قومن جي جدوجهد واري ڀيٽ جا پيمانا
(روزاني ڪاوش، 3 ڊسمبر 2024ع)
گذريل هفتي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ پاران هڪ وڏي احتجاج کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڏي وٺ ٿيڻ لڳي ته پختونخواهه وارا پنهنجي مطالبن لاءِ رياست سان ايڏو وڏو ٽڪراءُ کائن ٿا، پر سنڌ واسي ماٺ ڪيو ويٺا آهن! ان قسم جون ڳالهيون تڏهن به ڪيون ويون، جڏهن بلوچستان مان ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو ٿي ويو. ان قسم جي بحث کي اجتماعي ٽوڪ، مهڻي بدران سياسي عمل جي ڇيد طور ڪجي ته ان سوال کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. حقيقت ۾ هر قوم جي جدوجهد جو تعين ڪيترائي عنصر ڪندا آهن، جيئن هر برادريءَ، گهراڻي يا فرد جو هڪ سڀاءُ ٿيندو آهي، تيئن قومن جو به هڪ سڀاءُ ٿيندو جڙندو آهي، قومن جا اجتماعي رويا به صدين جي عمل مان جڙندا آهن ۽ انهن آهر ئي قومون پنهنجي جدوجهد جا طريقا طئه ڪنديون آهن، هر قوم پنهنجي منفرد تاريخي اوسر، جاگرافيائي بيهڪ، آبهوا، سماجي جوڙجڪ ۽ سياسي تاڃي پيٽي آهر پنهنجي جدوجهد جا طريقا طئه/ اختيار ڪندي آهي، ڪن حالتن ۾ ڪي قومون نهايت ڪمزور حالت ۾ هونديون آهن، پر ڪن حالتن ۾ ساڳيون قومون اوچتو ڦيرو کائينديون آهن ۽ پنهنجي سگهه جو اظهار ڪنديون آهن. اهي سڀ لاها چاڙها تاريخ جي ڦيتي جيان ڦرندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن تاريخ جي ڪمزور گهڙين ۾ ٻئي ڪنهن جي سگهه ڏسي ان کان تڪڙو متاثر ٿيڻ به فطري عمل آهي، البته سماج جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي اهڙي ڀيٽ ڪرڻ وقت اٻهرائي ڪندي حتمي راءِ ڏيڻ يا ٺٺول وارا جملا استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اڃا پختونخواهه جي سياسي ساڃاهه ۽ دليريءَ جي واهه واهه ٿي رهي هئي ته رات جو اسلام آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ڪلاڪ ڏيڍ جي آپريشن کان پوءِ ويڙهه جو ميدان ويران ٿي چڪو هو، پي ٽي آءِ جو اهو احتجاج ڪنهن نظرياتي سياسي جماعت جي قومي حقن لاءِ منظم جدوجهد جي آڌار نه پئي ڪيو ويو، پختونن جي ويجهي ماضيءَ ۾ ڪا نظرياتي پارٽي هئي، ته اها عوامي نيشنل پارٽي هئي، جيڪا رياستي عتاب جي نتيجي ۾ تاريخ جي ڪمزور دور مان گذري رهي آهي. گذريل ويهارو کن سالن کان اي اين پي کي سرڪار ۽ سرڪار جي مشن تي لاٿل جٿن نشانو بڻائي چيڀاٽي ڇڏيو آهي. پارٽي قيادت جي غلطين ۽ رياست جي نشاني بازيءَ جي لڳاتار مشق کان پوءِ پارٽي ڪمزور ضرور ٿي آهي، پر ڪجهه اهم نظرياتي سوالن تي اڄ به قائم آهي، البته نظرياتي بنياد ڪمزور ٿيڻ سبب پارٽي پختون قومپرستيءَ مان پختون نسل پرستيءَ ڏانهن به جهڪاءُ اختيار ڪندي رهي ٿي. ان کان پوءِ ويجهڙ ۾ منظور پشتين جي قيادت ۾ پختون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي پليٽ فارم تان پختون قومپرستيءَ جو نئون اڀار ٿيو آهي، عوامي نيشنل پارٽي يا پي ٽي ايم جي ڀيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اسلام آباد واري هلچل هڪ بنهه مختلف عمل هو، جنهن جو واحد نعرو عمران خان جي آزادي هو. سندن هزارين گاڏين جي قافلي ۽ ماڻهن جي هجوم مان متاثر ٿيڻ وقت اهو نه وسارڻ گهرجي ته اها ڪا عوامي سياسي تحريڪ نه پر سرڪاري وسيلن ۽ سرپرستيءَ ۾ ڪڍيل جلوس هو، ان جلوس کي ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ سرڪار ڪرينن، ايمبولنسن، گاڏين جي پيٽرول، ورڪرن جي معاوضي، سرڪاري هٿيارن ۽ کاڌي پيتي جون سموريون سهولتون صوبائي حڪومت پاران فراهم ڪيل هيون. ان جي اڳواڻي صوبي جو وڏو وزير، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڪري رهيا هئا. سڄي صوبي جي پوليس سندن خدمت ۾ حڪم جي ماتحت هئي. سرڪاري هٿيارن، بارود، ڳوڙها گيس جي شيلز سميت سرڪاري حفاظتي واهر پڻ ان جلوس کي مهيا ٿيل هئي. اهڙي زبردست واهر ته ڪنهن قبيلي کي ملي ته اهو به طاقت جو ايڏو مظاهرو ڪري وٺندو.
جيڪي ماڻهو سياسي تحريڪن ۽ عوامي جاڳرتا جي جدوجهدن کان واقف آهن، اهي سمجهي سگهن ٿا ته اها ڪا عوامي انقلابي جدوجهد نه پر نج صوبائي سرڪار جي ارينج ڪيل ڪارروائي هئي، اها جدوجهد پختونن جي معدني وسيلن، پاڻي، سندن علائقي ۾ روز ٿيندڙ طالباني دهشتگردي يا ڊيورنڊ لائين ختم ڪرڻ لاءِ نه پر اسٽيبلشمينٽ جي پروجيڪٽ جي پيداوار هڪ اهڙي اڳواڻ کي جيل مان ڇڏائڻ لاءِ هئي، جيڪو پنهنجي اقتدار جي دور ۾ اڄوڪي حڪومت جهڙن ئي غير جمهوري ۽ فاشست روين سان ملڪ هلائي رهيو هو. جيئن اڄ هيءَ اتحادي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي تعبيداري ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف به پنهنجي حڪومت دوران نان سويلين ادارن ۽ نيب جي سرپرستيءَ هيٺ ملڪ تي ائين ئي راڄ ڪيو هو. افغاني طالبانن کي واپس آڻي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ کان وٺي، ”رياستِ مدينا“ جهڙن نعرن سان عوام کي بيوقوف بنائڻ وارن مدي خارج طريقن سان سياست ڪرڻ ۽ حميد ۽ باجوا جي ڪلهن تي چڙهي حڪومت ڪندڙ پارٽي اڳواڻ اڄ جيڪڏهن ڪنهن لاءِ انقلابي رهنما ٿي پيا هجن، ته ان تي رڳو اچرج جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو. عمران خان البته اسٽيبلشمينٽ سان اڻ بڻت کان پوءِ ان جي ئي هڪ ڌڙي جي سهڪار سان هن وقت اسٽيبلشمينٽ مخالف انقلاب ٿي اڀريو آهي. ڪجهه سال اڳ اهڙو ئي اسٽيبلشمينٽ مخالف انقلابي اڳواڻ نواز شريف به اڀريو هو ۽ ڪيترا ئي جذباتي دوست ان وقت کانئس به ايترا متاثر ٿيا هئا! پر جيئن ته نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ مخالفت به ڪنهن انقلابي نظريي هيٺ نه پر وڃايل اقتدار واپس ڏيارڻ لاءِ هئي، تنهنڪري ڊيل ٿي وڃڻ کان پوءِ هو اسٽيبلشمينٽ جو اڳي کان وڏو اتحادي ٿي اڀريو. اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۽ اتحاد جي وارن ڦيرن لاءِ مسلم ليگ، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت جو ٽڪراءُ رڳو اقتدار جو وارو وٺڻ لاءِ آهي، جيڪو اقتدار مان آئوٽ ٿيندو اهو اسٽيبلشمينٽ مخالف انقلابي ٿي اڀرندو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو اهو انقلابي قافلو سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ ممڪن هجي ها ته پوءِ اها انقلابي سگهه پنجاب ۾ به رستن تي رکيل ڪنٽينر ڪيرائي، پوليس سان ويڙهه ڪندي اسلام آباد پهچي وڃي ها، پر ان جي ابتڙ پنجاب ۾ ڪٿي پنجاهه ماڻهن جو جلوس به نه نڪري سگهيو، پر ساڳي پي ٽي آءِ پختونخواهه ۾ پي ڊي ايم جي نگران حڪومت وقت ساڳئي انقلابي جلوس سان اسلام آباد ڇو نه ايندي هئي؟ هيءَ اهڙي ئي طاقت آهي، جهڙي ڪنهن دور ۾ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي عطا ڪئي وئي هئي، ان وقت به ڪيترائي جذباتي دوست اردو ڳالهائيندڙن جي ٻَڌي، هٿيار بند ويڙهه ۽ هزارين ماڻهن جي جلسن کان متاثر ٿيندا هئا. رياست جنهن ڏينهن ڏنڊي ۾ هٿ وڌو، اها اڌاري حاصل ٿيل انقلابي طاقت هاڻي ڳوليندي به نه ٿي ملي.
پي ٽي آءِ جي جر تي ڦوٽي جهڙي ان ايڊونچر جي ڀيٽ ۾ پختونن جي پي ٽي ايم ۽ بلوچن جي يڪجهتي موومينٽ مختلف نوعيت جون تحريڪون آهن. اهي وڏي حد تائين رياستي جبر خلاف عوامي مزاحمت ۾ اڀريون آهن. پختون ۽ بلوچ سماجن جي سموري بيهڪ سنڌ کان مختلف آهي، تنهنڪري انهن جي ڀيٽ ڪرڻ سياسي لحاظ کان غلط ڇيد ٿيندو. انهن ٽنهي قومن جي عوامي جدوجهد جي پنهنجي پنهنجي سگهه ۽ ڪمزوريون آهن. پختون گذريل صدين خاص ڪري اڌ صديءَ کان هڪ مڪمل جنگ واري صورتحال مان گذرندا رهيا آهن. افغان جنگ جي پهرئين مرحلي کان وٺي پختونخواهه رياست جي جنگي ميدان طور استعمال ٿيندو رهيو آهي، هزارين طالبانن جي تياريءَ جون فيڪٽريون قائم ڪرڻ، جهاد جي نالي تي ويڙهاڪن جي سکيا ۽ هٿيارن جا مرڪز قائم ڪرڻ کان وٺي قبيلائي علائقن کي مڪمل ويڙهه مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ سان پختون سماج ۽ سياست جا بنياد ئي بدلجي ويا آهن، انهن پنجن ڏهاڪن دوران ان ڌرتيءَ تي جيترا لاش ڪريا آهن، سرڪاري آپريشنز ٿيا آهن ۽ بارود وسايو ويو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي صورتحال بنهه مختلف آهي، ساڳيءَ طرح بلوچستان به پاڪستان ٺهڻ کان وٺي رياست مخالف هٿيار بند اڀارن جو مرڪز رهيو آهي. هڪ ٻئي پٺيان اتي هٿياربند ويڙهاڪن جا رائونڊ هلندا رهيا آهن. گذريل ويهن ورهين کان بلوچستان به مڪمل جنگي صورتحال مان گذري رهيو آهي، پختونخواهه ۽ بلوچستان جو سماجي ڍانچو گهڻي ڀاڱي قبيلائي نوعيت جو آهي، جتي اسريل زراعت يا صنعت بدران محدود مال متاع، جنگ ۽ اسمگلنگ جي معيشت هلندي رهي آهي. انهن علائقن جا لکين ماڻهو روزگار سانگي پرڏيهه ويندا رهيا آهن، يا ملڪ اندر ڪراچي سندن معاشي مرڪز رهيو آهي. ان کان سواءِ سندن جاگرافيائي بيهڪ به گوريلا ويڙهه لاءِ ٺهڪندڙ آهي، جتي اوچا پهاڙ، پاڙيسري ملڪن جون کليل سرحدون، هٿيارن جي عام چرپر سب عام ۽ قبيلائي روايتن تي ٻڌل سرشتي سبب عام ماڻهو به ويڙهاڪ واري سڀاءَ سان اسري ٿو.
انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌ درياهه ۽ سمنڊ جي ڪپ تي هجڻ سببب زرعي، ماهيگري ۽ مال متاع واري واپاري معيشت جو مرڪز رهيو آهي. جنهن ڪري هتي لڏپلاڻ يا ويڙهاند جو ماحول گهٽ رهيو آهي. مغلن توڙي انگريزن جي دور ۾ سنڌ اندر تعليم، واپار ۽ ڪاروبار سان سلهاڙيل هڪ وچولي طبقي تي ٻڌل سماج اسريو آهي، جنهن جي سياسي تحريڪن جو بنياد سياسي پارٽين، اقتداري ايوانن، ادب، صحافت ۽ ڪلچر تي ٻڌل رهيو آهي، گذريل صديءَ دوران سنڌ جي سياسي مزاحمت ۾ هٿياربند ويڙهاند وارا مختصر مرحلا حر تحريڪ يا ايم آر ڊي جي هلچل وارا نظر اچن ٿا. ان کان سواءِ سنڌ جي سموري سياسي جدوجهد عوامي جاڳرتا ۽ مستقل مزاجيءَ سان هلندڙ سياسي تحريڪن تي ٻڌل رهي آهي. ون يونٽ جي خاتمي، سنڌي ٻوليءَ جي بقا، سنڌ جي قومي سڃاڻپ جي بچاءَ ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي مالڪيءَ واريون جدوجهدون ڏهاڪن تي پکڙيل رهيون آهن. بمبئي کان عليحدگي، ون يونٽ جي انت، صوبائي خود مختياري، ڪالا باغ ڊيم روڪڻ واريون سياسي تحريڪون ڏهاڪن تائين رهيون آهن، جن ۾ سنڌ کي وڏي حد تائين ڪاميابي ملي آهي. انهن سمورين جدوجهدن ۾ رتوڇاڻ يا بارود جي استعمال بدران پرامن سياسي طريقن کي استعمال ڪيو ويو. سنڌ معاشي طور پختونخواهه توڙي بلوچستان کان وڌيڪ سگهاري رهي آهي ۽ تعليمي ادارن جي ڄار جي نتيجي ۾ وچولي طبقي جي پهچ رياستي نظام اندر مختلف شڪلن ۾ رهي آهي. نوڪرين، زرعي پيداوار ۽ مارڪيٽ جي ڪاروبار تي ٻڌل معاشي ڍانچي جي نتيجي ۾ سنڌي وچولو طبقو پنهنجي سياسي جدوجهد لاءِ مختلف ميدان ۽ طريقا استعمال ڪندو رهيو آهي. ان کي درپيش چئلينجز به مختلف رهيا آهن. مثال طور زرعي زمينن، بندرگاهن ۽ معدني وسيلن سبب سنڌ جي سرزمين ٻاهرين آبادڪاريءَ جو شڪار رهي آهي، ان ڪري سنڌ جا مسئلا به ڊيموگرافي، حق حاڪميت، قومي سڃاڻپ، ٻولي، معدني وسيلن جي مالڪي ۽ پاڻيءَ جي ڀائيواريءَ وارا رهيا آهن.
هن وقت ون يونٽ واري دور جي ابتڙ سنڌ ۾ سياسي ۽ انتظامي طور سنڌي گهڻا اڳڀرا آهن، پر سندن نمائندگي ڪندڙ حڪمران پارٽيون موقعي پرستي، ڪوتاهه نظري، ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ لاءِ اندروني چئلينج بڻيل آهن، انهن جي حل لاءِ سنڌ لڳاتار سياسي مزاحمتون ڪري رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪو هڪ ڏينهن به عوامي جدوجهدن کان خالي ناهي رهيو. رياستي ڍانچي جي ڦر لٽ جي سمورين شڪلين خلاف سنڌ هڪ اڻ کٽ لڳاتار جدوجهد ۾ آهي. ان جدوجهد کي سرڪاري مشينري، گاڏين ۽ مالي وسيلن جو سهڪار به ناهي، تنهنڪري ان ۾ رسين سان ڪنٽينر ڪيرائڻ ۽ پوليس تي غليل هلائڻ جهڙا ويڙهاند وارا منظر نظر نه ٿا اچن ۽ ان ڪري ان ۾ اهو رومانس به نظر نه ٿو اچي، پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته سنڌ واسي پنهنجي مسئلن کان لاتعلق ۽ هٿ هٿ تي رکي ويٺا آهن. انتهاپسنديءَ توڙي غير قانوني واهه ڪڍڻ خلاف جدوجهد کان هڪ ڏينهن به خالي نه ٿو گذري، سوين ملين جا لانگ مارچ، عوامي ميڙاڪا، عالمي فورمن تي انگن اکرن سان ڪيس وڙهڻ وغيره جهڙا ڪم سنڌ جا هٿين خالي سياسي ورڪر ڪندا رهيا آهن.
اسان کي سنڌ جي جدوجهد جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي ڪٿ ڪرڻ وقت اهو نه وسارڻ گهرجي ته رڳو مُني صديءَ کان اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي عددي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ خلاف جدوجهد ۾ آهيون. اهڙي امتحان مان پختون يا بلوچ قومن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي گذرڻو ناهي پيو، انهن صوبن جي معاشي وسيلن تي ائين والار ناهي ٿي، جيئن سنڌ جي زمين، پاڻي، معدنيات سان ٿي آهي. سنڌ جي استحصال جي نوعيت به مختلف آهي ۽ ان جي جدوجهد به مختلف آهي. سنڌ پنهنجي سماجي جوڙجڪ ۽ جاگرافيائي ماحول سبب هٿيارن وسيلي ويڙهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي رهي. وچولو طبقو تعليم، ڪاروبار ۽ زورگار جي نوعيت سبب ويڙهاند وارا روايتي طريقا اختيار ناهي ڪري سگهندو. سماجي ۽ سياسي بيهڪ آڌار جدوجهد جا مختلف ميدان چونڊڻ اسان جي اڻ ٽر مجبوريءَ آهي. اسان انهن سانحن مان به ناهيون گذريا، جن مان پختون ۽ بلوچ گذريا آهن. اهي سڀ حقيقتون صدين جي تاريخي عمل مان جڙيون آهن، جن کي اسان پنهنجي مرضيءَ سان بدلائي نه ٿا سگهون، تنهنڪري پنهنجي قومي حقن واري جدوجهد جي سگهه ۽ ڪمزوريءَ جو تعين اسان کي پنهنجي حقيقتن واري فريم ۾ ڪرڻو پوندو. اسان جي سياسي عمل ۾ جيڪي ڪمزوريون آهن، انهن تي بحث ڪرڻ ۽ انهن ڪمزورين مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ اسان کي جيڪي ڪم ڪرڻ گهرجن، انهن تي ڳالهه ٿيندي رهي آهي ۽ وڌيڪ به ٿيڻ گهرجي.