هڪ سنڌ لاءِ هڪ ٿيل سنڌ
(روزاني ڪاوش، 29 سيپٽمبر 2026ع)
نون صوبن واري معاملي تي اسٽيبلشمينٽ روز نوان حربا استعمل ڪري رهي آهي. سڄي ملڪ جي ميڊيا تي هڪ پاسائون سرڪاري راڳ نشر ٿي رهيو آهي. نام نهاد قومي ميڊيا جا مالڪ، اينڪر، صحافي ۽ ليکڪ چوويھ ڪلاڪ نون صوبن جو رڳ آلاپي رهيا آهن. اردو ميڊيا جو سنڌ ۽ سنڌين ڏانهن اهو رويو نئون ناهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي ملڪي ميڊيا سدائين سنڌ ۽ سنڌين خلاف زهر اوڳاڇيندي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌ مان اهي آواز به اٿندا آهن ته ڪو سنڌي سرمائيدار اردو اخبار يا ٽي وي چئنل ڪڍي ته ان وسيلي سنڌ جو آواز سڄي ملڪ تائين پهچائي سگھجي. هن ڀيري اهو ڀرم به ٽٽي ويو، ڇو ته ٻن سنڌي مالڪن جا اردو چئنل به اها ساڳي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن، جيڪا عام اردو چئنلن جي آهي. انهن تان به اهڙو ئي زهريلو مواد نشر ٿي رهيو آهي. ويندي اهي چئنل ڪجھ سنڌين جا هٿ ٺوڪيا انٽرويو نشر ڪري رهيا آهن، جن ۾ بظاهر سنڌين جي واتان انتظامي يونٽن جو مطالبو ڏيکاريو پيو وڃي. انهن ناٽڪي انٽرويوز جو به هٿرادو طور بندوبست ڪيل آهي. چيو ٿو وڃي ته ٻن اردو چئنلن مان هڪ جي سنڌي مالڪ کي اهي انٽرويوز سندس هڪ سنڌي چئنل تان به ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو آهي. هونئن مجموعي طور سنڌي ميڊيا جا ادارا ان سرڪاري دٻاءَ جي باجود سنڌ جي وحدت بابت سنڌ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، انهن مٿان به سختي وڌي سگھي ٿي. ميڊيا جي ادارن لاءِ اشتهار لائيف لائين آهن. مٿن دٻاءُ وجھڻ لاءِ اشتهارن کي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي سنڌ واسين جا احساس جوابي دٻاءَ جو ڪم ڪري رهيا آهن. اردو ميڊيا جي ڀيٽ ۾ سنڌي ميڊيا جا پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ سنڌ جي وحدت بابت هڪ چٽو مؤقف رکن ٿا ۽ تنهنڪري، انهن جي احساسن کي پٺي ڏيڻ ايترو سولو ناهي. سنڌ واسي سوشل ميڊيا کي اثرائتي نموني استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ان جو اثر رواجي ميڊيا کان گھٽ ناهي. البت ان ڏس ۾ ضروري آهي ته سنڌ واسي پنهنجو مؤقف باقي ٻوليون ڳالهائيندڙن تائين سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ کي به ڪتب آڻين. هن قسم جي معاملن تي سوشل ميڊيا هڪ اهم مورچو آهي، جنهن جو ڀرپور استعمال ڪري سرڪاري بيانئي کي رد ڪري سگھجي ٿو.
هڪ پاسي سنڌ مٿان ميڊيا جي يلغار ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي سنڌ واسين کي منجھائڻ لاءِ مذهبي گروهن کي به ميدان ۾ لاٿو پيو وڃي. سنڌ واسي جيئن ته سمورن عقيدن جو احترام ڪن ٿا، تنهنڪري انهن کي مذهبي ڌرين جي مذهبي پرچار سان ڪو مسئلو ناهي، البت جڏهن مذهبي اڳواڻ انهن پليٽ فارمن کي اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا وڌائڻ لاءِ استعمال ڪندا ته سنڌ واسي ان تي پنهنجو جائز ردعمل ڏين ٿا. اسان وٽ بدقسمتيءَ سان مذهبي تنظيمن جي ڪردار اڳيان ان حوالي سان سواليه نشان رهيو آهي. مذهب جي غلط تشريح ڪندي، انهن ڌرين شروع کان سنڌ جي قومي سڃاڻپ، تاريخي ڪردارن، تهذيبي ورثي، قومي وسيلن جي مالڪي ۽ زمين جي مالڪيءَ جي مخالفت پئي ڪئي آهي. حڪمران ٽولن مذهب کي قومن جا وسيلا ڦرڻ ۽ تاريخي سڃاڻپ کي ميسارڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، جيڪو ڪم مذهب جي روح جي ابتڙ آهي. بنگلاديش ٺهڻ وقت ۽ ڀٽو حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ به مذهبي ڌرين کي استعمال ڪيو ويو. ضياءَ شاهيءَ جي دور ۾ جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ کي جهڙي طرح استعمال ڪيو ويو، ان جا نتيجا اڄ هي ملڪ هر هنڌ ۽ خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڀوڳي رهيو آهي. اهي ئي افغاني ويڙهاڪ هاڻي پاڪستان مٿان ڊرون اڇلائي رهيا آهن، جن کي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ رياستي سطح تي وڏي پئماني تي هٿيارن، سکيا ۽ سفارتي واهر فراهم ڪري سگھ ڏني وئي. غير دانشمند پاليسي سازن انهن هٿياربند جنونين جي واهر لاءِ پڻ مذهب جو غلط استعمال ڪيو ۽ هاڻي سندن ٻاريل باھ پاڻ کي ساڙڻ لڳي آهي. اڄوڪن پاليسي سازن کي ماضيءَ جي غلطين مان سکڻ گھربو هو پر اهي اڃا به ان ساڳي ڪارڊ کي استعمال ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏهاڙا اڳ هڪ فرقيوار تنظيم جي اڳواڻ بدين جي شهر شادي لارج ۾ مذهبي جلسي دوران نون يونٽن جي وڪالت ۾ دليل ڏيڻ شروع ڪري ڏنا ۽ جلسي ۾ موجود ماڻهن کان ان جي پٺڀرائي ڪرائي. اها ڳالھ سوشل ميڊيا تان عام ٿيڻ کان پوءِ سنڌ واسين ان تي شديد ردعمل ڏيکاريو. هن وقت سنڌ ۾ ڌرتيءَ جي وحدت جي حوالي سان جيڪو جذباتي ماحول موجود آهي، ان ۾ ڪير به ان قسم جي روين کي برداشت نه ڪري سگھندو. سنڌ واسين لاءِ ڌرتي، قومي سڃاڻپ ۽ وسيلن وارو سوال عقيدن جيترو ئي احترام ۽ جذبات وارو آهي. اسٽيبلشمينٽ لساني ۽ ميڊيائي ڪارڊ استعمال ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ هاڻي مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي. شايد اهڙن موقعن لاءِ ئي سنڌ جي سيڪيولر قومپرست تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ لڳاتار مذهبي گروهن کي منظم ۽ سگھارو ڪيو ويو آهي. بهرحال اسٽيبلشمينٽ توڙي مذهبي گروهن کي اها ڳالهه اڃا تائين سمجھ ۾ ناهي آئي ته سنڌ ۾ مذهبي لاڙا رکندڙ ماڻهو به ڌرتي، ٻولي، سڃاڻپ ۽ وسيلن بابت غيرمعمولي طور حساس آهن ۽ ان حوالي سان کين مذهب جي استعمال سان منجھائڻ ممڪن ناهي. پنجاب ۽ پختونخوا مان ايندڙ مذهبي ڌرين کي سنڌ جي ان احساس جو ادراڪ ناهي هوندو. هو سمجھندا آهن ته باقي ملڪ جيان سندن پوئلڳ اکيون ٻوٽي سندن هر بيان تي ڪنڌ ڌوڻيندار رهندا. سنڌ واسي ان معاملي ۾ سنڌ جي سڃاڻپ، وحدت ۽ حقن بابت اکيون ۽ ڪن کليل رکندا آهن. پنهنجي مذهبي اڳواڻن جو احترام ته ڪندا آهن پر جيڪڏهن انهن مان ڪو سنڌ ورهائڻ جي ڳالھ ڪندو ته ان جي احترام تان به هٿ کڻي ويندا آهن. سنڌ واسين لاءِ ڌرتي، سڃاڻپ ۽ ان جي وسيلن جو سوال مذهب جيترو ئي احترام ۽ جذبات وارو معاملو آهي. ٻين صوبن جا مذهبي اڳواڻ سنڌ جي ان پاسي کان اڻ ڄاڻ يا لاپرواھ آهن. اسٽيبلسمينٽ جي ڏهاڪن کان ٿيل سيڙپڪاري به سنڌ واسين جي پنهنجي ڌرتيءَ بابت حساسيت کي ختم ناهي ڪري سگھي. تنهنڪري جيڪا به ڌر سنڌ جي وحدت جي معاملي تي مذهب جي غلط تشريح يا ان جو استعمال ڪندي، سنڌ واسي ان کي قبول نه ڪندا. سنڌ ۾ ڪيترائي مذهبي عالم رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي مؤقف سان بيٺا آهن ته سنڌ واسين کين مان ڏنو آهي، باقي مذهبي انتها پسندي، تنگ نظري ۽ مذهب کي سنڌ مخالف بيانئي لاءِ استعمال ڪرڻ کي سنڌ واسين سدائين رد ڪيو آهي.
سنڌ واسين ۾ سنڌ جي وحدت واري سوال تي غيرمعمولي ٻڌي ۽ اڻ تڻ آهي. سنڌ جون قومپرست تنظيمون سنڌ جي قومي حقن جي حوالي سان سدائين سنڌ واسين جي اميد جو محور رهيون آهن. سنڌ جي ورهاڱي واري مسئلي تي به سنڌ مٿان جيڪي نفسياتي هلائون ڪيون ويون آهن، انهن اڳيان سنڌ واسي همت سان هڪ آواز ٿي بيٺا آهن. سنڌ جي قومپرست قيادت هاڻي ان سوال تي وڌيڪ سرگرم ٿي اڳيان آئي آهي. مختلف سنڌ دوست ڌريون هاڻي وڌيڪ متحرڪ نظر اچي رهيون آهن. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران تازو هڪ گڏيل پليٽ فارم تان سنڌ جي وحدت لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي به عوامي موبلائيزيشن ڪري رهيون آهن. اميد آهي ته اهي ڌريون ڪنهن موڙ تي هن اهم مسئلي تي ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي گڏيل جدوجهد ڪنديون. سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌ واسي پڻ سنڌ جي وحدت واري سوال تي سرگرم آهن. ڪجھ ڏهاڙا اڳ سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ پاران لنڊن ۾ ان موضوع تي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ جامي چانڊيو، مظهر عباس، امتياز عالم، خالد کوکر ۽ مون کي ويچار ونڊڻ جو موقعو مليو. ان دوران اسڪاٽ لينڊ ۾ رهندڙ سنڌين سان پڻ ان معاملي تي ڳالھ ٻولھ ٿي. ان کان اڳ لنڊن ۾ ٿيل فيض فيسٽيول ۾ به اسان ان ئي موضوع تي ڳالهايو. هڪ هڪ سنڌ واسيءَ جو اندر اڀامي رهيو آهي. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ان معاملي تي سنڌ کي اڳواڻي ڏيڻي آهي. اهو سنڌ واسين جو ئي عوامي تحرڪ آهي، جنهن سنڌ سرڪار کي مجبور ڪيو آهي ته اها سنڌ جي ورهاڱي خلاف اسيمبليءَ مان ٺهراءُ بحال ڪرائي ۽ چٽو مؤقف اختيار ڪري. اسلام آباد جي سياسي قيادت رڳو سنڌ واسين جي ردعمل سبب ان معاملي تي کلي طرح اڳيان نه ٿي اچي ۽ هينئر تائين رڳو اسٽيبلشمينٽ جو ونگاري ٽولو ان ايجنڊا تي ڳالهائي رهيو آهي. هي ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ لڳاتار جدوجهد جي ميدان ۾ رهي آهي ۽ جدوجهد جو اهو سفر جاري آهي. هڪ سنڌ لاءِ سڄي سنڌ هڪ ٿي چڪي آهي