Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

نين آبي رٿائن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟

روزاني ڪاوش، 25 جنوري 2025ع

پنجاب ۽ وپڊا هڪ عرصي کان اها دعويٰ ڪندا رهيا آهن، ته انڊس رور سسٽم ۾ تمام گهڻو واڌو پاڻي موجود آهي، جيڪو سمنڊ ڏانهن وهي ذيان ٿي ٿو وڃي، ان ڪوڙ کي ايترو عام ڪيو ويو آهي، جو اهو سچ لڳڻ لڳو آهي. ان ڪوڙ تي ٻڌل دعويٰ جي ابتڙ حقيقت اها آهي ته انڊس رور سسٽم ۾ پاڻي ضرورت کان گهٽ آهي. چولستان رٿا بابت به پنجاب جي دعويٰ آهي ته چناب نديءَ ۾ 5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي واڌو هوندو آهي، جنهن کي ستلج ڏانهن موڙي چولستان کي آباد ڪيو ويندو.

انڊس رور سسٽم جو واڌو پاڻي اهو هوندو آهي، جيڪو ان جي آخري بئراج يعني ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ وهي، ان پاڻيءَ مان به عالمي ماهرن موجب 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ گهٽ ۾ گهٽ سراسري ساليانو وهڪرو آهي، جيڪو ڊيلٽا پهچڻ گهرجي. هاڻي اچو ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهڪري جا انگ اکر ڏسون. 77-1976ع کان 99-1998ع وارن ورهين دوران ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ساليانو سراسري وهڪرو 40.7 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو. 2000-1999ع کان 24-2023ع وارن ورهين دوران ساليانو سراسري وهڪرو گهٽجي 14 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو.

موسمياتي تبديلين ۽ مٿانهين تي پاڻيءَ جي وڌيڪ استعمال سبب ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جا وهڪرا گهٽجي رهيا آهن. هاڻي فرض ڪريو ته اهو سراسري 14 ملين ايڪڙ فوٽ جو ساليانو وهڪرو مهيا رهي ٿو، ته ان جي اڳيان پاڻيءَ جون ايندڙ وقت جون نيون گهرجون ڪيتريون آهن ۽ ان حساب سان ڪيترو واڌو پاڻي عملي طور موجود رهندو.

پاڪستان پنهنجون ٽي اوڀر نديون راوي، ستلج ۽ بياس 1960ع واري سنڌ طاس ٺاهه هيٺ ڀارت کي ڏئي ڇڏيون هيون، انهن درياهن مٿان ڀارت لڳاتار پنهنجون اڏاوتون ڪري رهيو آهي. 1976ع کان 1998ع وارن ورهين ۾ انهن ندين جو ساليانو وهڪرو 9.35 ملين ايڪڙ فوٽ هو، 2021-1999ع وارن ورهين ۾ اهو وهڪرو گهٽجي 2.98 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويو آهي.

ساڳيءَ طرح اولهندين ندين سنڌو، جهلم ۽ چناب جا وهڪرا انهن ورهين دوران 135.84 (ايم اي ايف) مان گهٽجي 120.79  (ايم اي ايف) بچيا آهن، معنيٰ ته انهن ندين جي وهڪرن ۾ ساليانو 15 ايم اي ايف جي لاٿ آئي آهي.

مجموعي طور تي انڊس رور سسٽم ۾ پاڻي هن ريت گهٽجڻ جو امڪان آهي.

ان واڌو پاڻيءَ جي گهرج جو ڪل مقدار 50.65 ملين ايڪڙ فوٽ بڻجي ٿو، ان مان جيڪڏهن ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهندڙ سالياني سراسري وهڪري 14 ملين ايڪڙ فوٽ کي ڪٽجي ته سسٽم ۾ ساليانو 36.63 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو گهاٽو نظر اچي ٿو.

2005ع ۾ وفاقي حڪومت پاران عالمي ماهرن جي پينل کان ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جي گهٽ ۾ گهٽ وهڪرن بابت هڪ اڀياس ڪرايو ويو. ان پينل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ڪوٽڙيءَ بئراج کان هيٺ روزانو پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي وڃڻ گهرجي. پينل اهو به چيو ته هر پنجن سالن ۾ هڪ ڀيرو 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو به وڃڻ گهرجي ته جيئن لٽ کي ڊيلٽا تائين پهچائي سگهجي. ان حساب سان ساليانو سراسري وهڪرو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ بيهي ٿو. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهڪرن کي اڄ تائين يقيني ناهي بڻايو ويو. ان جا وچور هن ريت آهن.

  1. سن 2000ع کان 2024ع وارن 25 ورهين مان 13 ورهين اهڙا هئا، جن ۾ 200 کان وڌيڪ ڏينهن ڪوٽڙيءَ ۾ بئراج کان هيٺ پاڻي ناهي ويو. انهن ۾ پنج ورهيه ته اهڙا هئا، جن ۾ 300 ڏهاڙا پاڻي هيٺ ناهي ويو.
  2. سن 2001ع کان 2023ع وچ ۾ 10 سال اهڙا رهيا آهن، جن ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ عالمي ماهرن جو تجويز ڪيل گهٽ ۾ گهٽ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ جو وهڪرو ناهي ويو. ورلڊ بئنڪ جي 2005ع جي رپورٽ نمبر 44375 “Pakistan’s Water Economy Running Dry”  جي صفحي 27-26 تي ڄاڻايو ويو آهي، ته ايندڙ اڌ صديءَ ۾ گليشيئر ڳري رهيا هوندا، انهن ورهين ۾ وڏا وهڪرا اچي سگهن ٿا، پر ان کان پوءِ گليشيئر ڳري ويندا ۽ انڊس بيسن جي وهڪرن ۾ 30 کان 40 سيڪڙو لاٿ اچي سگهي ٿي.

12 سيپٽمبر 2024ع روزاني ڊان اخبار ۾ ڇپيل هڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موسمياتي تبديليءَ بابت انٽرنيشنل سينٽر فار انٽيگريٽيڊ مائونٽين ڊولپمينٽ (iconic) پاران منعقد ڪيل هڪ ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي نيشنل ڊزاسٽر مئنجيمينٽ اٿارٽي  (NDMA)  جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته ملڪ جا برفاني جبل ساليانو 3 سيڪڙو جي رفتار سان ڳري رهيا آهن، هن چيو ته برفاني جبل 23.3 سيڪڙو ڳري چڪا آهن. هن چيو ته گليشيئر ڳرڻ سان وقتي طور اضافي پاڻي ايندو پر ڊگهي مدي ۾ ان جا ڳرا نتيجا نڪرندا.

ڪيتريون ئي تحقيقون ۽ رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته پاڪستان ۾ موجود اٽڪل 7 هزار گليشيئر مان ڪيترائي تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ۽ ان سان وقتي وڏن وهڪرن کان پوءِ انڊس بيسن ۾ پاڻيءَ جي وڏي کوٽ پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي.

موسمياتي تبديليءَ سبب مينهن ۽ برف جي وسڪاري جو رويو به بدلجي چڪو آهي، پاڪستان جي موسميات کاتي موجب سال 2024ع ۾ نومبر کان وٺي فيبروريءَ جي منڍ تائين سخت سوڪهڙو هلي رهيو آهي. انهن مهينن دوران ملڪ اندر اٽڪل 40 سيڪڙو گهٽ مينهن وسيا آهن، سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ رواجي مينهن جي ڀيٽ ۾ سئو سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي. ان صورتحال ۾ نيون ڪارپوريٽ فارمنگ رٿائون ۽ انهن لاءِ ٺهندڙ آبپاشي رٿائون جٽادار ثابت نه ٿي سگهنديون.