄاڻ تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي هئي. ان سلسلي کي جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ان ڪانفرنس کان اڳ به سانا آدم ڳڻپ واري معاملي تي ڪانفرنس ڪوٺائي ان معاملي کي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ بحث هيٺ آندو هو. ساڳي طرح ٻوڏ جي اثرن ۽ آفتن کان بچاءُ بابت به سانا نهايت زبردست ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي نمائنده اداري طور سانا آمريڪا توڙي سنڌ ۾ اهم موضوعن تي ڪانفرنسون ڪوٺائي ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي تعليم جي حوالي سان ساکائتن ادارن کي جيڪا مالي واهر فراهم ڪئي آهي، اها نهايت واکاڻ جوڳي آهي.