Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

ڇا سنڌي سماج غير سياسي ٿيو آهي؟

 (روزاني ڪاوش، 31 ڊسمبر 2024)

خيالن جا مختلف وهڪرا، ڪنهن به سماج اندر سوچ ۽ لوچ جي زنده هجڻ جو ثبوت هوندا آهن، ان لحاظ کان سنڌ ۾ مختلف معاملن تي هلندڙ بحث هڪ هاڪاري ڳالهه آهن. البته اڪثر معاملن تي بحث ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کي ڇڏي، باقي رايا، دليل ۽ منطق کان آجا، ٽوڪ، ٺٺول، گارگند ۽ فتوابازيءَ تي ٻڌل هوندا آهن، ان رويي سبب سنڌ ۾ بحث طلب معاملن تي سنجيده ڳالهه ٻولهه جا دروازا سوڙها ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي گهڻائي جيڪا ٻولي ۽ لهجو استعمال ڪري ٿي، ان سان ترقي، ڪلچر، تعليم سياسي مسئلن سميت انتهائي اهم مسئلن تي ڪوبه سنجيده ماڻهو راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ لڳو آهي.

ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ اهم موضوع بحث هيٺ آيو، پر اهو سطحي جملي بازيءَ سبب اڳتي نه وڌي سگهيو. سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي ميلن بابت بحث دوران اها راءِ نظر آئي ته اهي ميلا سنڌ کي غير سياسي (Depoliticize) ڪري رهيا آهن، ڪجهه تنقيد ڪندڙ انهن ميلن جي شفافيت، موضوعن جي چونڊ، ويهڪن ۾ ڳالهائيندڙن جي چونڊ ۽ نوجوانن جي شرڪت بابت به مختلف رايا ڏنا، اهي پاسا ضرور بحث هيٺ اچڻ گهرجن، ته جيئن انهن پروگرامن جي ڪارج بابت سمجهه ۾ چٽائي اچي ۽ انهن ۾ سڌارا آڻي انهن کي بهتر بڻائي سگهجي. البته اهڙو سنجيده موضوع هلڪڙائپ واري لفاظيءَ جي ور چڙهي ويو آهي، ڪجهه وقت اڳ اها راءِ به عام هئي ته اين جي اوز سماج کي غير سياسي ڪري ڇڏيو آهي، عام طور تي اسان وٽ جڏهن ڪا راءِ عام ٿيندي آهي ته ان بابت گهڻي ڄاڻ وٺڻ يا ان بابت حقيقتون ڄاڻڻ کان سواءِ اهڙن راين کي هر ڪو ئي اچارڻ لڳندو آهي، وقت سان گڏ پروپگينڊا جي نتيجي ۾ اهڙو ماحول جڙي ويندو آهي، جو ان پاپولر ٿيل راءِ جي ابتڙ ڪا ٻي راءِ رکڻ ذري گهٽ ڪفر جهڙو ڏوهه ٿي ويندو آهي. اين جي اوز جو ڪردار، ادبي/ ثقافتي ميلا ٿرڪول جون رٿائون، بحريا ٽائون، ثقافتي ڏهاڙي جهڙن موضوعن تي هاڻي پاپولر بيانيي کان سواءِ ٻي ڪابه راءِ رکڻ، پاڻ تي لفظن جو پٿراءُ ڪرائڻ برابر ٿي پيو آهي، اهو رويو سماج جي فڪري اوسر لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي.

حقيقت ۾ سنڌي سماج ويجهڙن وارن ڏهاڪن ۾ جنهن گهاڙيٽي جي تبديليءَ مان گذريو آهي ۽ ٽيڪنالاجي توڙي ڄاڻ تائين پهچ جي ذريعن سبب سوچ جا جيڪي نوان ٽڪراءَ پيدا ٿيا آهن، انهن سنڌ ۾ سياسي توڙي سماجي ادارن لاءِ نوان سوال پيدا ڪيا آهن، سياسي عمل ۽ ادارا هڪ وڏي ڀڃ ڊاهه مان گذري رهيا آهن. وقت آهر تبديل نه ٿيڻ سب انهن ادارتي جمود ۽ رياست جي سختين سبب سياسي عمل ڪمزور ٿيو آهي. سنڌي سماج ۾ سياسي عمل بند نه پر ڪمزور ٿيو آهي ۽ ان جا ڪارڻ نهايت گهڻ پاساوان آهن. انهن جو گهرو ڇيد ڪرڻ بدران سمورو بار اين جي اوز ۽ ادبي ميلن تي وجهڻ سان سنڌ جي سياسي عمل جي ڪمزور ٿيڻ جو درست سائنسي تجزيو نه ٿي سگهندو.

سنڌ ۾ هاڻوڪي بيهڪ وارين ڊونر فنڊ تي هلندڙ اين جي اوز جي شروعات 90ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي، ان کان اڳ سگا، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ سڪ پريت جهڙيون رضاڪاراڻيون تنظيمون هونديون هيون. 80ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌي ميڊيا ۾ نوان لاڙا اڀريا، انهن ئي ورهين ۾ کاٻيءَ ڌر جي هلچل ڪمزور ٿي، انهن ورهين ۾ سياسي تنظيمن جي ڪيترن ئي ڪارڪنن سياست کان پاسيرو ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا ۽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 2000ع جي ڏهاڪي تائين اين جي اوز شعبي ۾ ملين ڊالرز فنڊنگ وارا پراجيڪٽ ان کان پوءِ آيا. جيڪڏهن ان دور جي فنڊنگ جو جائزو وٺبو ته ملڪ ۾ ڊونرز جي مجموعي فنڊنگ جو سنڌ ۾ ڏهه پندرنهن سيڪڙو به مس ايند هو، ڇو ته سياسي اوليتن سبب ڊونرز جي دلچسپي پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ هئي. يو ايس ايڊ ۽ برطانوي/ يورپي ڊونرز جو سمورو زور انهن ٻن صوبن ۾ هو. 2010ع جي ٻوڏ وقت ڪجهه سالن تائين سنڌ ۾ فنڊنگ آئي، ان سموري عرصي دوران اين جي اوز جي اڀار ۽ فنڊنگ جي باوجود سنڌ ۾ سياسي عمل سگهارو رهيو. ڪالا باغ ڊيم، ٿل ڪئنال وارين رٿائن خلاف مضبوط سياسي تحريڪون انهن ورهين ۾ هليون ۽ اين جي اوز نه رڳو ان سياسي عمل کي ڪمزور ڪيو، بلڪه انهن کي هٿي ڏني. مثال طور ڪالا باغ ڊيم خلاف انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي تباهيءَ واري سموري ڊيٽا ۽ دليل بين الاقوامي اين جي اوز ڊبليو ڊبليو ايف (WWF) ۽ آءِ يو سي اين (ICUN) جي تحقيقي رپورٽن مان ملندي هئي. سنڌ ۾ عورتن خلاف تشدد، ڪاروڪاري، انساني حقن جي لتاڙ ۽ غربت بابت اهم انگ اکر ۽ دليل آڪسيفم، ايڪشن ايڊ، هيومن رائٽيس ڪميشن ۽ شرڪت گاهه جي رپورٽن مان ملندا هئا. انهن اهم موضوعن تي ايڊووڪيسي به انهن تنظيمن جي رٿائن مان ٿي. مهاڻن جي حقن، چوٽياري ڊيم، ايل بي او ڊي رٿا ۽ منڇر جي ماحولياتي تباهيءَ بابت عوامي راءِ ٺاهڻ لاءِ فني تحقيق، انگ اکر ۽ دليل ايڪشن ايڊ، ليڊ پاڪستان، ايس ڊي پي آءِ ۽ آڪسيفم جي تحقيقي رپورٽن مان ملندا هئا. انهن ئي ادارن جي سکيا وارين ويهڪن مان ڪيترن ئي سنڌي صحافين انساني حقن، عورتن جي حقن ۽ ماحولياتي معاملن جي پروفيشنل رپورٽنگ جي تربيت ورتي. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ تعليم جي خراب صورتحال جا انگ اکر الف اعلان ۽ اَسر (ASER) جي رپورٽن وسيلي سامهون آيا.

سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترين ئي اين جي اوز ڪالا باغ ڊيم، ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، منڇر ڍنڍ تي عوامي موقف تي ٻڌل وڏا سيمينار ڪرايا، جن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سياسي اڳواڻ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ سڏايا ويندا هئا. سنڌ ۾ ڪيترين ئي اين جي اوز جي آفيسن ۾ سياسي تنظيمن جون گڏجاڻيون به ٿينديون هيون. باقي ملڪ جي ابتڙ سنڌ ۾ اين جي اوز حقيقت ۾ سياسي عمل ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيل رهيون.

2011ع ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف زبردست سياسي تحريڪ هلي، ان کان سواءِ مشرف جي دور ۽ پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ جاڙن ٻيٽن جي حوالي سان سگهاريون سياسي تحريڪون هليون. ان سڄي عرصي دوران سنڌ ۾ اين جي اوز کي ڪم ڪندي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو هو، پر سياسي عمل ڪمزور نه ٿيو هو. هن وقت به سنڌ ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ کان مٿي جي بجيٽ رکندڙ اين جي اوز شايد هڪ ڊزن به نه هونديون، اين جي اوز ايڏيون سگهاريون ناهن، نه انهن وٽ ڪي ايڏا اعليٰ دماغ ڪم ٿا ڪن، جو سازشون ڪري سياسي عمل کي ڪمزور ڪري سگهن. باقي اين جي اوز جي شعبي ۾ ٻيون جيڪي به خرابيون آهن، اهي سماج جي ٻين ادارن جيان ئي آهن، ڪرپشن، پنهنجا نوازي، ميرٽ جي ڀڃڪڙي وغيره سنڌ توڙي سموري ملڪ جي اين جي اوز ۾ ائين ئي آهي، جيئن سرڪاري شعبي يا ڪاروبارن ۾ ٿئي ٿو. اين جي اوز جي ڪارڪردگيءَ ۽ ڪردار تي تنقيد ۽ پڇاڻو باقي ادارن جيان ٿيڻ گهرجي، باقي اين جي اوز هٿان سنڌ ۾ سياست ڪمزور ٿيڻ وارو دليل مون کي سگهارو نه ٿو لڳي.

ساڳيءَ طرح ادبي ميلن جي عمر به وڌ ۾ وڌ ڏهه ٻارنهن سال هوندي. سڄيءَ سنڌ ۾ هر سال شايد ڏهه ٻارنهن ادبي ميلا ٿيندا هوندا، انهن جي ڪل بجيٽ به ڇيهه ٿيندو ته ويهه پنجويهه ڪروڙ ئي بيهندي، انهن ميلن جي رفتار ۽ ان تي خرچ ٿيندڙ رقم ايڏي به غير معمولي ناهي، جو سياست جي سماج ۾ کتل پاڙن کي ڪمزور ڪري سگهن.

انهن پروگرامن ۾ ڪيترين ئي وهيڪن ۾ ته سياسي مسئلن بابت کليل ڳالهه ٻول ٿيندي رهندي آهي. ڪيترائي ماڻهو اتي سرڪار جي پاليسين خلاف کلي ڳالهه به ڪن ٿا. مان پاڻ انهن پروگرامن ۾ سرڪار توڙي رياست جي پاليسين تي بنا ڍڪ رکڻ جي ڳالهائيندو رهيو آهيان. ممڪن آهي، ته ڪي اسپيڪرز حڪومت جي حق ۾ به ڳالهائيندا هجن، پر انهن کي به پنهنجو موقف رکڻ جو حق ملڻ گهرجي. جواب ۾ ان موقف کي دليلن سان رد ڪرڻ لاءِ ميدان کليل آهي، مون کي نه ٿو لڳي ته سياسي عمل کي اهي درجن کن ميلا ڪمزور ڪري سگهيا هجن.

البته اهي عوامي ٽيڪسز مان ٿيندڙ پروگرام آهن، جن جي ڪمزور پاسن تي ڳالهائڻ ۽ انهن کي بهتر ڪرڻ جي مطالبي ۾ ڪابه خرابي ناهي. انهن پروگرامن جي فنڊنگ لاءِ گهربل معيار، چٽا ڀيٽي، موضوعن ۽ ڳالهائيندڙن جي چونڊ يا فارميٽ تي ضرور بحث ٿيڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح جن دوستن جو خيال آهي ته سرڪاري فنڊن تي ٿيندڙ ميلا سرڪاري موقف جي حمايت ۽ سندن حامين جو قد وڌائڻ لاءِ ٿي رهيا آهن، انهن کي گهرجي ته هنن ميلن جي متبادل ماڊل تي ڪا اڳڀرائي ڪن. اهڙن سمورن دوستن کي گڏجي سال ۾ هڪ ٻه اهڙا پروگرام ڪرڻ گهرجن، جيڪي سرڪاري فنڊنگ بدران هڙان وڙان ڪجن ۽ ماڳن تي شاميانو هڻي اهڙا پروگرام ڪجن، جن ۾ هر ان موضع تي ڳالهه ٻولهه ٿئي، جن بابت خيال آهي ته سرڪاري فنڊنگ وارن ميلن ۾ نه ٿي ڪئي وڃي. اهڙا هڪ ٻه پروگرام ڪرڻ سان عوام وٽ ادبي ميلن جو هڪ متبادل ماڊل به مهيا ٿي ويندو ۽ ممڪن آهي ته اهي پروگرام ڪمزور ٿيل عمل کي به سهگارو ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن.

منهنجي خيال ۾ سنڌ اندر انتهاپسنديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ان قسم جا عوامي ميڙاڪا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اهي جنهن به ماڊل هيٺ ٿين، پر ٿيندا ضرور رهن. باقي جيستائين سنڌ ۾ سياسي عمل جي ڪمزور ٿيڻ يا سماج جي غير سياسي ٿيڻ جو تعلق آهي، ان جي ٻين اهم ڪارڻن تي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي. قيادتن جو ڪردار، تنظيمن جي ڀڃ ڊاهه، سرڪاري سگهه جي استعمال، وچولي طبقي جي روين، سماجي ڀڃ ڊاهه سياست ۾ ڏوهه، ڪرپشن ۽ موقعي پرستيءَ جي زهر پکڙجڻ، پيپلز پارٽيءَ جي سياست، قومپرستن جي نه گڏجڻ، غلط ڌرين سان اتحاد ڪرڻ ۽ قيادت جي ساک جهڙن داخلي ۽ خارجي مسئلن جو به جائزو وٺڻ گهرجي، ته جيئن سنڌ جي سياسي عمل بابت منطق ۽ دليل وسيلي راءِ ٺهي سگهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ کي هڪ مضبوط سياسي عمل جي ضرورت آهي، ادبي ميلا، سول سوسائٽي جا ميڙاڪا، ميڊيا جا مضمون ۽ سوشل ميڊيا جا بحث سياسي عمل جو متبادل ناهن. انهن سڀني جو ڪردار سياسي عمل کي هٿي ڏيڻ آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي، ته سياسي تنظيمون ۽ قيادتون عوام کي اڳواڻي ڏين، تازو ڊاڪٽر شاهنواز قتل واري معاملي تي سياسي تنظيمن جي اڳواڻن جو رويو سياسي عمل کي سگهارو يا ڪمزور ڪندو، ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. آدم ڳڻپ جي نتيجن جو ڦٻي وڃڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جن معاملن تي سياسي تنظيمون ۽ قيادتون چٽو موقف رکي بيهن ٿيون، عوام کين ڀرپور موٽ ڏئي ٿو. جيڪڏهن سنڌ ميلن ۽ اين جي اوز جي پروجيڪٽن سبب غير سياسي ٿيل هجي ها ته نون واهن ۽ ارسا ترميمي ايڪٽ خلاف عوام سياسي پارٽين کي اها موٽ نه ڏئي ها، جيڪا هينئر کين ملي رهي آهي. حقيقت ۾ سياسي عمل کي نين تقاضائن سان ٺهڪائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ توڙي ملڪ ۾ گهڻو بدلجي چڪو آهي، سياسي تنظيمن، اڳواڻن ۽ جدوجهد جي طريقن کي به بدلائڻ جي ضرورت آهي.

انهن سمورن موضوعن ۽ معاملن تي بحث کي سنجيده روين جي ضرروت آهي، سطحي لفاظي، بدزباني يا هلڪڙائپ وارن طريقن سان وقتي واهه واهه ته ملي ويندي، پر سماج کي دڳ ڏيڻ وارو ڪم نه ٿي سگهندو. مختلف راين کي جيترو مهذب نموني دليل جي سگهه سان اڳيان آڻبو، اوترو ئي اهي اثرائتا ثابت ٿيندا.