سُڪي ويل دجله ۽ فرات
روزاني ڪاوش، 23 ڊسمبر 2025ع
ڪجهه هفتا اڳ مون ايران ۾ پاڻيءَ جي شديد بحران بابت تفصيل سان لکيو هو. ايران ۾ اهو بحران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي اهو سڄي خطي ۾ پکڙجي ويو آهي. ايران جو پاڙيسري ملڪ عراق به پنهنجي ويجهي تاريخ جي بدترين سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي هلندڙ سال کي 1933ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ خشڪ سال قرار ڏنو ويو آهي. دجله ۽ فرات درياھ، جن کي ميسوپوٽيميا جي تهذيب جو هندورو چيو ويندو آهي، سي پاڻيءَ جي وهڪري لاءِ تڙپي رهيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪجهه علائقن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو ٽيون حصو گهٽجي ويو آهي. ان ڪري انهن ندين ۾ پاڻيءَ ۾ گدلاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان گندگيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ گهربل وهڪرو موجود ناهي. ترڪيءَ پاران مٿانهين وهڪري تي ڊيم اڏڻ، موسمي تبديلي (ڪلائميٽ چينج)، لڳاتار ڏڪار ۽ بي انتها گدلاڻ انهن درياهن کي سندن ماضيءَ جي عظمت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.
ترڪيءَ کان نڪرندڙ اهي ٻئي تهذيب جا سرجڻهار درياھ اوڀر اناطوليا، شام ۽ عراق مان گذري، ڏکڻ اوڀر عراق ۾ عرب نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪن ٿا. انهن درياهن خطي جي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي سماج، معيشت، سياست ۽ روزگار کي شڪل ڏني آهي. پر هاڻي مٿانهين وهڪري تي ڊيمن جي هڪ زنجير، انهن درياهن جي وهڪرن کي جڪڙي ڇڏيو آهي. ترڪيءَ جي آبي بجلي پيدا ڪرڻ جي اڻ کٽ اڃ سبب ان پنهنجي حدن اندر پاڻيءَ جو وڏو مقدار روڪي ڇڏيو آهي. ويجهڙ ۾ ترڪيءَ پاران دجله درياھ تي تعمير ڪيل ”اليسو“ (Ilisu) ڊيم عراق ۽ شام سان هڪ علائقائي تڪرار کي جنم ڏنو آهي. هن ڊيم ۾ 8.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڏي گنجائش آهي. هي ڊيم ترڪيءَ جي ”سائوٿ ايسٽرن اناطوليا پروجيڪٽ“ هيٺ تعمير ٿيندڙ 22 ڊيمن ۽ 19 هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پلانٽس مان هڪ آهي.
ايران پڻ دجله جي انهن واهرو ندين تي ڊيم اڏيا آهن جيڪي ان جي حدن مان وهن ٿيون. ڊيمن جي هن سلسلي 1960ع واري ڏهاڪي کان وٺي هينئر تائين عراق کي انهن ٻن درياهن مان ملندڙ پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ 80 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي ڇڏي آهي. دجله ۾ مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجڻ ڪري، سمنڊ جو کارو پاڻي ان جي ڊيلٽا کي کائي رهيو آهي.
موسمي تبديلي دجله ۽ فرات تي تڪرار کي وڌيڪ تيز ڪري رهي آهي. هن علائقي جي گرمي پد ۾ واڌ عالمي سراسري واڌ کان ٻيڻي آهي، جنهن ڪري هي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ واٽر شيڊ بڻجي ويو آهي. 2020ع ۽ 2021ع ۾ هن خطي گذريل چئن ڏهاڪن جو ٻيون بدترين سوڪهڙو ڏٺو. صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين پاڻيءَ جي دستيابيءَ جي اڳڪٿي ڀوائتي آهي، جنهن موجب فرات ۽ دجله جي وهڪرن ۾ بالترتيب 30 ۽ 60 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. جنگ جي سٽيل عراق ۾ 2022ع دوران ڏڪار سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي. شام ۾ پڻ 2022ع دوران ڪڻڪ جي پيداوار ۾ سخت لاٿ آئي، جتي پيداوار 2020ع جي 2.8 ملين ٽن جي مقابلي ۾ رڳو هڪ ملين ٽن رهجي وئي. ڏڪار جي شدت وڌڻ سان عراق جي پاڻيءَ وسيلن واري وزارت اهو ڇرڪائيندڙ چتاءُ ڏنو آهي ته 2040ع تائين فرات درياھ مڪمل طور سُڪي سگهي ٿو.
خطي جي جنگ ۽ گهرو ويڙھ جو شڪار ٿيڻ کان اڳ عراق ۽ شام وٽ پاڻيءَ جو جديد ترين اڏاوتي ڍانچو موجود هو. 1991ع جي ”آپريشن ڊيزرٽ اسٽارم“ عراق تي تباهي ڪندڙ اثر ڇڏيا. آمريڪا، عراق ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال کي صاف ڪندڙ پلانٽ تي بمباري ڪئي ۽ پاڻيءَ جي اهم بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو. عراق جي متحرڪ معيشت تباهه ٿي وئي، جنهن ڪري حڪومت گندي پاڻيءَ جي نظام جي مرمت ڪرڻ جي قابل نه رهي ۽ نتيجي ۾ گندو پاڻي درياهن کي گدلو ڪندو رهيو آهي. 2018ع ۾ عراق جي شهر بصره ۾ گندي پاڻي پيئڻ سبب هڪ لک 18 هزار مريض اسپتالن ڀيڙا ٿيا.
عراق ۽ شام پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ سبب قيدي بڻجي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ترڪي مٿانهين وهڪري تي ٻنهي درياهن جي وهڪرن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. هيٺانهين تي موجود ٻئي ملڪ پنهنجي بدحاليءَ جو ذميوار ترڪيءَ کي قرار ڏين ٿا، جيڪو پنهنجي ڊيمن مان انهن ملڪن کي گهربل پاڻي نه پيو ڇڏي. درياهن جي ڪناري تي وسندڙ شهر ۽ ڳوٺ پاڻيءَ جي سخت کوٽ ۽ وارابنديءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. زراعت ۽ ماهيگيريءَ جهڙا گذر سفر جا وسيلا گهٽجي رهيا آهن. ماڻهو پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ لاءِ ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. موسمي تبديليءَ هن صورتحال کي وڌيڪ منجهائيندڙ ڪري ڇڏيو آهي، جتي عراق ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ طلب دوران برساتن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
تازو بغداد ۽ انقره پاڻيءَ جي انتظاميا پاڻيءَ جي معاملن بابت هڪ ٺاھ ڪيو آهي، جنهن ۾ گدلاڻ کي روڪڻ، آبپاشيءَ جي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، زرعي زمينن جي بحالي ۽ واٽر گورننس کي بهتر بنائڻ شامل آهي. هن معاهدي کي ”تيل جي بدلي پاڻي“(oil-for-water) جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن هيٺ ترڪيءَ جون ڪمپنيون عراقي تيل جي بدلي ۾ پاڻيءَ جو اهم انفراسٽرڪچر تعمير ڪنديون. البته ڪجهه ماهر هن معاهدي تي شڪ ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته ٻنهي حڪومتن ان ٺاھ بابت اهم تفصيلن کي ڳجهو رکيو آهي. عراق ۽ شام ترڪيءَ تي الزام هڻن ٿا ته هو پاڻيءَ کي سندن آبي حقن خلاف هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن منجهائيندڙ صورتحال ۾ انهن درياهن مان پاڻي کڻندڙ سمورن ملڪن عراق، ايران، ترڪي، شام ۽ سعودي عرب ۽ اردن (جيڪي فرات جي پاڻيءَ ۾ ننڍڙا ڀائيوار آهن) جي وچ ۾ هڪ ملڪي آبي معاهدي جي گهرج وڌي وئي آهي.
عراق ۽ شام جي اها حالت گڏيل درياهن تي هيٺانهين وهڪري وارن علائقن جي نقصان جو هڪ نصابي ڪتابن جهڙو مثالي سبق آهي. اسان جي علائقائي صورتحال به ان کان مختلف ناهي. جتي پاڪستان ٽن اڀرندن درياهن تي هندستان جي اڳرائيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اتي پنهنجن درياهن تي بين الصوبائي تڪرار به ملڪي سياسي هم آهنگيءَ تي سوال اٿاري رهيو آهي. تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي، خراب آبي گورننس، نون ڊيمن تي تڪرار، پراڻو آبي اڏاوتي ڍانچو، آبپاشيءَ جا مدي خارج طريقا، بي انتها گدلاڻ، غير متوازن مارڪيٽ، ماحولياتي طور تباهه ٿيل ڊيلٽا، ڪمزور ادارا ۽ سرحد پار تڪرار، اهي سڀئي اهڙا عنصر آهن، جيڪي عراق ۽ شام سان هڪجهڙائي رکن ٿا.
جيئن جيئن موسمي تبديلين سبب دنيا ۾ دريائي وهڪرا گهٽجڻ لڳا آهن، هيٺانهين/پوڇڙ وارن علائقن لاءِ صورتحال ڏکي ٿي رهي آهي، تازو ورلڊ بئنڪ پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته عالمي سطح تي تازي پاڻيءَ جا ذخيرا سراسري سالياني پاڻي فراهميءَ جي ڀيٽ ۾ ٽي سيڪڙو گهٽجي ويا آهن. ٻئي پاسي وڌندڙ آباديءَ سبب پاڻيءَ جي ذخيرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. هن صديءَ جي پهرين 25 ورهين دوران دنيا ۾ پاڻيءَ جو واهپو 25 سيڪر وڌي ويو آهي.
پاڪستان ۾ به انڊس رور سسٽم مٿان وڌندڙ ضرورتن جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي، مٿانهينءَ وارو صوبو پنجاب لڳاتار سنڌوءَ مٿان نوان ڊيم ۽ واهه ٺاهڻ جي مهم هلائيندو رهيو آهي. گذريل سال چولستان جي وارياسين پٽن ۾ لکين ايڪڙن تي ڪارپورٽ فارمنگ ڪرڻ لاءِ نوان واهه ۽ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ انهن اڏاوتن خلاف مزاحمت ڪندي رهي آهي.
عراق ۽ شام ٻنهي ۾ پاڻيءَ جي هلندڙ سنگين بحران جو هڪ اهم ڪارڻ ترڪيءَ پاران دجله ۽ فرات تي اڏيل وڏا ڊيم آهن، سنڌوءَ مٿان به ڊيمن ۽ واهن جي اوڏات سبب سنڌ ڏانهن پاڻيءَ جا وهڪرا لڳاتار گهٽجي رهيا آهن. سنڌو درياهه مٿان انهن اڏاوتن جي نتيجي ۾ سال جا نَو مهينا انڊس ڊيلٽا ڏانهن پاڻيءَ جو وهڪرو ٻڙي رهي ٿو. انهن ٻن ٽن مهينن دوران ايندڙ وهڪرن کي به هڪ مخصوص ذهينت هيٺ پاڻيءَ جو زيان قرار ڏئي ان کي ڊيمن وسيلي روڪڻ جي لاءِ زهريلي پروپگينڊا ڪئي وڃي ٿي.
سنڌو ندي ۽ ان جي واهرو درياهن لاءِ جيڪڏهن نوان ڊيم ۽ واهه ٺاهيا ويا ته سنڌو درياهه جو حشر به دجله ۽ فرات ندين جهڙو ٿي ويندو ۽ سنڌ جي صورتحال عراق ۽ شام جهڙي ٿي سگهي ٿي. دجله ۽ فرات جي هاڻوڪي صورتحال ان حقيقت جي ثابتي آهي ته درياهن مٿان ڊيمن جي قطار ٺاهڻ سان هيٺانهين وارن علائقن جو سمورو حياتياتي نظام برباد ٿي وڃي ٿو. جنهن ۾ ان جي معيشت، ماحوليات، ثقافت ۽ جياپي جا قدرتي وسيلا ناس ٿي وڃن ٿا.