Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

سي سي آءِ مان سنڌ کي ڇا ملندو؟

روزاني ڪاوش، 4 اپريل 2025ع

سنڌ سرڪار پاران ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ (سي سي آءِ) ۾ ارسا جي چولستان ڪئنال لاءِ جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ تي اعتراض واري سمري موڪلي ته ان تي صوبن کان به ڪمينٽس گهرا ويا، سنڌ سرڪار پاران تازو 21هين مارچ تي ٻيهر اماڻيل سمريءَ ۾ خيبر پختونواه ۽ بلوچستان پاران مليل ڪمينٽس به ان سان شامل ڪيا ويا آهن، ٻنهي صوبن جا ڪمينٽس هن ريت آهن:

بلوچستان حڪومت پاران 8 نومبر 2024ع تي لکيو ويو آهي ته ”ارسا پاران پاڻي موجود هجڻ بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ 1991ع واري پاڻيءَ ٺاهه موجب ٺيڪ آهي“، اڳتي هلي لکيو ويو آهي ته ”اهڙا فيصلا ڪرڻ وقت سمورين لاڳاپيل ڌرين (اسٽيڪ هولڊرز) کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، ته جيئن صوبن وچ ۾ غلط فهيمون پيدا نه ٿين“.

خيبر پختونواه سرڪار پاران 10هين آڪٽوبر تي لکيو ويو ته ”خيبر پختونواه جي آبپاشي کاتي جي راءِ آهي ته ارسا پاران جاري ڪيل پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ 1991ع واري پاڻيءَ ٺاهه موجب ٺيڪ آهي، البته سمورين ڌرين تائين بروقت ڄاڻ پهچائڻ ۽ شفافيت ۽ ٻين صوبن جي پاڻيءَ جي حق سان هٿ چراند کان بچڻ لاءِ وهڪرن جي نظرداريءَ خاطر ٽيليمينٽري نظام لڳايو وڃي“.

هي ٻئي ڪمينٽس پڙهي هيٺيان سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا.

سنڌ سرڪار جو چولستان، چوبارا ۽ جلالپور واهه تي ڪيس ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ اندر بحث يا ووٽنگ لاءِ پيش ٿيندو ته ڇا اتي سنڌ صوبو اڪيلو بيٺو هوندو؟ ڇو ته هي ٻئي صوبا به سنڌ جي مخالفت ڪندا، پنجاب ۽ وفاق جا عيوضي ته اڳي ئي سنڌ جي مخالفت ۾ هوندا. آئين جي آرٽيڪل (4) 154 موجب ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ فيصلا اڪثريت جي راءِ سان ٿيڻا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ جي وڏي وزير 29 مارچ تي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ فيصلا گڏيل راءِ سان ٿيندا آهن، پر آئين ۾ اڪثريت جو چيل آهي.

هن وقت ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي اٺن مان چار ميمبر پنجاب صوبي جا آهن، جن ۾ وزير اعظم، ٻه وفاقي وزير (خواجه آصف- اسحاق ڊار) ۽ پنجاب جي وڏِي وزير شامل آهن. پنجون ميمبر وفاقي وزير امير مقام آهي، جنهن جو تعلق ته خيبر پختونخواه سان آهي، پر سياسي طور هو به نواز ليگ سان تعلق رکي ٿو. اهڙيءَ طرح اٺن مان پنج ميمبر ته سڌا سنوان هڪ پاسي آهن، باقي خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان جون حڪومتون اڳي ئي سنڌ جي خلاف ڪمينٽس موڪلي چڪيون آهن، تنهن ڪري هن صورتحال ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي اجلاس ۾ سندن سنڌ جي حمايت بابت شڪ پيدا ٿي ويا آهن.

آئين جي آرٽيڪل 153 موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙجڪ صدر کي ڪرڻي هوندي آهي، هاڻوڪي ڪائونسل ۾ ميمبرن جي منظوري صدر زرداريءَ 21 مارچ 2024ع تي وزير اعظم جي ايڊوائيس تي ڏني هئي، ان ۾ صدر صاحب ڪٿي به اهو سوال يا اعتراض نه اٿاريو ته هنن وفاقي وزيرن مان ٻه وفاقي وزير پنجاب مان ڇو کنيا ويا، جڏهن ته وزير اعظم به ساڳئي صوبي جو آهي، ۽ ٽيون وفاقي وزير به سندس ئي پارٽيءَ جو آهي، صدر، وزير اعظم پاران موڪليل نالا منظور ڪري ڇڏيا.

ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي پيلٽ فارم تان ان صورتحال ۾ سنڌ کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ اهو سواليه نشان آهي. هن قسم جي حساس معاملن ۾ جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪجهه اثرائتي لابنگ ڪري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه کي گڏائي سگهي ته سنڌ کي وري به اخلاقي مٿڀرائي ملي ويندي، ڇو ته ٽن صوبن جي هڪ پاسي ٿيڻ کان پوءِ پنجاب لاءِ صورتحال ڏکي ٿي پوندي.

بلوچستان ۾ ته پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي حڪومت آهي، اتان نه رڳو سي سي آءِ ڏانهن سنڌ جي حق ۾ ڪمنٽس اچڻ گهرجن ها، پر بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ مان سنڌ جيان ٺهراءُ به پاس ٿيڻ گهرجي ها. ان مان اندازو لڳايو ته پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ عملي طور ڪيترو اثر رکي ٿي.

ساڳيءَ طرح خيبر پختونخواه ۾ حڪومت ڪندڙ پي ٽي آءِ جي سنڌ جي قيادت ۽ ڪارڪن نون واهن جي مخالفت ڪندا رهيا آهن ۽ سندن مرڪزي قيادت به واهن جي خلاف بيان جاري ڪيا آهن. کين گهرجي ته خيبر پختونخواه جي وڏي وزير کي چون ته عوامي فورمن تي حمايت کان وڌيڪ اهم حمايت فيصلا ڪرڻ وارن فورمن جي هوندي آهي، تنهنڪري سنڌ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، اڃا به هڪ وک اڳتي وڌي خيبر پختونخواه صوبائي اسيمبليءَ مان انهن واهن خلاف ٺهراءُ به آڻڻ گهرجي. ان سان سنڌ ۾ سندن سياسي پوزيشن کي به هٿي ملندي، پر پي ٽي آءِ به هن موقعي کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ جيئن پيپلز پارٽي قيادت نون واهن جي منظوري ڏني، ائين ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ به جلال پور ڪئنال ۽ چوبارا ڪئنال جي منظوري به ڏني وئي هئي.

سنڌ ۾ واهن جي حوالي سان هاڻوڪي جدوجهد جي لهر سنڌ جي قومپرست پارٽين، سول سوسائٽي (وڪيل، شاگرد، سوشل ميڊياي ايڪٽوسٽس) ۽ سنڌي ميڊيا جي اڳڀرائيءَ سان اڀري آهي، باقي ڌريون ان ۾ تڏهن شامل ٿيون، جڏهن سنڌ جي آواز جا پڙاڏا هر پاسي ٻُرڻ لڳا هئا. هن وقت سنڌ جدوجهد ۾ آهي، تنهنڪري جيڪو به ان جي آواز سان آواز ملائي، ان جي آجيان ضرور ڪجي، پر انهن کي اڳواڻيءَ وارو ڪردار هرگز نه ڏجي ۽ مٿن انڌو ويساهه بنهه نه ڪجي.

اقتداري سياسي ڪندڙ ڌريون جڏهن مخالف ڌر ۾ هونديون آهن ته صوبن جي خودمختياريءَ، قانون جي حڪمراني، آئين جي حڪمراني، انساني حقن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان ٻاهر رکڻ جون دعوائون ڪنديون آهن، پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اهي پاڻ ساڳيا ڪم پوئين حڪومت کان وڌيڪ شدت سان ڪرڻ لڳنديون آهن. پيپلز پارٽي، نواز ليگ، ۽ پي ٽي آءِ ٽنهي جو ماضي ان حوالي سان مختلف ناهي رهيو، اقتدار جي سياست سبب سنڌ جي قومي معاملن تي سندن پوزيشن موسم آهر مٽجندي رهندي آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي قومي حقن لاءِ ڏهاڪن کان جاکوڙيندڙ ڌريون ڪيترين ڪمزورين ۽ اختلافن جي باوجود سنڌ جي وجودي مسئلن تي سدائين سنڌ جي پاسي بيهنديون آهن.

ٻٽي مڪاني نظام، جاڙن ٻيٽن، زمينن توڙي پاڻيءَ جي معاملي تي سندن راءِ ۾ ڦند ڦير ناهي رهيو. ان جي ڀيٽ ۾ اليڪشني سياست ڪندڙ ڌرين لاءِ سنڌ هميشه ڪارڊ جيان رهي آهي. جيستائين سي سي آءِ جي آئيني حيثيت جو سوال آهي ته آئين جي آرٽيڪل 155 موجب پاڻي واري معاملي تي اختلاف نبيرڻ جو فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل ئي آهي، آئيني طور ان جو اجلاس گهٽ ۾ گهٽ هر ٽئين مهيني ڪرائڻ لازمي آهي.

 ان آئيني گهرج جي لتاڙ ڪندي ڪائونسل جو اجلاس گذريل 14 مهينن کان ناهي ڪوٺايو ويو. ان وچ ۾ جڏهن سنڌ جا چولستان واهه بابت اعتراض ڪائونسل وٽ پهچي چڪا هئا، ان وقت وفاقي پلاننگ ڪميشن ان رٿا بابت گڏجاڻيون ڪري رهي هئي. ملڪ جي هڪ اهم آئيني، پليٽ فارم تي صوبائي حڪومت جي سمري موجود هوندي، هيٺيان فورم انهن رٿائن کي اڳتي وڌائي رهيا هئا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آئيني فورمز جو ڪيترو لحاظ ڪيو ٿو وڃي.

ساڳيءَ طرح گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو وارا به واهن وارا معاملا ايوان صدر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ طئه ڪرائي رهيا هئا، جڏهن ته آئيني طور اهم اسم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آهي. جڏهن ملڪ ۾ آئين جو ئي احترام نه هوندو ته آئيني فورمن جو ڪيترو مان ٿيندو.

هاڻي سوال اهو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان اهو ڪيس کٽڻ جي ڪيتري اميد آهي؟ جيتوڻيڪ آئيني لحاظ کان سنڌ وٽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهو معاملو کڻڻ جو آپشن موجود آهي، پر ملڪ جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته آئيني فورمن توڙي عدالتن مان اهڙن معاملن تي ڪي ٺوس نتيجا نه ٿا ملن. اڳي پوءِ عوام جي جدوجهد مان ئي ڪجهه هڙ حاصل ٿئي ٿو. تنهن هوندي به آئيني فورم طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. البته اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان فورم تي ڪو به ڪيس کٽڻ لاءِ رڳو مضبوط ڪيس هجڻ ئي ڪافي ناهي، ارسا ۽ سي سي آءِ جهڙن فورمن تي، پسمنظر ۾ سياسي لابنگ نهايت ضروري آهي.

سنڌ سرڪار کي ان لاءِ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي حڪومتن ۽ سياسي ڌرين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن پاڻيءَ جي معاملي تي سنڌ اڪيلائيءَ جو شڪار نه ٿئي. هن وقت اقتداري ڌر جي اهم ٽيڪ ۽ سندن مجبوري هجڻ جو فائدو وٺندي آئيني ترميم ڪرائي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ فيصلا اڪثريت بدران متفقه راءِ سان ڪرائڻ لازمي قرار ڏياريو وڃي.