Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

سنڌ جا وسيلا

سنڌ جي وسيلن جي نيلاميءَ جي ڪٿا

(روزاني ڪاوش، 9 جنوري 2025ع)

هيٺ سنڌ ۾ صوبي جون زمينون، سياحتي ماڳ ۽ معدني وسيلا اسپيشل انوسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل هيٺ گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو حوالي ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، ان ڏس ۾ گهڻو زور سنڌ اندر ڪارپوريٽو فارمنگ لاءِ زمين حاصل ڪرڻ تي آهي، اها زمين ڪيئن آباد ٿيندي، ان لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو، اها زمين ڪهڙن شرطن تي حوالي ڪئي پئي وڃي؟ ان بابت تمام گهٽ ڄاڻ موجود آهي. صوبي جي وسيلن جي اها نيلامي جيڪڏهن ڄام صادق، ارباب، غلام رحيم يا عمران خان جي حڪومتن ۾ ٿئي ها ته پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن جي چيمپئن ٿي اڳين صف ۾ احتجاج ڪري رهي هجي ها، پر هاڻي سنڌ جي وسيلن کي اقتدار جي خاطر خانگي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جو ڪڌو ڪم پيپلز پارٽي پاڻ ڪري رهي آهي.

ملڪ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪهاڻي نئين ناهي، مشرف جي حڪومت ۾ 19 جون 2002ع تي وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ پاليسيءَ جي منظوري ڏني، ان پاليسيءَ هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک ڊالرن جي سڙپڪاريءَ تي پرڏيهي ڪمپنين کي سٺ سيڪڙو ڀائيواريءَ جي اجازت ڏني وئي. ان دور ۾ ڳالهيون هليون، ته چين کي نوان ٻج متعارف ڪرائڻ لاءِ ٻه هزار ايڪڙ زمين ڏني ويندي. پنجاب جي زراعت واري وزير چيو ته هنن چولستان ۾ ڇهه لک ايڪڙ زمين ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر اتي پاڻي کارو هجڻ سبب اها ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي، ان سلسلي کي 2008ع کان پوءِ قائم ٿيل پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اڳتي وڌايو. 2009ع ۾ تڏهوڪي وفاقي سيڪريٽري زراعت توقير احمد فائق پاران چئني صوبن مان پنج لک ايڪڙ زمين سعودي عرب کي پوکيءَ لاءِ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. 2008ع ۾ جڏهن تڏهوڪو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سعودي عرب جو دورو ڪري واپس آيو ته ان وقت به بريڪ ٿرو ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. امارات جي هڪ اداري پاران ملڪ ۾ زمينون خريد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، 2008ع ۾ امارات جي هڪ ڪمپنيءَ کي بلوچستان ۾ 4 ڪروڙ ڊالرن جي عيوض 16 هزار هيڪٽر زمين ڏني وئي. ساڳي ڪمپنيءَ پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 12 هزار هيڪٽر زمين گهري وئي.

2009ع ۾ صدر زرداريءَ پاران بورڊ آف انويسٽمينٽ وسيلي پرڏيهي ڪمپنين کي 49 کان 99 سالن جي ليز تي ڏيڻ لاءِ ستر لک ايڪڙ زمين آڇي وئي. سيڙپڪارن جي تحفظ لاءِ هڪ لک سپاهه تي ٻڌل نئين فورس جوڙڻ جو به اعلان ڪيو ويو. 2010ع ۾ پنجاب حڪومت چولستان جي ريگستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جو پاليسي پيڪيج تيار ڪيو، ان هيٺ 500 ايڪڙن جا 95 پيڪيج ڪارپوريٽ لائيو اسٽاڪ ۽ پولٽري فارمنگ لاءِ رکيا ويا. ان لاءِ سيڙپڪارن کي ٽيڪس ڇوٽ جي به آڇ ڏني وئي.

سيپٽمبر 2009ع ۾ وچ اوڀر جي هڪ ڪمپني ابراج ڪيپيٽل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ميراڻي ڊيم جي علائقي ۾ ٻه لک ايڪڙ زمين بابت يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون، انهن رٿائن تي ڪا وڏي اڳڀرائي نظر نه آئي. ملڪ جون سياسي حالتون ايتريون غير مستحڪم رهيون آهن، جو ٻاهريون ته ڇا مقامي سيڙپڪار به ڪا سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي.

هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ واري ساڳي آئيڊيا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جو بنياد رکيو ويو آهي، ان ڪائونسل ۾ فوج جي سربراهه، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين کي به ميمبر طور کنيو ويو آهي. ان اداري هيٺ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو جا نالا ٻڌجن ٿا. ان کان سواءِ سياحت لاءِ گرين ٽوئرزم انيشيئيٽو ڪمپني قائم ڪئي وئي آهي. انهن ڪمپنين کي صوبن ۾ زمينون، سياحتي ماڳ، معدني وسيلا وغيره حوالي ڪيا پيا وڃن، انهن ڪمپنين جي بورڊن ۽ عهدن تي ڪهڙي صوبي جا ڪهڙا ماڻهو آهن، ان بابت ڪابه ڄاڻ نه ٿي ملي. ان کان سواءِ فوجي فائونڊيشن پاران ”فان گرو“ نالي ڪمپني قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ستن سالن اندر 20 لک ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي رٿا ٺاهي آهي، ان جي شروعات خانيوال ۾ 5 هزار ايڪڙن کان ڪئي وئي آهي. ان ئي ڏس ۾ هڪ انگريزي اخبار 20 جنوريءَ 2024ع تي هڪ خبر ڇاپي ته نگران صوبائي حڪومت پاران سنڌ جي ڇهن ضلعن ۾ 52713 ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو جي حوالي ڪئي وئي آهي. ان زمين جا تفصيل هن ريت آهن، خيرپور (28 هزار ايڪڙ)، ٿر پارڪر (10 هزار ايڪڙ)، دادو (9305) ايڪڙ، ٺٽو (هڪ هزار ايڪڙ)، خبر موجب ان مان ٿيندڙ منافعي مان 40 سيڪڙو سنڌ سرڪار کي ڏنو ويندو ۽ 20 سيڪڙو مقامي ريسرچ ۽ ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويندو.

2 جنوري 2025ع تي ڪابينا جي سب ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ عمر ڪورٽ ضلعي ۾ 14 هزار ايڪڙ زمين ساڳي ڪمپنيءَ حوالي ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. 4 جنوري تي عمرڪوٽ جي مختيارڪار پاران ڪڍيل هڪ ليٽر ۾ ضلعي اندر ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ وڌيڪ 190195 ايڪڙ زمين جي موجودگيءَ جو ٻڌايو ويو. ان ڪم جي شروعات گذريل سال صدر زرداريءَ پاران ڪئي وئي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري 14 مئي 2024ع تي راولپنڊيءَ ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي آفيس جو دورو ڪيو، اتي ٿيل گڏجاڻيءَ جا منٽس پڻ جاري ڪيا ويا. ان دوري /گڏجاڻيءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي پڻ شامل هئا. گرين پاڪستان جي عملدارن پاران صدر کي بريفنگ به ڏني وئي، ان گڏجاڻيءَ ۾ هيٺيان اهم فيصلا ڪيا ويا.

  1. صدر صاحب کي خيرپور ضلعي ۾ نارا ڪئنال جي ٻنهي پاسي ويهه لک ايڪڙ زمين بابت ڄاڻ ڏني وئي، کيس ٻڌايو ويو ته نارا جي ٻنهي پاسي 10 ڪلوميٽرن جي پٽيءَ مان جر جو پاڻي ڪڍي سگهجي ٿو. صدر صاحب، سنڌ جي وڏير وزير کي نارا ڪئنال جي ٻنهي پاسي زمين گرين پاڪستان انيشيئيٽو کي ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي هدايت ڪئي.
  2. صدر صاحب قمبر شهدادڪوٽ ويجهو ڊيم جي اڏاوت ۽ ان جي ضرورت تي زور ڏنو، ته جيئن بلوچستان مان ايندڙ پاڻي ڪٺو ڪري سگهجي.
  3. سنڌ سرڪار دراوت ڊيم تي 20 هزار ايڪڙ زمين ڄامشوري ضلعي ۾ مقامي عورتن جي سماجي ڀلائيءَ لاءِ رکي هئي. گرين پاڪستان پاران ان کي ڪارپوريٽ فارمنگ ماڊل وسيلي آباد ڪرڻ جي آڇ ڏني وئي.
  4. صدر کي سنڌ ۾ سياحت کي وڌائڻ لاءِ ڊيزرٽ جيپ/ بائيڪ ريلي، ڊيزرٽ ٽرين سفاري (ڪراچيءَ کان کوکروپار) ۽ ٻين مذهبي ۽ ثقافتي ماڳن بابت ڄاڻ ڏني وئي، صدر صاحب سنڌ جي وڏي وزير کي ان ڏس ۾ گرين پاڪستان ٽورئزم لميٽيڊ سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
  5. صدر صاحب کي کاري پاڻيءَ تي جهينگي جي پيداوار ۽ ڏيساور واپار وڌائڻ لاءِ هاڪس بي تي موجود نائوپلي (Naupli) مرڪز گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي حوالي ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي. صدر صاحب اهو مرڪز گرين پاڪستان حوالي ڪرڻ جي هدايت ڏني. بلاول ڀٽي زرداريءَ جهينگي جي فارمنگ لاءِ بدين ۽ ٺٽي ۾ به موقعا ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
  6. صدر صاحب کي گورک هِل تي زيتون (Olive) جي پوک ۽ سياحت جي اهميت بابت ٻڌايو ويو. کيس کير ٿر رينج مان نئين رستي ڪراچيءَ کان اڌو اڌ سفر گهٽائڻ جي اهميت بابت به ٻڌايو ويو. صدر پاران گورک هل زرارٽ گرين پاڪستان جي حوالي ڪرڻ ۽ روڊ جي اڏاوت جي منظوري ڏني وئي.
  7. صدر صاحب پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي حڪم ڏنو ويو ته پنجاب حڪومت جيان گرين پاڪستان کي ٻنهي صوبن جي سالياني بجيٽ مان به قرض فراهم ڪيو وڃي.

ان گڏجاڻيءَ ۾ ٻين معاملن تي به فيصلا ڪيا ويا، پر سنڌ سان لاڳاپيل اهي فيصلا اهم هئا. ان صدارتي دوري ۽ ميٽنگ کان پوءِ سنڌ جون زمينون ۽ ٻيا وسيلا پاڻ صوبي جي بهتريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ بدران گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو حوالي ڪرڻ بابت بورڊ آف روينيو وسيلي ڪم هلندڙ آهي. گورک هل کي گرين ٽوئرزم پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ وسيلي هلائڻ لاءِ هڪ معاهدي تي 9 آگسٽ 2024ع تي صحيون ڪيون ويون. ان معاهدي هيٺ گورک هل تي 30 هزار ايڪڙ زمين گرين ٽوئرزم ڪمپنيءَ کي ڏني وئي آهي، ان ڏس ۾ صوبائي پروڪيورمينٽ جي قاعدن کان به سنڌ ڪابينا پاران ڇوٽ منظور ڪئي وئي.

سنڌ ڪابينا پاران 11هين جولاءِ 2024ع تي ناريل جي پوک لاءِ ٽي هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان کان سواءِ ڪمپنيءَ کي هيٺين مدن ۾ وڌيڪ زمين ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه هلندڙ هئي. اها زمين به ناريل جي پوک لاءِ ڏيڻ تي ڪم هلي رهيو هو. ”ويران ٻيلي ۾ ست هزار ايڪڙ زمين، ساحلي پٽي تي ڏهه لک ايڪڙ زمين،“ دريائي پٽيءَ ۾ ٻيلي جي پوک لاءِ ستر هزار ايڪڙ زمين. سنڌ ۾ زراعت کي جدت يا سڌارو ڏيڻ توڙي سياحت کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهي سلسلا خانگي ڪمپنين حوالي ڪرڻ بدران صوبي جي حڪومت ڪنهن سٺي بزنس ماڊل هيٺ پاڻ استعمال ڪري پئي سگهي. البته سنڌ حڪومت پنهنجي ٻين اوليتن سبب صوبن کي معاشي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪابه رٿا بندي نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن ان پاسي ڪا سنجيده سوچ ويچار ڪيو، انهن ٻنهي شعبن کي هٿي ڏئي صوبي ۾ تمام گهڻو روزگار پيدا ڪري پيو سگهجي. انهن شعبن وسيلي سنڌ کي معاشي سگهه به ڏئي ٿي سگهجي. بدقسمتيءَ سان انهن اهم شعبن لاءِ ڪابه سنجيده رٿابندي نه ڪئي وئي ۽ هاڻي اهي اهم وسيلا اهڙين ڪمپنين کي ڏنا پيا وڃن، جن وٽان مقامي آباديءَ کي روزگار يا مقامي معيشت ۾ اوسر جو ڪو خاص آسرو ناهي. نه رڳو اهو پر اهي وسيلا به هميشه لاءِ سنڌ جي هٿن مان نڪري ويندا.