Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

شهري آباديءَ جي پاڻيءَ لاءِ جدوجهد کان لاتعلقي

(روزاني ڪاوش، 4 مارچ 2025ع)

سڄي سنڌ نون واهن خلاف سراپا احتجاج آهي، روز سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انهن واهن خلاف مظاهرا ۽ جلسا ٿي رهيا آهن، ادبي ميڙاڪن ۾ به واهن ۽ سنڌ جي پاڻيءَ بابت وهيڪون ٿي رهيون آهن. ان سڄي ماحول دوران سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ وارا شهري علائقا ان سڄي صورتحال کان ائين پاسيرا ٿيل آهن، ڄڻ پاڻي سندن مسئلو ئي نه هجي. شهرن ۾ رهندڙن کي اها غلط فهمي هوندي آهي ته پاڻي ۽ واهن جو مسئلو رڳو ٻهراڙين ۾ هارين، آبادگارن ۽ فصلن سان لاڳاپيل آهي، کين اندازو ناهي ته ڪراچي شهر کي ملندڙ روزانو 650 ملين گيلن پاڻيءَ مان 550 ملين گيلن (85 سيڪڙو) سنڌو درياهه مان اچي ٿو. ڪراچيءَ جي گهريلو ۽ صنعتي ضرورتن جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج جي ساڄي ڪپ کان نڪرندڙ واهه ڪلري بگهاڙ فيڊر (ڪي بي فيڊر) وسيلي پهرين ڪينجهر ڍنڍ ۾ پهچهندو آهي، اتان اهو پاڻي گهارو ۽ ڌابيجي پمپنگ اسٽيشنز تائين پهچندو آهي ۽ پوءِ اڳتي ڪراچي شهر ۾ پهچايو ويندو آهي. ڪراچي شهر کي باقي 100 ملين گيلن پاڻي حب ڊيم مان ملندو آهي، جنهن جو دارومدار حب نديءَ جي وهڪرن تي هوندو آهي. سوڪهڙي وارن مهينن ۾ ڊيم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي آهي، ته ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي. مطلب ته ڪراچيءَ جي پاڻيءَ جو گهڻي ڀاڱي دارو مدار سنڌو درياهه مان ايندڙ پاڻيءَ تي هوندو آهي، ٻين لفظن ۾ ته جيڪڏهن ڪوٽڙيءَ وٽ پاڻي گهٽجندو ته ڪي بي فيڊر ۾ به پاڻيءَ گهٽجي سگهي ٿو. ياد رهي ته ڪي بي فيڊر ۾ ڪوٽڙي صنعتي ايريا ۽ نوري آباد صنعتي علائقن جو زهريلو مادو پڻ وهڪرن سان شامل ٿيندو رهندو آهي. رستي ۾ ڳوٺن جو گهريلو گدلو پاڻيءَ به ڪجهه هنڌن تي ان ۾ ڇوڙ ٿيندو آهي. جيڪڏهن واهه ۾ مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجندو ته ان ۾ پاڻي وڌيڪ گدلو ٿيندو. اڳتي هلي اهو ئي پاڻي ڪينجهر مان ٿيندو ڪراچي پهچندو آهي. جيڪڏهن ڪينجهر ۾ جبلن تان تازو پاڻي نه ملندو ته اها گدلاڻ ڇڊي نه ٿي سگهندي. ائين ڪوٽڙيءَ وٽان ڪي بي فيڊر ۾ گهٽ وهڪرو ان جي معيار لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ جي پيئڻ جي پاڻيءَ جي معيار ۽ مجموعي مقدار جو دارومدار ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچندڙ پاڻيءَ جي مقدار ۽ معيار تي آهي.

ياد رهي ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻيءَ جو مقدار گهٽجڻ جو مطلب ان جو معيار خراب ٿيڻ هوندو آهي، ڪوٽڙيءَ تائين پهچندي سڄي ملڪ جو گند ڪچرو ان ۾ شامل ٿي چڪو هوندو آهي. اسڪردو ۽ چترال وٽان برف ڳرڻ سان ٺهندڙ وهڪرا جڏهن هيٺ لهي خيبرپختونخواه، پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان گذرندا آهن، ته سمورن علائقن مان شهرن جي نيڪال جو پاڻي به ان سان ملندو ويندو آهي ته زرعي زمينن جو زهريلن ڦوهارن ۽ ڀاڻ وارو نيڪال به ان ۾ شامل ٿيندو رهندو آهي. مثال طور اتر سنڌ جي زرعي زمينن جو نيڪال رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (آر بي او ڊي) وسيلي ٿيندو آهي. اهو وڏو سم نالو اچي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. ان جا زهريلا مادا منڇر جي پاڻيءَ کي زهريلو ڪندا آهن. منڇر ڍنڍ جو پاڻي وري سنڌو درياهه ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن سيوهڻ وٽ درياهه ۾ وهڪرو گهٽ هوندو ته منڇر مان ايندڙ زهريلو پاڻي ڇڊو نه ٿي سگهندو ۽ اڳتي هلي اهو صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي ڪوٽڙيءَ بئراج وٽ پهچندو آهي. ان بئراج جي کاٻي ڪپ تان نڪرندر واهن وسيلي اهو ئي پاڻي حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان  ۽ بدين ضلعن جي شهرين کي ملندو آهي. ساڄي ڪپ تان ڪي بي فيڊر وسيلي ساڳيو پاڻي ڪراچيءَ ڏانهن اماڻيو ويندو آهي.

حيدرآباد لاءِ ته پاڻيءَ جو واحد وسيلو سنڌو درياهه ئي آهي. 2004ع ۾ منڇر مان مليل پاڻيءَ سبب درياهه جو وهڪرو ايڏو زهريلو ٿي ويو جو حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا. ان وقت درياهه جي پاڻيءَ ۾ لوڻياٺ جو مقدار 1500 ملي گرام في لٽر ٿي ويو هو، صحت واري عالمي اداري پاران 500 ملي گرام في لٽر کان مٿي لوڻياٺ پاڻيءَ کي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي. گذريل سال 2024ع جي مارچ واري مهيني ۾ سنڌو درياهه وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجڻ سبب ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهه جي پاڻيءَ ۾ لوڻياٺ جو مقدار 750 ملي گرام في ليٽر ٿي ويو هو. ان صورتحال سبب شهرين کي پاڻيءَ جي فراهمي روڪي وئي، بعد ۾ سکر بئراج وٽان واهن جو پاڻي گهٽائي هيٺاهون وهڪرو وڌائي ڪوٽڙيءَ وٽ پاڻيءَ جي صورتحال کي سڌاريو ويو ته جيئن حيدرآباد جي شهرين کي پيئڻ جوڳو پاڻي ملي سگهي.

ان سڄي بحث مان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري رهواسين جو سنڌ واسين جي پاڻيءَ لاءِ جدوجهد کان پاسيرو رهڻ گهٽ عقليءَ واري رويي تي ٻڌل آهي. ٻنهي شهرن جي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ جو جياپو به سنڌو درياهه جي وهڪرن سان ٻڌل آهي. سنڌو دريائي سرشتي تي نوان واهه ٺهڻ سان رڳو ٻهراڙين جي زراعت تباهه نه ٿيندي، پر ان سان شهرن ۾ رهندڙ آبادي ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ به هٿ پير هڻندي. شهري سياست جي دعويدارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ته ايندي هوندي، پر سندن ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان وفاداريءَ جي تقاضائن سبب هو ان معاملي تي اڻ ڌريا ٿيا ويٺا آهن.

ساڳيءَ طرح انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجڻ سان سنڌ جي ساحل تي تمر جا ٻيلا ناس ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه سائنسي طور ثابت ٿيل آهي، ته تمر جا ٻيلا سامونڊي لهرن جي 70 کان 80 سيڪڙو توانائي جذب ڪندا آهن، تمر جا ٻيلا سامونڊي طوفانن اڳيان قدرتي ڍال آهن. سنڌ جي ساحلن تي سامونڊي طوفانن جو خطرو هر وقت رهي ٿو. 1945ع ۾ ڪراچيءَ جي ساحل تي سوناميءَ جي تباهڪاري به ٿي هئي. ڪراچيءَ وٽان لنگهندڙ سمنڊ وٽ زلزلو آڻيندو فالٽ لائين به موجود آهي. سمنڊ هيٺ ايندڙ زلزلن سبب خطرناڪ سونامي اچڻ جو به خطرو رهي ٿو. ڪراچي هن وقت سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباديءَ وارو شهر آهي، شهر جي آبادي ٻه ڪروڙ کان وڌي چڪي آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو سامونڊي طوفان يا سونامي ڪراچيءَ سان ٽڪرائيندي ته ان جي تباهي اسان جي سوچ کان به وڌيڪ ڀيانڪ هوندي. سامونڊي طوفانن ۽ سوناميءَ جي ڀوائتين ڇولين کي ڪا به انساني ڀِت نه ٿي روڪي سگهي. ان خطرناڪ توانائي وارين ڇولين کي روڪڻ جو سڀ کان اهم قدرتي ذريعو تمر جا ٻيلا آهن. تمر جي ٻيلن جي فطري نظام لاءِ درياهه جي پاڻيءَ جو سمنڊ تائين پهچڻ ضروري آهي. تمر جا ٻيلا انهن ماڳن تي ٿيندا آهن، جتي درياهه جو وهڪرو سمنڊ جي پاڻيءَ جي لوڻياٺ کي ڇڊو ڪندو آهي. درياهه جو اهو وهڪرو لڳاتار گهٽجي رهيو آهي. جيئن جيئن ڪوٽڙيءَ وٽ دريائي وهڪرو گهٽجي رهيو آهي، تمر جا ٻيلا به گهٽجي رهيا آهن. عالمي ماحولياتي تنظيمون ڊبليو ڊبليو ايف ۽ آءِ يو سي اين، ان معاملي تي وقت بوقت ريسرچ رپورٽون جاري ڪنديون رهيون آهن ۽ تمر جي ٻيلن جي بحاليءَ لاءِ رٿائون به هلائينديون رهيون آهن. تمر جي ٻيلن جي اها قدرتي ڀت جيتري ڪمزور ٿيندي، ڪراچيءَ لاءِ ساحلي آفتن جو خطرو اوترو وڌيڪ شديد ٿيندو.

ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي رهواسين جون زندگيون ۽ معيشتون سڌو سنئون سنڌو درياهه جي وهڪرن سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري ضروري آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا رهواسي ٻوليءَ ۽ سڃاڻپ جي بنيادن تي ان جدوجهد کان پاسيرا ٿيڻ بدران پنهنجي جياپي خاطر ان جو حصو بڻجن. سنڌو درياهه جو وهڪرو سندن زندگين لاءِ به ايترو ئي ضروري آهي، جيترو باقي سڄي سنڌ جي رهواسين لاءِ اڻ ٽر گهرج آهي.