Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

غربت، بُک، بدحالي ۽ جنگي جنونيت

(روزاني ڪاوش، 10 مئي 2025ع)

غربت، بيمارين، جهالت ۽ جنونيت سان ٽمٽار ننڍي کنڊ ۾ ميزائلن، ڊرونز ۽ جنگي ترانن جو مقابلو هلندڙ آهي، اڃا اها جنگ شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ دنيا کي انديشو آهي ته ڪٿي ٻئي ڌريون نيوڪليئر هٿيارن جا انبار نه اڇلي وجهن. ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن ۽ عوام جي هڪ وڏي حصي لاءِ جنگ سندن ايمان جو حصو آهي. ٻنهي پاسي بيانن جي بمباري ٻڌائي ٿي ته هيءَ باهه تڪڙي نه وسامندي. ٻئي ملڪ بارڊر سيڪيورٽيءَ جي جنگ ۾ رڌل آهن، جڏهن ته دنيا مضبوط ملڪن جو پيمانو غير رواجي سيڪيورٽي Non Traditional Security کي سمجهي ٿي. ملڪي/ عوامي تحفظ جي ان وصف جو سادو مطلب آهي عوام جي آسودگي ۽ ان جي بيمارين، بک، بدحالي، ڪرائيم، آفتن، خوراڪ جي اڻاٺ، جهالت ۽ اڻ برابريءَ کان نجات. ان وصف جي ابتڙ اسان جهڙن ملڪن ۾ سڪيورٽيءَ جو مطلب فوجون، ٽينڪون، توپون، جهاز ۽ ميزائيل آهي، جنگي جنونيت جي ان چٽاڀيٽيءَ ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي زندگين جو ڪهڙو حال آهي، ان کي وسارڻ نه گهرجي. ملڪن جي ترقيءَ جو ماپو هاڻي انساني ترقيءَ جي اهڃاڻن کي مڃيو وڃي ٿو. اچو ته انساني ترقيءَ جي اهم اهڃاڻن تي ٻنهي ملڪن جي صورتحال جو جائزو وٺون.

سن 2024-23ع ۾ جاري ٿيل انساني ترقيءَ واري گڏيل قومن جي رپورٽ موجب دنيا جي 193 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان 164هين ۽ هندستان 130هين نمبر تي بيٺل آهي، اهي ٻئي شرمناڪ نمبر آهن، ٻئي ملڪ انساني ترقيءَ ۾ هيٺانهين ڏاڪي تي بيٺل آهن. هاڻي اچو ته انساني ترقيءَ جي ڪجهه اهم اهڃاڻن تي ٻنهي ملڪن جي حالت جو جائزو وٺون.

هندوستان جي هڪ ارب 45 ڪروڙ آباديءَ ۾ اٽڪل ساڍا 23 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارن ٿا. جڏهن ته پاڪستان ۾ ساڍا نو ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار آهن، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب ٻئي ملڪ دنيا جي انهن پنجن ملڪن ۾ شامل آهن، جتي غربت سٽيل ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو انگ رهي ٿو. انهن پنجن ملڪن جي صف ۾ ايٿوپيا، نائجيريا ۽ ڪانگو شامل آهن. ياد رهي ته غربت سٽيل ماڻهن جي انگ ۾ هر سال وڌارو ٿيندو رهي ٿو، پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 50 لک آبادي وڌي ٿي، جڏهن ته ڀارت ۾ اهو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ٻنهي ملڪن وٽ محدود وسيلن سبب اهي غربت کي گهٽائڻ ۾ ناڪام رهن ٿا.

ورلڊ بئنڪ جي انگن موجب هندستان ۾ اٽڪل ساڍا 15 ڪروڙ ۽ پاڪستان ۾ پوڻا ٻه ڪروڙ آباديءَ وٽ ٽوائليٽ جي به سهولت موجود ناهي.

انساني ترقيءَ بابت مختلف ويب سائيٽس تان مليل انگن اکرن موجب ٻئي ملڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پٺتي پيل آهن، ڀارت پنهنجي مجموعي ملڪي پيداوار جو رڳو 3.3 سيڪڙو ۽ پاڪستان ان کان به گهٽ 2.9 سيڪڙو صحت جي شعبي تي خرچ ڪري ٿو. هندستان ۾ هڪ لک زنده ٻارن کي جنم ڏيندڙ 103 عورتون مري وڃن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو انگ 154 آهي، ان حساب سان ڀارت ۾ هر سال 24 هزار عورتون ۽ پاڪستان ۾ 10 هزار عورتون ويم دوران مري وڃن ٿيون. گڏيل قومن جي انساني آباديءَ بابت ڪم ڪندڙ اداري جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر 50 منٽن ۾ هڪ عورت ويم دوران ساهه ڏئي ٿي، هاڻوڪي صورتحال برقرار رهي ته پاڪستان کي ويم دوران عورتن جا موت ختم ڪرڻ ۾ 122 سال لڳي ويندا. هندستان ۾ به روزانو 52 عورتون ويم دوران موت جو کاڄ بڻجن ٿيون.

اهڙي ئي صورتحال ٻارن جي موتن جي آهي، ڀارت ۾ جيئرا ڄمندڙ هڪ لک ٻارن مان 30 ۽ پاڪستان ۾ 51 ٻار هڪ سال کان اڳ مري وڃن ٿا، اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل اڍائي لک نوان ڄاول ٻار مري وڃن ٿا. 2020ع جي انگن موجب هڪ سال ۾ ڀارت ۾ 24 هزار عورتون ويم دوران ۽ 4 لک 68 هزار نوان ڄاول ٻار موت جو کاڄ بڻيا.

تعليم جي ميدان ۾ به ٻنهي ملڪن جي صورتحال خراب آهي، پاڪستان پنهنجي مجموعي قومي پيداوار جو 2.4 سيڪڙو ۽ هندستان 4.5 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪن ٿا. مني صديءَ گذرڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ خواندگيءَ جي شرح 58 سيڪڙو ۽ ڀارت ۾ 74 سيڪڙو آهي، جيئن ته ٻنهي ملڪن جي آبادي تمام وڏي آهي، تنهنڪري اڻ پڙهيلن جو انگ به ڪروڙن ۾ آهي. هڪ ڪاٿي موجب ڀارت ۾ 37 ڪروڙ ۽ پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو اڻ پڙهيل آهن، علم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ ڪروڙين ماڻهن جو اڻ پڙهيل هجڻ ٻنهي ملڪن لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. انگن اکرن موجب سال 2024ع ۾ ڀارت ۾ پوڻا 12 ڪروڙ ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.

عورتن خلاف ڏوهن ۾ به ٻنهي ملڪن جا انگ ڳڻتيءَ جوڳا آهن، ٻه سال پراڻي بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ موجب هندستان ۾ سال اندر اٽڪل 32 هزار عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. جڏهن ته 76 هزار عورتون اغوا ڪيون ويون، رڳو ڏاج جي معاملي تان اٽڪل 7 هزار عورتون قتل ڪيون ويون. ساڳيءَ طرح پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميٽين جي رپورٽ موجب 2024ع ۾ غيرت جي نالي تي 346 قتل ڪيا ويا. اهي انگ رڳو رپورٽ ٿيل ڪيسن جا آهن، 2023ع ۾ پاڪستان ۾ عورتن تي تشدد جا 63 هزار واقعا رپورٽ ٿيا، ساڳئي سال عورتن سان جنسي ڏاڍائيءَ جا 6624 واقعا رپورٽ ٿيا.

مٿيان انگ اکر ته ٻنهي ملڪن ۾ بدترين انساني صورتحال جون رڳو ڪجهه جهلڪيون آهن، ٻنهي ملڪن جي وڏي جاگرافيائي پکيڙ، انساني آبادي ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي خراب صورتحال سبب انساني ترقيءَ سان لاڳاپيل انگن اکرن تائين پهچ ممڪن ناهي. عورتن ۽ ٻارن جي موتن، جنسي ڏاڍائي، تشدد ۽ ناخواندگيءَ بابت سامهون ايندڙ انگ اصل واقعن جو تمام ننڍو حصو هوندا آهن. جيتوڻيڪ گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ ٻنهي ملڪن جي صورتحال اڳي کان ڪجهه بهتر ٿي آهي، پر ان جي باوجود سندن هاڻوڪي صورتحال به عالمي معيارن جي ڀيٽ ۾ بدتر آهي.

ان افسوسناڪ صورتحال جي باوجود ٻئي ملڪ پنهنجا محدود مالي وسيلا انساني ترقي، پنهنجي شهرين کي تعليم، صحت، پيئڻ جو صاف پاڻي، پائخاني، عوامي انفرا اسٽڪچر، امن امان ۽ انصاف جهڙين اهم ضرورتن تي خرچ ڪرڻ بدران جنگي تيارين ۾ جنونيت تي خرچ ڪندا رهن ٿا. الجزيرا جي رپورٽ موجب 2024ع ۾ پاڪستان جو سالياني دفاعي خرچ 10 ارب ڊالر ۽ ڀارت جو ان کان گهڻو وڌيڪ 86 ارب ڊالر هو. هندستان جي فوجي سگهه 51.3 لک ۽ پاڪستان جي 17 لک آهي، هندستان وٽ 2229 فوجي جهاز ۽ پاڪستان 1399 فوجي جهاز آهن، هندستان وٽ 3151 ٽيڪون ۽ پاڪستان وٽ 1839 ٽينڪون آهن. 2023ع ۾ ڀارت نيوڪليئر هٿيارن تي 2.7 ارب ڊالر ۽ پاڪستان هڪ ارب ڊالر خرچ ڪيا. ٻنهي ملڪن کي هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪن ۾ روس، آمريڪا، فرانس، اسرائيل ۽ چين شامل آهن.

هڪ پاسي ٻنهي ملڪن جا ڪروڙين بدحال ۽ بيوس انسان آهن ۽ ٻئي پاسي سندن جنگ پرست حڪمران آهن، ٻنهي ملڪن جا اربين ڊالر هر سال بارود ۽ جنگي تيارين مٿان خرچ ٿين ٿا ۽ ٻئي پاسي لکين ماڻهو مانيءَ جي ويلي ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ روز جيئن ۽ مرن ٿا، پر ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن کي پنهنجي عوام جي زندگين کان وڌيڪ جنگون ڪرڻ جو شوق آهي