هڪ نئين سنڌ جو دڳ جوڙيندڙ عوامي مزاحمت
(روزاني ڪاوش، 30 اپريل 2025ع)
سنڌ واسين جي غير معمولي ٻڌيءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان هلايل پرامن جدوجهد جي نتيجي ۾ تڪراري ڪئنالن واري رٿا کي ٻنجو اچي ويو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي تڪڙ ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ گذريل سال 7 فيبروريءَ تي ايڪنيڪ پاران ڪائونسل جي منظوريءَ سان مشروط گرين پاڪستان انيشيئيٽو پاران ملڪي سطح تي آبپاشي ڄار واري رٿا ۽ ارسا پاران 17 جنوريءَ 2024ع تي جاري ڪيل چولستان رٿا جي اين او سي پڻ ٻنهي ادارن ڏانهن واپس ڪندي انهن کي واسطيدر اسٽيڪ هولڊر (صوبن) سان وڌيڪ صلاح ڪرڻ ۽ سندن گڏيل رضامنديءَ سان مشروط ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ ڪائونسل جي فيصلي ۾ سڌو سنئون واهه رد ڪرڻ جا لفظ استعمال ناهن ڪيل، پر صوبن جي رضامنديءَ وارو شرط لاڳو ڪرڻ جو مطلب اهو نڪتو، ته في الحال اهي واهه ٺاهڻ ممڪن ناهي رهيو. ساڳئي وقت هڪ ڳڙکي به کليل ڇڏي وئي آهي، ته اڳتي هلي ڪو سازگار وڏو وزير اچي/ آندو وڃي، ته رضامنديءَ واري بيان تي آڱوٺو هڻائي، ڪم جتي بيٺو هو، اتان وري شروع ڪرائجي. قانوني لکت پڙهت جي حد تائين ته اها ڳالهه ائين ئي آهي، پر عملي طور عوام جي ايڏي سخت مخالف سبب هن رٿا جو انجام به ڪالا باغ ڊيم جهڙو ٿي ويندو، جيڪو نه جيئرن ۾ ڳڻجي نه مُردن ۾.
تڪراري واهن واري رٿا ڪا عام رواجي سرڪاري رٿا ناهي، ان جي پٺيان ساوا ستابا سگهارا ادارا بيٺل آهن، ان رٿا کي پهرين نگران دور ۾ وفاقي سرڪار جي ترقياتي ۽ خصوصي اڳڀرائين واري کاتي پاران ايڪنيڪ مان مشروط طور پاس ڪرايو ويو، ايڪنيڪ ۾ جيئن ته ان کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل سان مشروط ڪيو ويو هو، تنهنڪري ان کي باءِ پاس ڪرڻ لاءِ صدر سان ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سندس هائوڪار کي بنياد بڻايو ويو. ان کان اڳ ارسا جي ٻانهن مروڙي ان کان پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو سرٽيفيڪيٽ به حاصل ڪيو ويو. مطلب ته وس وارن سمورا طور طريقا استعمال ڪندي، ان رٿا کي منظور ڪرائڻ جا جتن ڪيا.
سنڌ واسين ان رٿا خلاف جيئن هڪ شاندار منظم جدوجهد ڪئي، ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ هتي مثال نٿو ملي. گذريل سال جي پڇاڙڪن مهينن کان سنڌ جي قومپرست تنظيمن، آبادگارن ۽ سنڌ جي ميڊيا ان رٿا جي خلاف هڪ پرامن عوامي مزاحمت کي منظم ڪيو. ڪنهن کي به اندازو نه هو ته اها جدوجهد عوامي شرڪت ۽ مزاحمت جي هڪ تاريخ جوڙيندي، ستت ئي ان جدوجهد ۾ شاگرد، ڊاڪٽر، استاد ۽ آخر ۾ وڪيل به اچي شامل ٿيا. آخرڪار وڪيلن پاران پنجاب ڏانهن ويندڙ نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ سان اها تحريڪ هڪ عوامي زلزلي جي شڪل اختيار ڪري وئي. وڪيلن جي سڏ تي لڳل ان ڌرڻي ۾ سنڌ جي هر سياسي تنظيم جا ڪارڪن،
عورتون، ٻار، هاري ۽ پورهيت اچي گڏ ٿيا، جن حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ ۽ ان رٿا کي رد ڪرائڻ تي مجبور ڪيو.
سنڌي عوام جي هن شاندار مزاحمتي تحريڪ تي هڪ الڳ ريسرچ جي ضرورت آهي، حقيقت ۾ ڪيترن ورهين کان اڳ ۾ هلندڙ سرڪاري بدانتظامي، بدتر حڪمراني، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، روزگار جي وسيلن جي ڦرلٽ، قدرتي وسيلن، خاص ڪري زمين ۽ معدني وسيلن تي قبضي ۽ ساهه ٻوساٽيندڙ بدامنيءَ سبب عوام ۾ جيڪا اوٻر اٻڙڪا ڏئي رهي هئي، اها ڦاٽ کائي نڪتي، اهو ئي سبب آهي جو هن تحريڪ ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان زندگيءَ جي سمورن شعبن جا ماڻهو بنا ڪنهن تفاوت جي شامل هئا. هيءَ تحريڪ رڳو سنڌي ڳالهائيندڙن جي نه پر سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌ واسين جي گڏيل عوامي جدوجهد بڻجي وئي، ڇو ته ان جو محور سنڌ جي جياپي جو بنيادي وسيلو يعني پاڻي ۽ زمين آهن. هن تحريڪ جي ڪاميابي رڳو تڪراري واهن کي روڪرائڻ تائين محدود ناهي، ان هلچل سنڌي سماج جي اڻ کٽ سياسي توانائيءَ ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ سنڌ واسين جي عوامي مزاحمتي سگهه کي نئون جنم ڏنو آهي.
قومن جي تاريخ ۾ اهڙا لقاءَ ورلي ڏيک پسائيندا آهن. هن تحريڪ سنڌ ۾ نسل پرستيءَ بدران سياسي بنيادن تي گڏيل قومي سڃاڻپ ۽ ايڪي واري قوم پرستيءَ جو ورجاءُ ڪيو آهي. جنهن جو بنياد سڃاڻپ نه پر ڌرتيءَ سان ناتو بڻيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عامر وڙائچ، ذيشان آرائين سنڌ واسين لاءِ عوامي مزاحمت جا نوان اهڃاڻ ٿي اڀريا، جن کي سنڌ واسين پنهنجو مهندار قبوليو.
ٻٻرلوءِ جي احتجاجي ڪيمپ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هر زبان ڳالهائيندڙ ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌ واسي شريڪ ٿيا. قومپرستيءَ جو اهڙو ترقي پسند اظهار ٻين صوبن ۾ نظر نه ٿو اچي. عوامي ٻڌي، گڏيل شرڪت، دليل جي سگهه ۽ پر امن هجڻ وارين خاصيتن سبب هن تحريڪ کي سڄي ملڪ جي ترقي پسند حلقن وٽان موٽ ملي ۽ هر صوبي مان سنڌ جي اصولي مئوقف کي پٺڀرائي حاصل ٿي.
سنڌ جي سياست ڪندڙ هر سياسي ڌر لاءِ هن جدوجهد ۾ ڪيترائي سبق موجود آهن، سنڌ واسين جي عوامي جدوجهد ۾ شاگردن، صحافين، ڊاڪٽرن، وڪيلن جي شڪل ۾ وچولي طبقي جو هڪ سگهارو ڪردار پڻ سنڌ لاءِ هڪ نئين اميد طور اڀريو آهي. ورهاڱي کان پوءِ جيڪو وچولو طبقو سنڌ وڃايو هو، ان کي اسرڻ ۽ ائين اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ واري عمل ۾ سنڌ کي ڏهاڪا لڳا آهن. سنڌي پروفيشنلز جو اهو ڪردار سنڌ جي ٻين مسئلن تي پڻ سنڌ لاءِ هڪ وڏي سگهه جو بنياد بڻجندو، سنڌ کي گذريل ڏهاڪن کان هر طرح جي جبر سان جهڙيءَ طرح لتاڙيو ويو آهي، ان جي تعليم کان وٺي شهري ترقيءَ تائين هر شعبي ۾ سنڌي سماج جي ڀينگ ڪئي وئي آهي، ان هوندي به سنڌ جو ائين پيرن ڀر بيهي اٽڪي پوڻ، سنڌي سماج جي غير معمولي شعور ۽ سگهه جو اظهار آهي. ان عوامي جاڳرتا کي سياسي پارٽيون ڪيئن وڌيڪ منظم ڪري سنڌي سماج کي بدلائڻ جي ڪم آڻين ٿيون، اهو انهن جي سچائيءَ ۽ ڏانءَ تي ڇڏيل آهي.
سنڌ جي ان عوامي هلچل ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي به ڇرڪ ڀرايو آهي، ته اوهان ڀلي پنهنجي فيڪٽرين ۾ مينوفيڪچر ٿيل وڏيرن ۽ نون وڏيرن کي ڪيتري به سرپرستي فراهم ڪريو، پر سنڌ واسي سندن غلاميءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي سگهن ٿا. بهتر اهو ٿيندو ته سنڌ ۾ پيدا ڪيل وفادار وڏيرڪي ٽولي کي هٿرادو آڪسيجن فراهم ڪري کين سنڌ مٿان ٿاڦڻ واري ڪارگذاريءَ مان هٿ ڪڍو، ان وفادار ٽولي معرفت اوهان جون جڙتو حڪومتون ٺاهڻ ۽ انهن کان آڱوٺو هڻائي سنڌ جون زمينون، تيل ۽ گئس، معدني وسيلا، توانائي پيدا ڪرڻ جا ذريعا ۽ ناڻو ڦٻائڻ وارو بيٺڪيتي نظام هلائڻ واريون ڪوششون، هاڻي نتيجا نه ڏينديون. ڦرلٽ ۽ ڏهڪاءَ وسيلي ماڻهن کي محڪوم ڪرڻ وارا اهي ٽڪساٽ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندا.
هن تحريڪ کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ نئين اميد ڪر موڙي اُٿي آهي، في الحال ته رڳو تڪراري واهه رڪيا آهن، پر پاڻيءَ واري محاذ تي اڃا ڪيترائي سوال اڻ نبريل آهن، جن تي سنڌ کي اڃا عوامي مزاحمت جو اهو سلسلو جاري رکڻو آهي. سنڌ جي پاڻيءَ سان مٿان کان توڙي سنڌ اندر ٿيندڙ هٿ چراند تي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ادارن سي سي آءِ، ارسا ۽ واپڊا پاران سنڌ سان ٿيندڙ ٻه اکيائي ۽ آئيني حقن جي لتاڙ تي اڃا ڪيترائي ليکا چوکا رهن ٿا. هي ته منزل ڏانهن سفر جو هڪ پڙاءُ آهي، اڃا وڏو پنڌ رهيل آهي. ايندڙ ورهين ۾ هڪ نئين سنڌ اڏڻ جي ان جدوجهد کي تيز ڪرڻو آهي، جيڪا سنڌ کي خيراتي رٿائن بدران ترقي ۽ آسودگيءَ جا دڳ ڏسي. سنڌ کي بدامنيءَ، هڏ حرامي، شارٽ ڪٽ، ڪرپشن، جهالت، جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ توڙي ذهني غلاميءَ مان نجات جون نيون راهون تلاش ڪرڻيون آهن. سنڌ واسين کي تعليم، جديد هنرن، ٽيڪنالاجيءَ، شهري ترقي، صعنتي برابري، روزگار جي جديد ذريعن، صنعتڪاري، جدت واري زرعي شعبي، انفرا اسٽڪچر ۽ جياپي جي ٻين مسئلن لاءِ پڻ جدوجهد ڪرڻي آهي.
ايڪيهين صديءَ ۾ غارن جي دور واري سنڌ هلائيندڙ عوام دشمن سياست ۽ حڪمرانيءَ جو اهو مانڊاڻ ڊاهڻ جو وقت اچي ويو آهي، هڪ ترقي پسند، پاڻ ڀري آسودي ۽ انساني قدرن واري سنڌ جي تعمير جو اهو سفر وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي