Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

سنڌ جو ٻڏي ويل آئيندو

روزاني پنهنجي اخبار، 27 ڊسمبر 2022ع

هن سال ٻوڏ سنڌ ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي، ان جي مختلف پاسن تي دانهن ڪوڪ ۽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي پر تعليم کي پهتل نقصان تي تمام گهٽ ڳالهه ٿي آهي. گهرن، روڊن رستن، روزگار جيان تعليم جو معاملو به ايترو ئي ڳنڀير ۽ اهم آهي پر اهو ظاهر ڪنهن جي اوليتن ۾ نه پيو نظر اچي.

                 تعليم کاتي جي پنهنجي انگن اکرن موجب لڳ ڀڳ 8000 اسڪولن جون عمارتون پٽ پئجي ويون آهن جڏهن ته 12664 اسڪولي عمارتن کي نقصان پهتو آهي. مزي جي ڳالهه ته تعليم واري وزير سنڌ اسيمبلي ۾ ڏنل پاليسي بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته ان مينهن ۽ ٻوڏ ۾ برطانوي دور جي اڏيل 1339 عمارتن کي نقصان ناهي پهتو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته برطانوي دور ۾ تعمير ٿيل اسڪول اڏاوت جي معيار توڙي بيهڪ جي لحاظ کان ٻوڏ کان بچاءَ وارن قاعدن تي ٺهيل هئا. نقصان پهتل اسڪولن ۾ 2294 نياڻين جا اسڪول به شامل آهن، معنيٰ ته صوبي جي ڪل گرلز اسڪولن (6685) جو 35 سيڪڙو عمارتون هن وقت استعمال جوڳيون ناهن رهيون. سنڌ ۾ عورتن جي خواندگي اڳي ئي تمام گهٽ يعني 23 سيڪڙو آهي. ان جي معنيٰ ٿي ته صوبي جي هر چئن عورتن مان ٽي اڻ پڙهيل آهن. جيڪڏهن شهرن جي آبادي الڳ ڳڻجي ته ٻهراڙين ۾ اهو سيڪڙو اڃا به گهٽ وڃي بيهندو. ان حالت ۾ جيڪڏهن نياڻين جا 35 سيڪڙو سرڪاري اسڪول استعمال جوڳا نه رهن ته نياڻين جي تعليم کي سخت نقصان پهچندو. ان کان سواءِ 7745 اسڪولن جي چوديواري پٽ پئجي چڪي آهي، جڏهن ته 11747 اسڪولن جي چوديواريءَ کي نقصان پهتو آهي. سنڌ جي جيترن اسڪولن کي چوديواريون ڏنل هيون. ان جي 72 سيڪڙو کي نقصان پهتل آهي. ساڳي طرح اسڪولن جا 10566 ٽوائليٽس مڪمل طور ختم ٿيا آهن، جڏهن ته 13584 کي نقصان پهتو آهي. ٻوڏ کان اڳ 29634 اسڪولن کي ٽوائليٽ جي سهولت هئي. ان جو مطلت ته 81.5 سيڪڙو ٽوائليٽس ناڪاره ٿي چڪا آهن. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ خاص طور تي نياڻين جي اسڪولن ۾ داخلا ۽ حاضري لاءِ چوديواري ۽ ٽوائليٽس تمام اهم سهولت هوندا آهن.

انهن سمورن انگن اکرن کي اڳيان رکجي ته نتيجو اهو ٿو نڪري ته سنڌ 75 ورهين ۾ جيڪو اسڪولي ڍانچو تعمير ڪيو هو، ان جو اڌو اڌ ختم يا ناڪاره ٿي چڪو آهي. سرڪاري انگن موجب 23 لک ٻار انهن اسڪولن کي پهتل نقصان سبب تعليم کان وانجهيل آهن. سنڌ ۾ اڳي ئي اسڪولي عمر جا اٽڪل 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هي سمورا انگ هڪ ڊيڄاريندڙ تصوير پيش ڪن ٿا. اها حالت سنڌ جي آئيندي بابت نهايت ڳڻتي جوڳي صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿي.

ظاهر آهي ته ايڏي وڏي انگ ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي مرمت ۽ نئين سر اڏاوت لاءِ لڳ ڀڳ سوا کان ڏيڍ سئو ارب رپيا گهربل آهن. جيڪي ويجهي مدي ۾ مهيا ٿيندي نظر نه ٿا اچن. حڪومت جا پنهنجا وسيلا گهڻو ڪري پگهارن ۽ انتظامي خرچن ۾ پورا ٿي وڃن ٿا. ترقياتي فنڊ ته بنهه اڻپورا آهن. ان حالت ۾ گهڻي ڀاڱي اهي اسڪول ويجهي مدي ۾ بحال ٿيندي نظر نه ٿا اچن. اڳي ئي گذريل ٻن سالن دوران ڪووڊ سبب سنڌ جي تعليم کي وڏو هاڃو رسيل آهي. مٿان وري هن تباهيءَ کان پوءِ ته سنڌ جو تعليمي مستقبل بنهه لوڏن ۾ نظر اچي رهيو آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ڪنهن به حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي. حڪومت، سول سوسائٽي ۽ عوام کي سنڌ جو تعليمي آئيندو بچائڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. تعليم کاتي کي گهرجي سنڌ جي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مشاورتي ميڙاڪا ڪري گڏيل صلاح سان ان صورتحال بابت ڪا حڪمت عملي جوڙي ڊونر ادارن، سرندي وارن، اين جي اوز توڙي والدين سان ان بابت ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت وٽ سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن جو ڪامياب ماڊل به موجود آهي. ان اداري هيٺ هلندڙ اسڪولن تي سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ٽيون حصو خرچ اچي ٿو. ان اداري جو ڄار هنگامي بنيادن تي پکيڙي ٻن ٽن سالن لاءِ ٻوڏ ستايل علائقن ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪئي وڃي. ساڳي طرح شهري ۽ نيم شهري علائقن ۾ جيڪي اسڪول ٻوڏ کان بچي ويا آهن انهن ۾ ٻه شفٽون ڪري متاثر ٿيل اسڪولن جي ٻارن کي شام جي وقت پڙهايو وڃي. جن ڳوٺن ۾ ٻي ڪا عمارت ناهي اتي مسجد، اوطاق ۽ ڪميونٽي جي گهرن جا ڪمرا استعمال ڪري اسڪول بحال ڪيا وڃن. جيڪڏهن سرڪار ڪميونٽي کي اسڪول لاءِ ڪمرو مهيا ڪرڻ تي ڪجهه مسواڙ به ڏئي ته ٻوڏ سٽيل ماڻهن مان هزارين گهراڻن جي ٿوري گهڻي آمدني به ٿي پوندي. يونيسيف، يونيسڪو ۽ ٻين ادارن جي واهر سان انهن اسڪولن کي بنيادي سامان به فراهم ڪرائي سگهجي ٿو.

اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن هر متاثر ٿيل اسڪول ۽ ڳوٺ جي سطح تي عارضي اسڪولن لاءِ جامع رٿابندي ڪئي وڃي. مناسب ٿيندو ته اهو ڪم سول سوسائٽي جي ساکائتن ادارن کان ڪرايو وڃي جنهن ۾ تعليم کاتي جي به واهر شامل هجي. سنڌ ۾ تعليم کي بچائڻ ۽ بحال ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي.