Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

“سنڌ سان ٿيل “ڊِجيٽل فراڊ

( روزاني پنهنجي اخبار، 24 جولاءِ 2024)

ڳڻپ واري کاتي سنڌ جي آدم ڳڻپ جا فراڊ تي ٻڌل انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ سنڌ کي پهچايل “ڊيموگرافڪ ڊيميج” جا تفصيل ڏنا ويا آهن. ان ڏس ۾ ڪُجهه اهم انگ اکر ڪُجهه هن ريت آهن:

* 2017ع ۾ ملڪ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪُل آباديءَ جو 14.57 سيڪڙو هئا، جيڪا آبادي 2023ع ۾ گهٽجي 14.31 سيڪڙو ٿي وئي.

* سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو 2017ع ۾ 61.6 هو، جيڪو جيڪو 2023ع ۾ گهٽائي 60.14 ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن 2023ع ۾ سنڌ جي ڪُل آبادي 5 ڪروڙ، 56 لک، 96 هزار، 1 سئو، 47 (55،696،147) تي 2017ع واري سيڪڙو لڳائجي ته، ان حساب سان سنڌي آبادي 8 لک، 13 هزار گهٽ بيهي ٿي.

* سنڌ ۾ اُردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو سيڪڙو 2017ع ۾ 18.2 هو، جنهن کي 4 سيڪڙو وڌائي 22.3 سيڪڙو ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي 2023ع جي ڪُل آباديءَ تي اُردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو 2017ع وارو سيڪڙو لڳائجي ته، ان حساب سان اُردو آبادي لڳ ڀڳ 23 لک وڌائي ڏيکاري وئي آهي. ياد رهي ته اُردو ڳالهائيندڙ آبادي شهري علائقن ۾ رهي ٿي. شهري علائقن ۾ آباديءَ جي فطري واڌ تمام گهٽ هوندي آهي ۽ اُردو ڳالهائيندڙ آبادي وڏي رفتار سان مُلڪ کان ٻاهر به رهي ٿي.

* سڄي ملڪ ۾ سنڌ جي ڪُٽنب جي سائيز گهٽ ۾ گهٽ ڏيکاري وئي آهي. ان جا وچور هن جدول ۾ ڏجن ٿا.

جيڪڏهن ملڪ جي سراسري في گهر آباديءَ جي شرح 6.3 سنڌ جي 9،871،378 گهراڻن تي لاڳو ڪجي ته، سنڌ جي ڪُل آبادي 6 ڪروڙ، 21 لک، 89 هزار، 681 (62،189،681) بيهندي. يعني سنڌ جي آبادي گهراڻي جي سائيز گهٽائي لڳ ڀڳ 65 لک گهٽ ڏيکاري وئي آهي.

* آدم ڳڻپ جي انگن اکرن ۾ سڀ کان وڏي هٿ چراند ڪراچي شهر جي ڊيٽا سان ڪئي وئي آهي. ڪراچي ڊويزن ۾ 2017ع ۾ اُردو ڳالهائيندڙ آبادي 42 سيڪڙو هئي، جيڪا هن ڀيري 50.6 سيڪڙو ڏيکاري وئي آهي. ياد رهي ته 1998ع جي آدم ڳڻپ ۾ به ڪراچي ڊويزن اندر اُردو ڳالهائيندڙ آبادي 48.5 سيڪڙو هئي. انهن ورهين دوران وڏي انگ ۾ اُردو آبادي ٻاهرين ملڪن مان لڏي وئي آهي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ، خاص طور تي سنڌين جو تمام وڏو انگ ڪراچي شهر ۾ آيو آهي. 1998ع ۽ 2017ع جي آدم ڳڻپ جي انگن جي حساب سان اُردو آباديءَ ۾ يڪدم ايتري واڌ ڊيموگرافيءَ جي سائنس جي بِنهه ابتڙ آهي. اهو رُڳو فرمائشي بنيادن تي ڪيل ڪارنامو آهي. 2017ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌي آبادي 10.67 سيڪڙو هئي، جنهن ۾ معمولي واڌ ڪري 11.2 سيڪڙو ڏيکاري وئي آهي. جڏهن ته هر سال وڏي انگ ۾ سنڌي آبادي ڪراچيءَ ۾ اچي رهي آهي.

* سنڌ جي آدم ڳڻپ ۾ هڪ ٻي وڏي هٿ چراند پرڏيهين جي انگن ۾ ڪئي وئي آهي. سڄي صوبي ۾ ڪُل غير ملڪي آبادي هڪ لک، 19 هزار ڏيکاري وئي آهي. اهي انگ صاف ٻُڌائين ٿا ته، سنڌ ۾ پرڏيهي آباديءَ کي ڳڻيو ئي ناهي ويو. رُڳو ڪراچيءَ ۾ پرڏيهين جو انگ ملينز ۾ ٿي ويو آهي.

سنڌ جي آباديءَ سان اها سڄي هٿ چراند 21 مئي 2023ع ۽ 5 آگسٽ 2023ع وچ ۾ ڪئي وئي. انهن ڏينهن ۾ آدم ڳڻپ جون ضلعي وار شِيٽون مون وٽ موجود آهن. ان عرصي دوران ڪراچي ڊويزن ۾ 12 لک 58 هزار نوان ماڻهو شامل ڪيا ويا، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي آبادي 7 لک، 30 هزار گهٽائي وئي. دراصل سڄي سنڌ جي باقي سمورن ضلعن جي آبادي 35 لک گهٽائي وئي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي آبادي 11 لک گهٽائي وئي. سکر ڊويزن ۾ 7 لک، 27 هزار، شهيد بينظير آباد ۾ 3 لک، 70 هزار ۽ ميرپورخاص ۾ 5 لک، 55 هزار ماڻهو گهٽايا ويا. ياد رهي ته 28 اپريل تائين ڪراچيءَ جي 98.5 سيڪڙو گهراڻن جي ڳڻپ مڪمل ڪئي وئي هئي. 27 اپريل تي انگريزي اخبار “دي نيوز” رپورٽ ڏني ته، ايم ڪيو ايم جو هڪ وفد شهباز شريف سان مليو ۽ کيس ڌمڪي ڏنائون ته، جيڪڏهن اسان جا انگ آدم ڳڻپ ۾ نه وڌايا ويا ته اسان استعيفائون ڏئي ڇڏينداسين. ملڪ جي اصل مالڪن جي اشاري تي حڪومت بچائڻ لاءِ شهباز شريف سندن فرمائش پوري ڪرڻ جا حُڪم جاري ڪيا. سنڌ حڪومت سنڌ جي خلاف ان ڏوهه ۾ برابر جي شريڪ آهي. سڄي ماجرا جي خبر هوندي به سنڌ جي وڏي وزير 5 آگسٽ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪندي جعلي آدم ڳڻپ جي انگن کي تسليم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته، 27 اپريل 2023ع تي وڏو وزير چئي چڪو هو ته، آدم ڳڻپ کي قبول نه ڪيو ويندو. پهرين مئي 2023ع جي “ڊان” اخبار موجب، وڏي وزير رٿابندي واري وزير احسن اقبال کي خط لکيو ته جيڪڏهن آدم ڳڻپ تي سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته، هُو آدم ڳڻپ جا نتيجا قبول نه ڪندو. ان کان پوءِ 19 مئي 2023ع تي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ڪُل آبادي 5 ڪروڙ، 76 لک ٻُڌائي پئي وڃي، جيڪا اصل آباديءَ کان 68 لک گهٽ آهي. 23 مئي تي، روزاني “ايڪسپريس ٽربيون” موجب، چيف سينسس ڪمشنر نعيم ظفر آدم ڳڻپ جا شروعاتي نتيجا پڌرا ڪندي سنڌ جي آدمشماري 5 ڪروڙ، 79 لک ٻُڌائي. هن چيو ته، آدم ڳڻپ جا حتمي انگ جون جي ٽئين يا چوٿين هفتي ۾ پڌرا ڪيا ويندا.

27 جون تي بيورو آف اسٽيٽسڪس اوچتو اعلان ڪيو ته، آدم ڳڻپ کان پوءِ هڪ سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اتان کان ڊجيٽل فراڊ جي باقاعده شروعات ڪئي وئي. سمورا انگ اکر هٿراڌو طور بدلائي سنڌ جي 26 ضلعن جي آبادي 35 لک گهٽائي ۽ ڪراچي جي آبادي ساڍا 12 لک وڌائي وئي.

سنڌ جو وڏو وزير جڏهن 19 مئي تي 5 ڪروڙ، 76 لک جي ڳڻپ کي رد ڪري چُڪو هو ته پوءِ 5 آگسٽ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اُن کان به 20 لک گهٽ يعني 5 ڪروڙ، 56 لک آبادي ڪيئن مڃي آيو؟

سنڌ جي وڏي وزير مدي کان 5 سال اڳ اها آدم ڳڻپ ڪرائڻ جو دليل ڏنو هو ته سنڌ کي گهٽ ڳڻي 2017ع ۾ اسان کي قومي فنانس ايوارڊ ۾ ڌڪ هنيو ويو آهي. مزي جي ڳالهه ته، 2023ع ۾ ڪل ملڪي آباديءَ ۾ سنڌ جو حصو ساڳيو رهيو ۽ ورڇ جوڳي پول ۾ سنڌ کي ڪو به فائدو نه ٿيو.

دراصل هي فراڊ هڪ لساني گروهه کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاق توڙي سنڌ حڪومت گڏجي سنڌ واسين سان بدترين ويساهه گهاتي ڪئي. ان واردات کان پوءِ مستقبل جي آدم ڳڻپ ۾ سنڌ جي آبادي گهٽجڻ واري لاڙي کي بنياد فراهم ڪيا ويا آهن. ساڳي طرح اُردو ڳالهائيندڙ آبادي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي، ان ۾ ست- اَٺَ سيڪڙو واڌ ڏيکاري مستقبل ۾ به ساڳي رفتار سان سندن آبادي واڌ کي بنياد فراهم ڪيا ويا. ڊگهي مدي ۾ آدم ڳڻپ جا اهي انگ سنڌين کي ڪاپاري ڌڪ رسائيندا.