سنڌ کي امدادي پيڪيج نه، معاشي ترقي گهرجي
روزاني پنهنجي اخبار، 14 مارچ 2024
پيپلز پارٽيءَ کي لاڳيتو چوٿون ڀيرو سنڌ ۾ حڪومت ملي آهي ۽ هن ڀيري 2008ع ۽ 2022ع جيان مرڪز ۾ به ان جي موجودگي ۽ ڀائيواري آهي. هن قسم جي موقعن کي سنڌ جي ترقي ۽ ڀلي لاءِ استعمال ڪرڻ بابت حڪومت وٽ ڪهڙي رٿابندي آهي، ان بابت سندن ڪو پروگرام سامهون ناهي آيو. پارٽي منشور ۾ پورهيتن ۽ هارين جي لاءِ ڪارڊ جاري ڪرڻ، ٻوڏ ۾ ڊٺل گهرن جي اڏاوت جون ڳالهيون شامل آهن پر سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪنهن جامع پروگرام جو ذڪر ناهي. سنڌ جي ترقيءَ مان مراد رڳو لنڪ روڊ يا واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ يا نوان اسڪول کولڻ واريون روايتي رٿائون ناهي. سنڌ کي مٿئين سطح جو هڪ اهڙو ترقياتي پيڪيج گهرجي، جيڪو ٻهراڙين ۾ ڪنهن نئين معيشت کي جنم ڏئي ۽ عوام جي زندگين ۾ ڪو ڇال آڻي سگهي. غريبن جي مالي واهر وارا پيڪيج کين ساهه کڻڻ ۾ ته مدد ڏين ٿا پر سندن زندگين ۾ ڪا بنيادي تبديلي نٿا آڻين. گذر سفر واري معيشت بجاءِ ٻهراڙين کي ترقي/اوسر واري معيشت جو ويزن گهرجي. مان هتي ميڪرو ليول ڊولپمينٽ (Macro- Level Development) جي ڪجهه منصوبن کي مثال طور بحث هيٺ آڻيان ٿو. انهن جهڙيون ٻيون به ڪي رٿائون سوچي سگهجن ٿيون.
بينظير ڀٽو صاحبه جي 1993ع کان 1996ع واري حڪومت دوران ڪيٽي بندر ڊولپمينٽ رٿا تي شروعاتي ڪم ٿيو هو. ان رٿا هيٺ 2 لک ٽن وزني جهازن جي لنگر واري صلاحيت جو هڪ جديد بندرگاهه ڪيٽي بندر وٽ ٺهڻو هو. ان سان گڏ اتي ٿر جي ڪوئلي کي ريلوي لائين وسيلي پهچائي 5 هزار ميگا واٽ جا بجلي گهر اڏڻا هئا. ان کانسواءِ سنڌو درياهه ٻيڙن وسيلي تجارت به ان رٿا ۾ شامل هئي. اها انتهائي جامع رٿا سنڌ جي معيشت کي هڪ وڏو ڇال ڏياري ها. نواز شريف 1997ع ۾ اقتدار ۾ اچي اها رٿا ختم ڪري ڇڏي. 2008ع ۾ اقتدار ملڻ کانپوءِ پ پ حڪومت ٿرڪول اينڊ پاور رٿا پبلڪ- پرائيوٽ ڀائيواريءَ ۾ ڪاميابي سان بحال ڪري ورتي پر ڪيٽي بندر پورٽ رٿا بحال نه ڪئي وئي. ان جي بدران ذوالفقار آباد شهر قائم ڪرڻ جي رٿا آندي وئي، جنهن جي رٿابنديءَ ۾ بنيادي خاميون هيون ۽ اها شروع ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي وئي. پيپلز پارٽي حڪومت کي گهرجي ته وفاقي حڪومت جي واهر سان ڪيٽي بندر ۾ جديد نوعيت جي بندرگاهه قائم ڪري سنڌ ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي واپار کي هٿي ڏياري.
سنڌ کي نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي هڪ کنڊر جهڙو هاءِ وي ڏنو آهي، جيڪو هر وقت مرمت هيٺ رهي ٿو. سکر کي ڪراچيءَ سان ڳنڍيندڙ موٽروي رٿا کي به ختم ڪيو ويو آهي. سنڌ کي اتر- ڏکڻ واري پٽيءَ ۾ تيز رفتار روڊ جي ضرورت آهي. اهو موٽروي بحال ڪرائي ان کي عمل هيٺ آندو وڃي. ان سان ڪاروبارن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيندو.
سنڌ جا اڪثر علائقا 16 کان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ واري حالت ۾ آهن ۽ اهي علائقا جديد معاشي ڍانچي کان محروم آهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سيپڪو ۽ حيسڪو پاور ڪمپنين کي خريد ڪري خانگي شعبي جي ڀائيواريءَ سان هلائي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ روزمره جي زندگي، ڪاروبار ۽ صنعت کي نئين دڳ لائي. اهو به ممڪن آهي ته ٿر جي ڪوئلي ۽ گهارو- نوري آباد ونڊ ڪاريڊور ۾ سنڌ سرڪار پنهنجا پاور پلانٽ لڳائي ته جيئن سنڌ توانائيءَ ۾ پاڻ ڀري ٿي سگهي. سنڌ ۾ اڳي ئي سيپرا موجود آهي. پاور ڊسٽريبيوشن اينڊ ٽرانسميشن جي ڪمپني ٺهيل آهي. انهن وسيلي سنڌ جي توانائيءَ واري پاڻڀري جامع رٿابندي ڪئي وڃي. اهو انتظام سنڌ ۾ معاشي ترقيءَ جا بنياد فراهم ڪندو. توانائي رٿائن کي بنياد بڻائيندي سنڌ جي هر ضلعي ۾ مقامي سطح جا معاشي زون قائم ڪيا وڃن. انهن زونز ۾ مينوفيڪچرنگ ۽ زرعي پراسيسنگ صنعتون لڳايون وڃن. سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڀاڄيون ۽ ميوا ٿين ٿا پر انهن مان مختلف شيون ٺاهڻ جي صنعت نه هجڻ سبب ويليو ايڊيڊ شيون (شربت، اچار، مُربا، بسڪيٽ، ٽافيون، تيل وغيره) نٿيون تيار ٿين، جيڪي مقامي سطح تي وڏو روزگار پيدا ڪري سگهن ٿيون. صنعتي پيداوار واري وزارت کي هر سال ٽن چئن ضلعن ۾ صنعتي/معاشي زون قائم ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏيڻ گهرجي.
سنڌ جي ترقيءَ لاءِ جيڪا به صنعت لڳندي، يا ڪاروبار ٿيندا، انهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت پوندي. آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس جهڙن شعبن ۾ هنرمند ورڪرن ۽ پروفيشنلز جي ضرورت پوندي. ان مقصد لاءِ يونيورسٽي ۽ اسٽيوٽا کي نئين سر صف بندي ڪرڻي پوندي. اسٽيوٽا جا اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ادارا ناڪاره بڻيل آهن، انهن کي گهرجن آهر هلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ ۾ هنرمند ورڪ فورس تيار ٿي سگهي.
سنڌ ۾ زمينن جو وڏو حصو جابلو ۽ ريگستاني پَٽن ۾ موجود آهي، جتي آبپاشي سرشتو نه هجڻ سبب آبادي نٿي ٿئي. ڄامشوري ضلعي جي بنجر علائقي ۾ شهباز ڊويزن جي پمپنگ وسيلي درياهه جي پاڻيءَ سان اٽڪل 25 هزار ايڪڙ زمين پوکيءَ هيٺ آندي وئي آهي. اهو ڪامياب ماڊل آهي. ان طريقي سان کيرٿر جي جابلو نئين وسيلي آباديءَ جون رٿائون جوڙيون وڃن، جنهن سان هزارين ايڪڙ زمين آباديءَ هيٺ آڻي سگهجي ٿي. ساڳي طرح ٿر ۾ لوڻياٺي پاڻيءَ تي مخصوص فصل پوکڻ ۽ گوڙاڻي تلاءَ ۾ مڇي اپائڻ جا ڪامياب تجربا موجود آهن، انهن کي سڄي ٿر ۾ پکيڙڻ لاءِ رٿا جوڙي انهن علائقن ۾ هڪ نئين معيشت اڀاري سگهجي ٿي.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند ورڪرن جي گهرج آهي. سنڌ مان پرڏيهه ۾ ويندڙ ورڪرن جو انگ تمام ٿورو آهي. بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائمينٽ جي رپورٽ موجب 1981ع کان 2023ع تائين سڄي ملڪ مان هڪ ڪروڙ، 27 لک ورڪر ملڪ کان ٻاهر روزگار لاءِ ويا آهن. انهن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن جي ورڪرن جو انگ رڳو 5 لک آهي. هڪ ته اسان جي ماڻهن ۾ پرڏيهه وڃي روزگار ڪرڻ جو لاڙو گهٽ آهي، ٻيو گهربل جديد هنرن جي کوٽ آهي ۽ ٽيون ته وفاق جا اهي ادارا سنڌ جي ٻهراڙين مان ورڪر موڪلڻ کي اوليت به نٿا ڏين. وفاقي حڪومت جي ان کاتي وسيلي سنڌ جي ٻهراڙين مان ورڪر پرڏيهه موڪلڻ لاءِ خاص بندوبست ڪرڻ جي گهرج آهي. پرڏيهه مان ايندڙ ناڻو هاڻي ساليانو 30 ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي. ان جو هڪ تمام ٿورڙو حصو سنڌ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن سنڌ مان ورڪرن کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ به اربين رپيا ٻاهران ڪمائي آڻي سگهجن ٿا.
سنڌ ۾ معياري پروفيشنلز جي کوٽ آهي. مختلف شعبن ۾ دنيا جي بهترين يونيورسٽين لاءِ ٽيلنٽ اسڪالرشپ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار پرڏيهي اسڪالرشپس ڏيئي نوجوانن کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ موڪلڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ ڏهه- پندرنهن ارب رپيا هر سال رکڻ گهرجن. سنڌ جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ان ڏس ۾ خصوصي پروگرام شروع ڪرائي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڪئمپس کولي پٽيوالا ۽ چوڪيدار ڀرتي ڪرائڻ بجاءِ هر سال نوجوانن کي پرڏيهه موڪلڻ وڌيڪ ڪارآمد ٿيندو.
اتر سنڌ جا ڪجهه ضلعا ورهين کان ڌاڙيلن جي قانون هيٺ هلايا وڃن پيا. اهي علائقا روزگار ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ پٺيرا هجڻ سبب ڪرمنلز جو ڳڙهه بڻيل آهن. اتر سنڌ ۾ انهن ضلعن ۾ ترقي ۽ روزگار لاءِ خصوصي پيڪيج شروع ڪيو وڃي. تعليم، هنر، روزگار، روڊن رستن ۽ معاشي ترقيءَ وسيلي انهن علائقن ۾ زندگي بحال ڪري سگهجي ٿي. انهن ضلعن کي خاص توجهه وسيلي بهتر زندگي فراهم ڪري سگهجي ٿي. قبائلي سردارن، پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن کان نجات جو رستو تعليم ۽ معاشي ترقي آهي. آپريشنز وقتي طور نتيجا ڏيئي به ڇڏين، تڏهن به ڊگهي مدي وارو حل معاشي ترقي آهي.
سنڌ ۾ اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر اولهه ۾ سياحت جا اڻ ڳڻيا موقعا موجود آهن. دنيا ۾ سياحت کي غير روايتي معيشت جو اهم ٿنڀو سمجهيو وڃي ٿو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ معيشت جو هڪ وڏو حصو سياحت مان اچي ٿو. سنڌ ۾ اڄ تائين سياسي معيشت تي سنجيده ڪم ناهي ٿيو. سنڌ کي سياسي معيشت جو جامع پيڪيج گهرجي. اهڙي سنجيده اڳڀرائي هزارين ڪٽنبن لاءِ روزگار ۽ ترقيءَ جا نوان دروازا کولي سگهي ٿي.
هي اهي ڪجهه مثال آهن، جن جي وسيلي سنڌ کي جديد معاشي ماڊل وسيلي ترقي ڏياري سگهجي ٿي. لکين گهراڻن کي هر سال گهر ويٺي امداد ڏيڻ سان ماڻهو پورهئي بجاءِ خيرات جا هيراڪ ٿي ويندا. سنڌ کي امدادي پيڪيج نه پر جديد معيشت وسيلي ترقي ڏيارڻ جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن کي غربت جي گهاڻي مان ڪڍي انساني ترقي ۾ اڳڀرائي فراهم ڪري.