Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

ملڪ ۾ انساني ترقيءَ جي حالت

(روزاني ڪاوش، 2 ڊسمبر 2025ع)

پاڪستان ۾ آباديءَ سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم ڪندڙ اداري پاپوليشن ڪائونسل پاران برطانيا جي سرڪاري اداري يوڪي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ جي سهڪار سان هڪ رپورٽ “District Vulnerability Index for Pakistan”  جاري ڪئي آهي، هن تحقيقي رپورٽ ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي ڪمزور/سماجي طور غير محفوظ هجڻ واري پيماني تي درجي بند ڪئي وئي آهي. ان درجي بنديءَ جي بنياد طور مختلف ضلعن ۾ گهرن جي اڏاوتي معيار (ڪچو/پڪو)، اچ وڃ جي وسيلن تائين پهچ (ٽرانسپورٽ)، گذر سفر جي وسيلن، صحت، ۽ تعليم جي سهولت تائين پهچ وغيره کي شامل ڪيو ويو آهي. هيءَ رپورٽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي جي معيار جو آئينو آهي، رپورٽ ۾ ڪجهه اهم نتيجا هن ريت آهن. ملڪ جي سڀ کان ڪمزور 20 ضلعن مان 17 بلوچستان صوبي ۾ آهن، باقي ٽن مان ٻه خيبرپختونخواه جي اڳوڻي فاٽا علائقي ۾ ۽ هڪ سنڌ ۾ آهي، پنجاب جو هڪ به ضلعو ان ڪيٽيگري ۾ شامل ناهي. ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور 20 ضلعن مان 13 پنجاب صوبي ۾ آهن، باقي 13 مان چار سنڌ صوبي جي ڪراچي ڊويزن ۾ آهن، جڏهن ته ٻه ضلعا خيبرپختونخواه ۽ هڪ بلوچستان ۾ آهن. ملڪ جي پنجن گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور ضلعن مان چار سنڌ جي ڪراچي ڊويزن مان آهن، جڏهن ته پنجين نمبر تي لاهور آهي. سنڌ جو هڪ ضلعو ڪمزور  ترين 20 ضلعن جي فهرست ۾ ڏهين نمبر تي آهي، جيڪو ٿرپارڪر آهي. تعليم جي سهولتن جي حوالي سان ڪراچي سڄي ملڪ ۾ اڳڀرو آهي، آبادي جي لحاظ ۽ فاصلي جي لحاظ کان سڀ کان گهڻا اسڪول ڪراچيءَ ۾ آهن. گهرن جي اڏاوت جي لحاظ کان پنجاب سڀني صوبن کان اڳڀرو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ هر ٽن مان ٻه گهر ڪچا نيم پڪا آهن. انهن ۾ ڪکن ڪانن ۽ ڪچي سر جا ٺهيل گهر شامل آهن.

سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ هڪ ڪمري وارا گهر آهن. ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ سڀني کان گهٽ يعني 3 سيڪڙو گهر ڪچا يا نيم پڪا آهن، جڏهن ته سجاول ۾ 84 سيڪڙو گهر اهڙا آهن. بلوچستان ۾ سراسري طور 80 سيڪڙو گهر ڪچا نيم پڪا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اهڙن گهرن جو سراسري سيڪڙو 19، سنڌ ۾ 40 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 44 سيڪڙو آهن. گهرن ۾ ٽوائليٽ جي لحاظ کان به ڪراچي اڳڀرو آهي، جتي ڪراچي سنيٽرل ضلعي ۾ رڳو اڌ سيڪڙو گهرن ۾ ٽوالئليٽ ناهي، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ 59 سيڪڙو ۽ ڪوهلو ۾ 67 سيڪڙو گهر ٽوائليٽ کان محروم آهن. هڪ ڪمري وارن گهرن جي لحاظ کان سنڌ ۾ ڪراچي سڀني کان سٺي حالت ۾ آهي، جتي رڳو 16.3 سيڪڙو گهر هڪ ڪمري وارا آهن، ان جي ابتڙ سجاول ۾ 86 سيڪڙو گهر هڪ ڪمري وارا آهن. سنڌ ۾ سراسري طور 58 سيڪڙو گهر هڪ ڪمري وارا آهن. خيبرپختونخواه ۾ 28 سيڪڙو پنجاب ۾ 24 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 35 سيڪڙو گهر هڪ ڪمري وارا آهن. ٽرانسپورٽ ۽ اچ وڃ جي سهولتن جي لحاظ کان ڪراچيءَ ۽ لاهور سڀني کان اڳڀرا آهن، جتي ڳوٺن جو پڪي رستي کان سراسري فاصلو 2 ڪلوميٽر آهي. فون جي سهولت جي حوالي سان ڪراچيءَ ۾ رڳو 1.3 سيڪڙو گهر ان سهولت کان محروم آهن، دادوءَ ۾ اهڙن گهرن جو تعداد 28 سيڪڙو، جهل مگسي ۾ 94.5 سيڪڙو آهي. گذر سفر جي وسيلن جي حوالي سان زراعت تي ڀاڙيندڙ آبادي وڌيڪ ڪمزور رهي ٿي، ڇو ته آفتن ۽ موسمن جي اکرن سبب زراعت تي ڀاڙيندڙ گهراڻن جو گذر سفر ڪمزور رهي ٿو. ان لحاظ کان ڪراچيءَ ڪورنگي، ضلعو سڀني کان بهتر حالت ۾ آهي، جتي رڳو هڪ سيڪڙو گهرن جو گذر سفر رزاعت تي آهي. ان جي ابتڙ جيڪب آباد ۾ 17.8 سيڪڙو ۽ بلوچستان جي محبتپور ۾ 26 سيڪڙو گهر زراعت تي ڀاڙين ٿا.

آباديءَ ۾ بيروزگار ماڻهن جو سيڪڙو گذر سفر جي حوالي سان اهم ايڪو آهي، ان حوالي سان به ڪراچي سينٽرل سڄي ملڪ ۾ بهتر حالت ۾ آهي، جتي رڳو 5.7 سيڪڙو آبادي بيروزگار آهي. ٻئي نمبر تي پنجاب جو گجرات ضلعو آهي، جتي بيروزگار آباديءَ جو حصو 6.8 آهي. پنجاب ۾ سراسري طور 11 سيڪڙو آبادي بيروزگار آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 14 سيڪڙو آبادي بيروزگار آهي. سڀ کان گهڻي بيروزگاري 23.4 سيڪڙو بلوچستان ۾ آهي. صحت جي سهولتن جي لحاظ کان به ڪراچيءَ ۽ لاهور شهر سڄي مل کان اڳڀرا آهن، جتي رهواسين کي هڪ ڪلوميٽر کان به گهٽ پنڌ تي ڪا نه ڪا بنيادي صحت جي سهولت موجود آهي. ڪراچيءَ ۾ به ايڏو فرق آهي، جو ملير ضلعي ۾ اهو فاصلو 34 ڪلوميٽر آهي.  اتر وزيرستان ۾ اهو فاصلو 66 ڪلوميٽر ۽ ڪوهلو ۾ 67 ڪلوميٽر آهي. خانگي ڊاڪٽر تائين پهچ جي لحاظ کان ڪراچي شهر سڀني کان اڳڀرو آهي، جتي هڪ ڪلوميٽر اندر خانگي ڊاڪٽر تائين پهچن جو فاصلو 31 ڪلوميٽر آهي، بلوچستان جي ڪوهلو ضلعي ۾ اهو فاصلو 90 ڪلوميٽر آهي. اتر وزيرستان ۾ اهو فاصلو 56 ڪلوميٽر آهي. دماغي صحت ۾ ٻارن جي صحت جي سهولتن جي حوالي سان ڪراچي ۽ لاهور شهر سڀني کان اڳڀرا آهن، جتي اهي سهولتون هڪ ڪلوميٽر کان به گهٽ فاصلي تي موجود آهن. ملير ضلعي ۾ اهو فاصلو 31 ڪلوميٽر آهي، ۽ خيبرپختونخواهه جي ڪوهستان ضلعي ۾ اهو فاصلو 72 ڪلوميٽر ۽ بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ 93 ڪلوميٽر آهي.

تعليم جي لحاظ کان ڪراچي جو سينٽرل ضلعو سڄي ملڪ ۾ اڳڀرو آهي، جتي في ڏهن چورس ڪلوميٽرن اندر سڀني کان وڌيڪ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن، ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ هر 10 چورس ڪلوميٽرن اندر 30 پرائمري اسڪول آهن، جڏهن ڄامشوري ۾ لڳ ڀڳ 20 چورس ڪلوميٽرن تي هڪ اسڪول آهي، بلوچستان جي صحبتپور ضلعي ۾ هر 10 چورس ڪلوميٽرن ۾ رڳو 5 اسڪول آهن. هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حوالي سان ڪراچيءَ جو سينٽرل ضلعو سڄي ملڪ ۾ اڳڀرو آهي، جتي هر ڏهن چورس ڪلوميٽرن ۾ 16 تعليمي ادارا آهن، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ ايتري ايراضي ۾ 0.01 ادارا آهن، لاهور شهر م ايتري پکيڙ ۾ رڳو 2.3 تعليمي ادارا آهن. معنيٰ ته ڪراچيءَ ۾ لاهور کان اٺوڻ تي وڌيڪ ادارا آهن. موسمياتي اثرن/آفتن جي حوالي سان ٿيل درجي بندي ۾ ڪراچيءَ جا ضلعا سينٽر، ڪورنگي، سائوٿ ۽ ايسٽ سڀني کان وڌيڪ محفوظ ضلعا آهن. بلوچستان جو ضلعو واشڪ سڀني کان ڪمزور حالت ۾ آهي. سنڌ جو سڀني کان ڪمزور ضلعو ٿرپارڪر آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا اڪثر ضلعا موسمياتي لحاظ کان ڪمزور ضلعا آهن. اهي انگ اکر پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته بلوچستان مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۾ ڪمزور ترين صوبو آهي، ملڪ ۾ ڪراچي هينئر به سمورين سهولتن جي حوالي سان باقي ملڪ کان اڳڀرو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ هڪ خاص گروهه سدائين مسئلن جو ماتم ڪندو رهندو آهي ۽ ان جا ڪيترائي مسئلا جائز به آهن، پر انهن حالتن ۾ به ڪراچي باقي سڄي ملڪ کان بهتر حالت ۾ آهي. ملڪ ۾ ٻهراڙين جا علائقي صحت، تعليم، پاڻي رهائش جهڙن اهم ايڪن جي حوالي سان بدترين حالت ۾ آهن، جن کي حڪومتون لڳاتار نظر انداز ڪنديون رهيون آهن.

پاڪستان مجموعي طور دنيا ۾ انساني ترقيءَ جي ماپي تي هيٺاهين درجي وارن ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ هيءَ رپورٽ ملڪ جي ضلعن جي حالت جي انگن اکرن سان ثبوت مهيا ڪري ٿي. اصولي طور تي ملڪ جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ انساني ترقيءَ جي حوالي سان پٺتي پيل ضلعن کي اوليت ڏني وڃي، ته جيئن اتي انساني زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائجي. ان جي ابتڙ صوبائي حڪومتون وڏي آباديءَ وارن وڏن شهرن تي بجيٽون خرچ ڪن ٿيون، ان جي نتيجي ۾ پٺتي پيل علائقا ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندا وڃن ٿا. جيئن جيئن انهن علائقن جي محرومي ۽ پسماندگي وڌي ٿي، اتان ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري وڏن شهرن ۾ اچڻ لڳن ٿا. ان سان وڏن شرن تي آباديءَ جو دٻاءُ وڌي ٿو، اتي جو انفراسٽڪرچر ۽ عوامي خدمتنن جو ڍانچو وڌندڙ آباديءَ جون گهرجون پوريون نه ٿو ڪري سگهي. ائين شهرن جي حالت به خراب ٿيڻ لڳي ٿي. جيستائين حڪومتون، پٺتي پيل ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن جي حالت ٺيڪ نه ڪنديون، وڏن شهرن جا مسئلا به لڏپلاڻ سبب بگڙجندا رهندا. پاڪستان جي وڏن شهرن توري ٻهراڙين جو الميو اهو ئي آهي.