نئين اڏاوت جا نوان بنياد
روزانہ پنهنجي اخبار، 11 آڪٽوبر 2022ع
عالمي بئنڪ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويندا، ان اندازي تي گهڻو شڪ نه ٿو ٿئي ڇو ته رڳو سنڌ صوبي ۾ سوا ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ وگهي متاثر ٿيا آهن،جن مان لڳ ڀڳ منو ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن،انهن بي گهر ٿيل ماڻهن جو هڪ تمام وڏو انگ پڪ سان يا ته اڳي ئي غربت جي ليڪي کان هيٺ هوندو يا ٻوڏ جي هن سٽ کانپوءِ غربت جي ليڪي کان لهي چڪو هوندو.سنڌ ۾ اڳي ئي تمام گهڻي غربت آهي ۽ ٻهراڙين ۾ ان جي شدت وڌيڪ آهي. 2016ع ۾ گڏيل قومن واري ترقياتي اداري پاران ملڪ ۾ گهڻ پاسائين غربتMultidimensional poverty بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ان پيماني تي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 75 سيڪڙو آبادي غربت جو شڪار آهي، ياد رهي ته غربت ماپڻ جو اهو پيمانو رڳو آمدني کي بنياد نه ٿو بنائي پر ان ۾ ٻيا سماجي پاسا جهڙوڪ صحت، تعليم وغيره به ڳڻيا ويندا آهن، ايئن صاف نظر اچي رهيو آهي ته هن ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ شديد غربت جي هڪ لهر ڪر کڻندي، ماڻهو اڳي ئي پوري ساري حال ۾ ساهه کڻي رهيا هئا، سڀ کان وڏو نقصان ماڻهن جي گذر سفر جي وسيلن جو ختم ٿي وڃڻ ۽ سندن گهرگهاٽ ختم ٿي وڃڻ سان ٿيو آهي،ٻهراڙ ۾ گهڻي ڀاڱي ماڻهن جو گذر ٻني ٻاري، چوپائي مال ۽ ننڍن ڪاروبارن تي آهي،جيئن باقاعده نقصان جي ڪاٿي جو ڪم پورو ٿيندو ۽ انگ اکر سامهون ايندا ته اندازو ٿيندو ته ڪيترا ڪروڙ نوان غريب سماج جو حصو ٿي چڪا آهن.
ٻوڏ کان اڳ به اهي علائقا شديد غربت، غذائي اڻاٺ ۽ سماجي بدحالي جو شڪار هئا،ڪيمپن ۾ ويٺل اڪثر ماڻهن جي جسماني حالت ۽ ساڻ کڻي آيل قيمتي اثاثن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ اڳي ئي ڪيتري غربت جو راڄ رهيو. اهي علائقا مس مس 2010ع جي ٻوڏ جو ڌڪ پچائي ساهه کڻڻ جهڙا ٿيا هئا جو مٿن هي نئين مصيبت ڪڙڪي پئي، عملي طور اهي علائقا2010ع واري حالت ۾ هليا ويا آهن.
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته انهن لکين ڪروڙين ماڻهن کي معاشي ۽ سماجي طور ڪئين بحال ڪجي، اهو لڳ ڀڳ هڪ نئون سماج اڏڻ جي برابر ڪم آهي،اهو هڪ وڏو چئلينج به آهي ته وڏو موقعو پڻ آهي،جيڪڏهن پاليسيون ٺاهيندڙ ماڻهن سان سچا ٿين ته هن موقعي کي ماڻهن جون زندگيون بدلائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.
مثال طور درياءَ جي ساڄي پاسي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ٽن ضلعن جي ٻهراڙين ۾ گهرن جي بناوت جا هي انگ اکر سنڌ بيورو آف اسٽيٽڪس جي 2021ع جي رپورٽ ۾ موجود آهن.
ضلعو ( ٻهراڙي) ڪل گهر- ڪچا گهر- هڪ ڪمري وارا گهر ،انگ/
قمبر شهدادڪوٽ -139،232- 90278(65سيڪڙو)112715-81سيڪڙو
دادو-215،616 – 120160 (53%)- 166066 77سيڪڙو
ڄامشورو-102،564-44،661(43%)- 79،319 77.34 سيڪڙو
هنن انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ اڌ جي لڳ ڀڳ گهر ڪچا آهن ۽ ٻه ڀاڱي ٽيون حصو گهر رڳو هڪ ڪمري وارا آهن عملي طور جديد رهڻي ڪهڻي جي تقاضائن جي حسابسان ڄڻ ته گهر ئي ناهن، رڳو نالي ماتر اجها آهن.
هاڻي اچو ته انهن ضلعن ۾ آبادين/ ڳوٺن جي بيهڪ تي هڪ نظر وجهون. قمبر شهدادڪوٽ ۾ 65 سيڪڙو جي ٻهراڙين ۾ ڳوٺ اهڙا آهن جن ۾ 50 کان به گهٽ گهر آهن، دادو ۾ اهڙن ڳوٺن جو سيڪڙو 55 ۽ ڄامشوري ۾ 65 سيڪڙو اهڙا ڳوٺ آهن.
آبادي جي ان بيهڪ سبب انهن ڳوٺن۾ ترقياتي گهرجون پوريون ڪرڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ ممڪن ناهي، ايتري ٽڙيل پکڙيل آبادي کي تعليم،پاڻي، صحت، روڊ ۽ بجلي جي سهولت پهچائڻ ايترو سولو ڪم ناهي،بلوچستان جي پٺتي پيل هجڻ جو اهم ڪارڻ به ٽڙيل پکڙيل آبادي آهي، آبادين جي ان بيهڪ کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، انهن آبادين ۾ غربت ۽ سهولتن جي اڻ هوند ڏهاڪن تائين ختم نه ٿي سگهندي. جديد رهائشي آبادين ۽ سهولتن لاءِ آبادي جي گڏپ Consolidation جي ضروت آهي. اهي ننڍا ڳوٺ گهڻو ڪري زميندارن جي ٻنين تي پيڙهين کان هارپور ڪندڙن جا آهن جيڪي ڪجهه ڪٽنبن کان شروع ٿي هڪ ٻن ڏهاڪن ۾ ننڍڙن ڳوٺن ۾ بدلجي وڇن ٿا.
ساڳي طرح روزگار جي لحاظ کان به انهن ضلعن ۾ ماڻهن جي گهڻائي زراعت يا غير زرعي مزدوري سان لاڳاپيل آهن، تمام ٿورا ماڻهو سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪرين ۾ آهن ۽ باقي خلق هوائي روزي تي گذارو ڪري ٿي،سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي سروي مطابق ضلعي وار سرڪاري/ غير سرڪاري نوڪريون ڪندڙ ٻهراڙين جي ماڻهن جو سيڪڙو هن ريت آهي،قمبر شهدادڪوٽ(3.5سيڪڙو)، دادو (3سيڪڙو) ڄامشورو (5سيڪڙو) ان جي ڀيٽ ۾ زراعت سان واڳيل ماڻهن جو سيڪڙو هن ريت آهي، قمبر-شهدادڪوٽ( 20.38سيڪڙو)، دادو (10.7سيڪڙو) ڄامشورو(5سيڪڙو). انهن ضلعن ۾ هنري ۽ غير هنري مزدوري ڪندڙن جو سيڪڙو هن ريت آهي قمبر – شهدادڪوٽ (24سيڪڙو) دادو (28سيڪڙو)، ڄامشورو(33سيڪڙو). ٻوڏ واري حالت ۾ سواءِ پگهار دار ماڻهن جي باقي سڀني جي گذر سفر جا وسيلا عملي طور هن وقت ختم ٿيل آهن، انهن ماڻهن جي هڪ حصي کي وري ڪم ڪار ملي ويندو،پر هڪ وڏو انگ معاشي طور ڊگهي عرصي تائين مفلوج رهندو،جن کي ڪم ڪار ملي به ويندو ته اهي بس ٻن ويلن جي ماني ۾ پورا هوندا، باقي کين رهڻ جوڳي گهر ۽ ٻين ملڪيتن ٺاهڻ لاءِ ڪيئي ورهيه لڳي ويندا،باقي ٻوڏ سٽيل ضلعن جو حال به گهڻي ڀاڱي اهڙو ئي آهي.
مٿين انگن اکرن تي نظر وجهڻ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آبادي، گهرن جي اڏاوت۽ روزگار لاءِ ضروري آهي ته انهن علائقن ۾ نئين رٿابندي هيٺ 500 کان 1000 گهرن جا بهتر معيار وارا ننڍا شهر جوڙيا وڃن.
انهن نون شهرن کي جديد شهري سهولتن سان ڊزائين ڪري تعمير ڪيو وڃي، جنهن ۾ رهواسين کي گهرن جا مالڪاڻا حق به ڏنا وڃن، 500 کان 100 ڳوٺن ۾ پڪيون گهٽيون، بجلي وغيره فراهم ڪرڻ سولو هوندو، اهي ڳوٺ ٻوڏ يا سامونڊي چاڙهه وارن علائقن ۾ خاص طريقي سان ڊزائين ڪري انهن کي محفوظ به بنائي سگهجي ٿو.مٿانهن پٽن تي گهر پاڙا ۽ عوامي سهولتون جوڙي انهن کي ٻوڏ جي نقصان کان بچائي سگهجي ٿو.
ايئن نئين سر اڏاوت تي عالمي امداد خرچ ڪري انهن ڳوٺن جي رهواسين کي بهتر زندگي ڏئي سگهجي ٿي.