وري نون ڊيمن جو راڳ
(روزاني ڪاوش، 10 جون 2025ع)
سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي ردعمل طور نون ڊيمن جي مهم کي وري جيئرو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم به نون ڊيمن جي مالي معاملن بابت هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. ان هنگامي صورتحال جو بنياد موديءَ پاران سنڌ طاس ٺاھ کي معطل ڪرڻ ڄاڻايو ٿو وڃي. تاثر اهو پيدا ڪيو ويو آهي تَه سڀاڻي کان مودي پاڪستان ڏانهن ايندڙ پاڻيءَ جي نلڪي کي تالو هڻڻ وارو آهي. نوان ڊيم هڪ فيشني مطالبو بڻجي چڪو آهي. ڊيم ٺاهڻ لاءِ هڪ بنيادي ضرورت واڌو پاڻيءَ جي موجودگي آهي. پاڻيءَ جي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ جي هٿ ٺوڪين دعوائن جي ابتڙ، سنڌ درياهه جي نظام ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو لڳاتار گهٽجي رهيو آهي. 1976-2000ع ۽ 2001-2024ع وارن ورهين دوران وهڪرن جا انگ اکر سنڌ طاس جي درياهن ۾ پاڻي کوٽ واريون حالتون ڏيکارن ٿا. انهن وهڪرن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موسمياتي تبديلين ۽ اوڀرندين ندين تي ڀارت پاران پاڻي ورائڻ سان ملڪ ۾ درياهي وهڪرا لاٿ ۾ آهن ۽ هاڻي نوان ڊيم ته ڇڏيو ملڪ جون هاڻوڪيون ضرورتون پوريون ڪرڻ جيترو پاڻي بِه موجود ناهي.
پاڪستان جو دريائي نظام ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: يعنيٰ اوڀر وارا درياهه (ستلج، بياس ۽ راوي) ۽ اولهه وارا درياهه (سنڌو، جهلم ۽ چناب)، جيڪي ترتيبوار ڀارتي ۽ پاڪستاني ڪنٽرول هيٺ آهن. اوڀر وارا درياهه پنجند بئراج کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. انهن هنڌن تي 50 سالن جي وهڪري جو هڪ سرسري تجزيو سنڌ طاس ۾ پاڻي جي گهٽتائي جي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. 1976-98ع دوران اولهندن درياهن ۾ پاڻيءَ جو سراسري ساليانو وهڪرو 135.6 ملين ايڪڙ فوٽ ( ايم اي ايف) هو. جڏهن ته 2022-1999ع دوران سراسري وهڪرو گهٽجي 120.8 ايم اي ايف ٿي ويو آهي. اهڙي طرح، اوڀرندن درياهن ۾ سراسري سالياني وهڪرو 98-1976ع دوران 9.35 ايم اي ايف کان گهٽجي 2022-1999ع دوران صرف 2.96 ايم اي ايف ٿي ويو آهي.
پنجند بئراج کان هيٺ وهڪرو: ٽن اوڀرندن درياهن ۽ جهلم درياھ جي سنگم جي ماڳ پنجند وٽ پڻ وهڪري جي 65 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. 2000-1976ع دوران پنجند کان هيٺ ساليانو سراسري وهڪرو 20.5 ايم اي ايف رهيو، جيڪو 2024-2001ع دوران گهٽجي 7.5 ايم اي ايف ٿي ويو آهي. نتيجي طور، صوبن ۾ واھن ۾ ساليانو وهڪرو 102.73 ايم اي ايف کان گهٽجي 95.85 ايم اي ايف ٿي ويو آهي. اهڙي طرح انهن ورهين دوران ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سراسري ساليانو وهڪرو 40.7 ايم اي ايف کان گهٽجي 14.8 ايم اي ايف ٿي ويو آهي. اها حقيقت ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته گذريل 25 سالن مان 12 سالن ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 10 ايم اي ايف کان گهٽ وهڪرو ڏٺو ويو جيڪو 1991ع واري ٺاھ ۾قبول ڪيو ويو هو. ان صورتحال ۾ سنڌ کي پوڇڙ ۾ هجڻ سبب پاڻيءَ جي وڌيڪ کوٽ کي منهن ڏيڻو ٿو پئي.
گڊو بئراج تي ٻوڏن جي وهڪرن ۾ به وڏي گهٽتائي آئي آهي. گڊو بئراج تي 2000-1976ع دوران 23 سال 400,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪري واري وچولي ٻوڏ آئي. جڏهن ته ساڳئي درجي جي ٻوڏ گذريل 24 سالن دوران رڳو 10 سال آئي آهي. اهڙي طرح 500,000 ڪيوسڪ جي وڏي ٻوڏ ساڳين سالن دوران 20 سالن کان گهٽجي صرف 7 ڀيرا آئي. سکر بئراج تي 2000-1976ع دوران 800,000 ڪيوسڪ کان وڏي مها ٻوڏ پنج ڀيرا آئي. ان جي ڀيٽ ۾ گذريل 24 سالن دوران رڳو هڪ مها ٻوڏ آئي. اهي سڀ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ملڪي درياهن ۾وهڪرا لڳاتار گهٽجي رهيا آهن.
ان صورتحال بابت ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ Pakistan's Water Economy Running Dry ۾ پڻ چتاءُ ڏنل آهي. اها رپورٽ خبردار ڪري ٿي ته تيزيءَ سان گليشيئرز جي رجڻ ڪري، سنڌ طاس ۾ ايندڙ ڏهاڪن دوران وهڪرن ۾ 30 کان 40 سيڪڙو جي وڏي گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي. گڏيل قومن جي "ورلڊ واٽر ڊولپمينٽ رپورٽ 2025" پڻ آبي مستقبل بابت آشنا جي خدشن کي اجاگر ڪيو آهي. رپورٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هندوڪش-هماليه (HKH) خطي ۾ 2020-2011ع دوران گليشيئرز گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ 65 سيڪڙو وڌيڪ ڳريا آهن. سمورا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سنڌ طاس ۾ درياهن جي وهڪري ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي اچي رهي آهي. ڪيترائي پاڻيءَ جا بيوقوف ماهر وڌيڪ ڊيمن جي پنهنجي تجويز مٿي تي کنيو گهمندا ٿا جڏهن ته موجوده دريائي وهڪرا پاڻيءَ جي هاڻوڪين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ به ڪافي ناهن. ان کان علاوه، زير تعمير ڊيمن جي منصوبن کي پڻ پاڻي جي وڏي مقدار جي ضرورت آهي جنهن کي اڪثر نون ڊيمن جي تجويز ڏيندي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هن مهل ٺهندڙ ڊيمن لاءِ لڳ ڀڳ 12 ايم اي ايف واڌو پاڻي جي ضرورت آهي. انهن منصوبن ۾ ڀاشا ڊيم (6.4 ) ايم اي ايف ، موهمند ڊيم (0.88 ايم اي ايف، ڪرم تنگي ڊيم 0.90 ايم اي ايف نئين گاج ڊيم 0.16 ايم اي ايف ۽ ٻيون ننڍن ذخيرن واريون جايون شامل آهن.
درحقيقت هن وقت پاڻي ۽ زمين جي اپت صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊيمن بدران آبي ۽ زرعي سڌارن وسيلي موجود پاڻي ۽ زمين مان اپت ڏيڍوڻي کان ٻيڻي ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. البته ان قسم جي رٿائن ۾ سيمنٽ ۽ سريو استعمال نه ٿيندو جنهن ڪري ٺيڪيداري سسٽم تي ساهه کڻندڙ حڪومتن کي انهن آپشنز ۾ ڪا به دلچسپي ناهي.