سنڌ جو آبي آئيندو
(روزاني ڪاوش، 25 مارچ 2025ع)
حڪمرانن جنهن وقت نوان واهه ٺاهڻ جا اعلان ڪيا آهن، ان وقت سڄو ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبو تاريخ جي هڪ بدترين سوڪهڙي واري حالت مان گذري رهيو آهي. موسميات کاتي پاران 24 مارچ تي جاري ڪيل سوڪهڙي جي هڪ تازي الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته پهرين سيپٽمبر 2024ع کان 21 مارچ 2025ع جي وچ ۾ ملڪ ۾ مجموعي طور 40 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 62 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي، بلوچستان ۾ 52 سيڪڙو، جڏهن ته پنجاب ۾ 38 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي. سنڌ جا 15 ضلعا، بلوچستان جا 11 ۽ پنجاب جا 3 ضلعا سوڪهڙي جو شڪار ڄاڻايا ويا آهن. الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لڳاتار مينهن جي کوٽ سبب ايندڙ مهينن ۾ Flash Drought (اهڙو سوڪهڙو جنهن ۾ بارشون گهٽ وسڻ سان گڏ گرمي پد ۾ غيرمعمولي واڌ اچي ۽ مٽيءَ مان پاڻياٺ سُڪي وڃي) جو انديشو آهي.
24هين مارچ جي ڏهاڙي جي انگن اکرن موجب تربيلا ڊيم هفتي کن کان عملي طور خالي ٿي چڪو آهي، ۽ ان ۾ رڳو 16 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. 1991ع جي پاڻي ٺاهه موجب ان ڏينهن تي سکر بئراج تي بلوچستان جو حصو ملائي لڳ ڀڳ 29 هزار ڪيوسڪ پاڻي واهن ۾ وهڻ گهرجي، اتي رڳو 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ ضرورت مطابق 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، ڇو ته اتان ئي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد شهرن لاءِ پڻ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. مجموعي طور تي مارچ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ سنڌ کي 36720 ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو آهي، پر ان جي ابتڙ اڌ کان به گهٽ يعني 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
گذريل آڪٽوبر مهيني کان ملڪ ۾ سوڪهڙو هلي رهيو آهي، ڇو ته فيبروريءَ تائين مينهن ۽ برف باري نه هجڻ برابر ٿي هئي، نتيجي ۾ تربيلا ۽ چشما ڊيم خالي ٿي چڪا آهن، ۽ منگلا ڊيم ۾ به تمام ٿورو پاڻي وڃي بچيو آهي. هيءَ صورتحال ايندڙ ورهين دوران پاڻيءَ جي بحران جو قدرتي چتاءُ آهي.
22هين مارچ تي پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ (World Water Development Report 2025) ۾ ڄاڻايو ويو ته دنيا ۾ برفاني جبل (گليشيئرز) تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، دنيا جي 25 ملڪن ۾ پاڻيءَ جا وسيلا تمام وڏي دٻاءَ هيٺ آيل آهن، ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته دنيا جا چار ارب انسان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هي اهم دستاويز پڙهڻ سان سنڌو درياهه جي آبي آئيندي بابت نوان سوال ڪر کڻن ٿا. سنڌو درياهه ۾ پاڻي تبت جي هندوڪش، هماليا جبلن مان ايندو آهي، ان جابلو سلسلي ۾ هڪ لک چورس ڪلو ميٽرن تي گليشيئرز موجود آهن، ان ڪري هن پهاڙي سلسلي کي ايشيا جو واٽر ٽاور (پاڻيءَ جو مينار) به ڪوٺيو ويندو آهي، ان مان ڏهه وڏا درياهه نڪرن ٿا، جن تي ٻه ارب انسانن جو جياپو آهي. موسمياتي تبديليءَ جي ڪري اهي برفاني جبل خطرناڪ رفتار سان ڳرڻ لڳا آهن، گذريل ڏهاڪي دوران اهي ان کان پٺئين ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ 65 سيڪڙو وڌيڪ تيزيءَ سان ڳريا آهن. سائنسدان چون ٿا ته انهن برفاني جبلن جي ڳرڻ جي رفتار دنيا جي سمورن گليشيئرز کان وڌيڪ تيز آهي. ان ڪري ڊگهي مدي ۾ انهن گليشيئرز مان پاڻي گهٽ ايندو ۽ انهن تي دارو مدار رکندڙ علائقن ۾ سوڪهڙي جو انديشو آهي.
سنڌو طاس (انڊس بيسن) مان چئن ملڪن (پاڪستان 61 سيڪڙو، ڀارت 29 سيڪڙو ۽ باقي چين ۽ افغانستان) کي پاڻي ملي ٿو. انهن ملڪن جا درياهه گليشيئرز رجڻ سان پاڻي حاصل ڪن ٿا. سنڌو طاس کي پاڻي ڏيندڙ گليشيئرز لڳ ڀڳ 21 هزار چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهن. سنڌو درياهه ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ وهڪرا گليشيئرز ۽ موسمي برف جي ڳرڻ سان پيدا ٿين ٿا. پاڪستان جي دريائي علائقي کي پاڻي فراهم ڪندڙ گليشيئرز 15 هزار چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهن. تربيلا وٽ ايندڙ پاڻيءَ جي 85 سيڪڙو پاڻي برف رجڻ سان پيدا ٿئي ٿو، جيئن جيئن اهي برفاني جبل وڌندڙ گرميءَ پد سان ڳرڻ لڳندا، ڪجهه شروعاتي وڏن وهڪرن کان پوءِ درياهن ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳندو، آبي سائنس جا ماهر ڪيترين ئي تحقيقي رپورٽن ۾ اهو چتاءُ ڏيندا پيا اچن ته سنڌو درياهه ۾ ايندڙ ڏهاڪن دوران پاڻي گهٽجندو رهندو.
آگسٽ 2024ع ۾ انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ IWMI)) ۽ يونائٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (USAID) پاران ڪوٺايل هڪ ڪانفرنس ۾ ماهرن چيو ته جيڪڏهن برفاني جبل ان رفتار سان ڳرندا رهيا ته 2050ع تائين سنڌو درياهه هڪ موسمي درياهه ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. 1859ع ۾ اپر باري دوآب ڪئنال راوي نديءَ جي ماڌوپور هيڊورڪس وٽ ٺاهي، انڊس رور سسٽم مٿان جديد آبپاشي نظام جي شروعات ڪئي وئي، 1849ع ۾ سکن کي شڪست ڏئي پنجاب تي قبضو ڪندڙ انگريزن اهو واهه سکن جي هارايل فوجين کي ڪرت سان لڳائڻ لاءِ کوٽايو ته جيئن اهي انگريزن لاءِ مٿي جو سور بڻجن بدران زراعت ۾ مصروف ٿي گذر سفر ڪندا رهن. اهو واهه گرداسپور، امرتسر ۽ لاهور جي علائقن کي آبپاشيءَ لاءِ پاڻي فراهم ڪندو هو.
اڳتي هلي 1905ع ۾ ٽرپل ڪئنال پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي وئي، جنهن هيٺ جهلم، چناب ۽ راوي ندين جو پاڻي ٽن لنڪ واهن (اپر جهلم ڪئنال، اپر چناب ڪئنال ۽ لوئر باري دوآب ڪئنال) وسيلي گڏايو ويو. 1915ع ۾ اهي واهه مڪمل ڪيا ويا، ان وقت بمبئي پريزيڊنسيءَ جي انتظام هيٺ سنڌ سرڪار اعتراض واريو ته پنجاب ۾ اهڙيون رٿائون شروع ڪرڻ سان سنڌ جي اٿل واهن جو پاڻي گهٽجندو. ياد رهي ته ان وقت تائين سنڌ ۾ جديد آبپاشي بئراج نظام شروع نه ٿيو هو ۽ سنڌ ۾ اٿل واهن تي آبادي ٿيندي هئي.
ان کان پوءِ (1933-1921ع) ستلج ويلي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو، اها تمام وڏي رٿا هئي، جنهن هيٺ چار بئراج فيروزپور، سليمانڪي، اسلام ۽ پنجند تعمير ڪيا ويا، انهن بئراجن مان 11 واهه کوٽيا ويا. 1880ع کان 1947ع وچ ۾ پنجاب اندر ٽو ڪئنال ڪالونيز تعمير ڪري لکين ايڪڙ زمين آباد ڪئي وئي، ان وقت به سنڌ دانهن ڪئي هئي ته ايڏي وڏي مقدار ۾ پاڻي ورهائڻ سان سنڌو نديءَ ڏانهن ايندڙ وهڪرا گهٽجي ويندا. حويلي پراجيڪٽ 1939ع ۾ مڪمل ٿيو. ان رٿا هيٺ جهلم ۽ چناب جو پاڻي راويءَ تائين پهچائي 15 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويئي. ان کان پوءِ 1960ع ۾ سنڌو طاس ٺاهه هيٺ جڏهن پاڪستان ٽي اوڀرنديون نديون ڀارت حوالي ڪيون ته سنڌوءَ مان انهن ندين تي ٿيندڙ آبپاشيءَ لاءِ اٺن لنڪ واهن جو ڄار وڇايو ويو، ان جي نتيجي ۾ سنڌو دريائي سرشتي مان پاڻيءَ جو تمام وڏو مقدار پنجاب ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ائين لڳاتار سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو پنجند وٽان سنڌ ۾ ايندڙ وهڪرو گهٽجي ويو.
هينئر تائين مجموعي طور سنڌو دريائي سرشتي مٿان 23 بئراج/ هيڊورڪس، 12 لنڪ واهه ۽ 45 مکيه واهه ٺهي چڪا آهن. ان جي نتيجي ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ ويندڙ 150 کان 200 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽجي اٺ کان ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ وڃي بچيو آهي. 1885ع کان 1947ع تائين پنجاب ۾ واهن تي آباد ٿيندڙ زمين 30 لک ايڪڙن مان وڌي هڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙن تائين پهچي چڪي آهي، اها زمين ان عرصي دوران ٺاهيل ٽو ڪئنال ڪالونيز هيٺ آباد ڪئي وئي، اهي ڪئنال ڪالونيون ٻن درياهن وچ ۾ دوآبن جي پوٺن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ويون، جن وسيلي 1857ع ۾ جنگ آزادي ۽ ٻن عالمي جنگين دوران برطانوي سامراج سان وفاداري ڏيکاريندڙ پنجاب جي فوجين کي آباد ڪيو ويو. ائين پنجاب جي زرعي ترقيءَ لاءِ گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌو دريائي سرشتي جو پاڻي استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان وچ ۾ سنڌ ۾ به ٽي بئراج ۽ 14 مکيه واهه ٺهيا آهن. دريائي سرشتي تي ايڏي وڏي آبادي ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ پاڻي عملي طور ختم ٿي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ هاڻي وڌيڪ ڊيم، بئراج يا واهه کوٽڻ جي گنجائش ناهي رهي. مٿان ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سبب گليشيئرز ختم ٿي رهيا آهن. ان صورتحال ۾ سنڌو درياهه ۾ ڏينهون ڏينهن پاڻي گهٽجندو ويندو، ملڪي سطح تي آبپاشي ۽ زراعت جي سڄي نظام کي نئين سر رٿڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي تهذيبي وجود سان گڏ ان جي معيشت ۽ غذائي تحفظ جو سمورو دارومدار سنڌو درياهه سان سلهاڙيل آهي. سنڌ کي ان صورتحال ۾ پاڻيءَ جي ذميواراڻي استعمال لاءِ بروقت تياريءَ جي ضرورت آهي، هاڻوڪن طور طريقن سان سنڌ لاءِ ايندڙ ڏهاڪا سخت پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻجندا، جنهن سبب سنڌ جو آبي آئيندو سواليه نشان هيٺ آهي!