سنڌ تان ٻوڏ ٽري وئي
روزاني ڪاوش، 23 سيپٽمبر 2025ع
هن سال سنڌ مٿان مها ٻوڏ جي آفت ايندي ايندي ٽري وئي. پنجاب ۾ ٻن هفتن جي تباهيءَ کان پوءِ، ٻوڏ جو پاڻي سيپٽمبر جي وچ ڌاري سنڌ پهتو. گڊو بئراج مان 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ کان وڏو وهڪرو لنگهي ويو، ان کان پوءِ وهڪرو ڪِرندو رهيو آهي. آگسٽ ۾ 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪري وارن ٻن مختصر وڏن چاڙهن کان پوءِ، هن ڀيري 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ جو وهڪرو گڊو ۾ ڪجھ ڏينهن تائين برقرار رهيو. گڊو ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ، بعد ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ به وهڪرو وڌيو. سرڪار موجب ان چاڙھ سبب ڪچي ۾ رهندڙ پوڻا 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو عارضي طور تي بي گهر ٿيا. سنڌ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ جي متوقع خطرناڪ ٻوڏ کان بچي وئي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڪجهه اڳڪٿين شروعات ۾ گڊو ۾ 1.3 ملين ڪيوسڪ کان وڌيڪ جي خطرناڪ ٻوڏ جي خبرداري ڏني هئي پر ان جو درحقيقت ڪو امڪان نه هئو. اڃا تائين سنڌ کان 2022ع جي ٻوڏ جو تصور ڇرڪ ڀرائيندو رهي ٿو. صوبو اڃا تائين ان وڏي آفت مان مڪمل طور تي بحال نه ٿيو آهي. انهيءَ ٻوڏ ۾ ڏيڍ ڪروڙ کن ماڻهو متاثر ٿيا هئا.
سنڌ جي زمين سنوت واري آهي ۽ اتر کان ڏکڻ طرف هر ميل تي رڳو اٺ انچ جي معمولي لاهي آهي. سنڌو درياهه صوبي جي وچ مان وهندو آهي. اهو زراعت سان مالا مال معيشت جو هڪ اهم ذريعو آهي ته ساڳي وقت تباهي واري ٻوڏ جو لنگھ پڻ آهي. سنڌ، سنڌو دريائي سرشتي جي ڊيلٽا ۾ واقع هجڻ ڪري، سنڌو طاس جي جبلن ۽ ميدانن مان وهندڙ سڀني درياهن جي وهڪرن جو آخري لنگھ آهي. ان ڪري ئي، صوبي جي ٽن بئراجن کي وڌ کان وڌ وهڪري جي صلاحيت سان ڊزائين ڪيو ويو هو. سکر ۽ گڊو هڪ ملين ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو محفوظ طور تي نيڪال لاءِ ڊزائين ڪيا ويا هئا. سنڌ جي الهندي پاسي تي کيرٿر ۽ ڪوهه سليمان جبلن مان ايندڙ نئين جي برساتي ٻوڏ جو به شڪار ٿيندي آهي. 2022ع ۾، بلوچستان مان کيرٿر جبلن وٽان ايندڙ نئين، صوبي جي ساڄي پاسي وارن ضلعن ۾ تباهي آندي هئي. 2010ع ۾، گڊو بئراج تي سنڌو درياهه جو وهڪرو اٽڪل 7 لک ڪيوسڪ ٿيڻ جي اميد هئي. پر اهو وهڪرو ڪوهه سليمان رينج مان اوچتو آيل تيز وهڪرن جي ڪري وڌي ويو، جنهن ان کي مها ٻوڏ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ ٻوڏ جو هڪ غير روايتي ذريعو وڏا نيڪال وارا منصوبا پڻ آهن. کاٻي ۽ ساڄي پاسي واريون نيڪال جون اهي سم ناليون واپڊا جي خراب رٿابندي سبب صوبي تي مڙهيل مستقل مصيبت بڻيل آهن. ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جي انهن سم نالين نه رڳو قدرتي پاڻي جي ڪيترن ئي لنگهن کي روڪيو آهي پر انهن جي مکيه چينلز ۽ فيڊر ڊرينز به گھارن پوڻ ۽ اٿلي پوڻ سبب ٻوڏ جو سبب بڻجن ٿيون. ان کان سواء، صوبو اڪثر ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه جهڙن وڏن شهرن ۾ شهري ٻوڏن کي به منهن ڏيندو آهي. شهرن ۾ نيڪال جو نڌڻڪو ۽ اڻپورو نيڪال وارو نظام تيز برساتن دوران انهن شهرن کي ٻوڙي ٿو ڇڏي. صوبي جي اڪثر شهرن ۾ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جي کوٽ آهي ۽ انهن جي نيڪال واري نظام ۾ وڏي برسات کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت به ناهي.
هن سال، سنڌ 2019ع؛ جيان 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ جي هڪ وڏي ٻوڏ جي انديشي هيٺ هئي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران چناب، راوي ۽ ستلج درياهن ۾ ڪيترائي ڀيرا وهڪرا وڌيا ڇو ته ڀارت ۾ لڳاتار وڏي برسات ٿي رهي هئي. ڀارت جا ٽي وڏا ڊيم اڳ ۾ ئي ڀريل هئا، جيڪي هر بارش سان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪري رهيا هئا. ڀارتي پنجاب به هڪ مصيبت جهڙي ٻوڏ واري آفت کي منهن پئي ڏنو نتيجي ۾، پاڪستاني پنجاب جا ميدان به پاڻيءَ اٿلي رهيا هئا. پنجاب جي انتظاميه درياهن جي وهڪرن سان جدوجهد ڪري رهي هئي ۽ اهم انفراسٽرڪچر ۽ وڏي آبادي وارن شهرن کي بچائڻ لاءِ هٿراڌو گھارن جو سهارو وٺي رهي هئي. اڌ درجن کان وڌيڪ هٿراڌو ۽ تيز وهڪرن سبب ٿيل ڪيترين ئي گھارن صوبي جي سوين ڳوٺن ۾ تباهي آندي. جنهن سان 4.5 ملين کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر، فصل، جانور، اناج ۽ اڀرا سڀرا اثاثا وڃائي ويٺا. ٻوڏ سٽيل صوبو هاڻي هن خوفناڪ صدمي مان بحال ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. 4700 کان وڌيڪ ڳوٺن کي سٽڻ کان پوءِ، ٻوڏ جو وهڪرو سنڌ ڏانهن وڌيو. پنجند تي ٻوڏ جي لاٿ کائيندڙ وهڪرن سان سنڌ سُک جو ساهه کنيو، ڇو ته ٻوڏ اڳي مٿي تباهي پکيڙي ساڻي ٿي چڪي هئي. ان جي باوجود گڊو کان ڪوٽڙي بئراج تائين وڏي آباديءَ کي پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. جنهن مهل ٻوڏ پنجاب کي تباهه ڪري رهي هئي، سنڌ جي صوبائي اختيارين کي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت مليو، جنهن دوران احتياطي انتظام ڪيا ويا. اها به ڀاڳ جي ڳالھ چئبي جو هن سال جڏهن وڏي ٻوڏ صوبي جي ويجهو پهتي ته سنڌو درياهه لاٿ ۾ هو ۽ نئين جا وهڪرا به نه لٿا نه ته انهن ٻن ذريعن جا واڌو وهڪرا سنڌ جي بئراجن ۽ بندن جي سگهه کي آزمائي ٿي سگهيا.
سنڌ هڪ خطرناڪ ٻوڏ کان ذري گهٽ بچي وئي. سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي وڏي تاريخ آهي جن مان اسان ڪجھ ناهي سکيو. ڊگهي مدي ۾ سنڌ کي ٻوڏن سان وڙهڻ لاءِ هڪ جامع رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. ڪيمپون ۽ ٻيون امدادي تياريون ته ٻوڏ کان بچاءَ جو نه پر ٻوڏ جي تباهيءَ کان پوءِ جي ردعمل جو حصو هونديون آهن. مجموعي طور سنڌ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ تيار ناهي. قدرتي پاڻي جا لنگھ هاڻي به بند ٿيل آهن، شهري نيڪال جو حال به ساڳي طرح خراب آهي، واهن ۽ شاخن جا بند به ڏٻري حال ۾ آهن ۽ ڪچو غير قانوني زمينداري بندن، فصلن ۽ انساني آبادين جي والار هيٺ آهي. صوبي ۾ ٻوڏ جي آفت سان تباهي پکڙجڻ جا سمورا ڪارڻ جيئن جو تيئن برقرار آهن. ضروري ناهي ته هر ڀيري ٻوڏ ائين ماٺ ميٺ ۾ گذري وڃي.
هڪ گهڙيءَ لاءِ فرض ڪريو ته جيڪڏهن ٻوڏ جو پاڻي پنجاب ۾ نه پکڙجي ها ته چناب، ستلج ۽ راويءَ جا وهڪرا گڏجي پنجند تان هيٺ لهن ها ته گڊوءَ وٽ سپر فلڊ اچي پئي سگهي. 2010ع ۽ 2022ع جون ٻوڏون مختلف هيون، پر انهن هڪ پاسي انفراسٽڪچر جي هيڻي حال کي وائکو ڪيو ته ٻئي پاسي سرڪار جي انتظاميا صلاحيت به کلي سامهون آئي، اهڙين وڏين ٻوڏن کي سنڀالڻ سولو ناهي. پنجاب جيڪو انتظامي طور بهتر صوبو سمجهيو ويندو آهي، ان کان ٻوڏ سنڀالجي نه سگهي ۽ صوبي جو نه رڳو اڏاوتي ڍانچو لڙهي ويو، پر لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا. سنڌ ۾ ته حڪمرانيءَ جو حال به خراب آهي، جڏهن سرڪاري طور پوڻا 2 کان 2 لک آبادي منتقل ٿيڻ جا انگ ڏنا آهن، ته معنيٰ ايتري آبادي ڪچي جي اندر رهندڙ آهي، اڃا ته اها ٻوڏ گڊو وٽ ساڍا 6 لک ۽ سکر وٽ ساڍا 5 لک ڪيوسڪ تائين جي هئي، ته اڃا ڪجهه علائقا لڏپلاڻ کان بچيل به هوندا. ڪچي جي آباديءَ ۽ زرعي ايراضي جا انگ اکر نه ٿا ملن، پر اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ڪچي جي اندر پڪا ڳوٺ ٻڏل آهن، انهن ئي ڏينهن ۾ درياءَ اندر زمينداري بند ٽٽڻ سبب ماڻهن جي فصلن جو متاثر ٿيڻ جون خبرون به اينديون رهيون. اهي غير قانوني والار ڪري زراعت ڪرڻ لاءِ ٺاهيل آهن، اهي ئي درياءَ جي پيٽ اندر رنڊڪون آهن، جيڪي ننڍي ٻوڏ ۾ به وڏي ذيان جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. درياءَ کان ٻاهر قدرتي وهڪرن جي رنڊڪن جو ته ڪاٿو ڪرڻ به مشڪل آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته وڏي وهڪرن کي ٻوڏ جي آفت ۾ به لائڻ جا سمورا ڪارڻ موجود آهن، جيستائين سنڌ ٻوڏ جي ڪارڻن کي پاڙ کان ختم نه ڪندي، ٻوڏ جي تباهڪارين جو انديشو موجود رهندو.