Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

وک وک تي پنجوڙ مان گذرندڙ سنڌ

(روزاني ڪاوش، 22 آڪٽوبر 2024)

سنڌ مٿان مصيبتن جا انبار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، سنڌ جي زمينن تي والار، پاڻي چورائڻ جا نوان منصوبا، انتهاپسنديءَ وارين قوتن کي هٿي ڏيڻ ۽ ڌاري آبادڪاريءَ کي مذهب جي آڙ ۾ وڌائڻ لاءِ ماحول ٺاهڻ جهڙا مسئلا ڏينهون ڏينهن سنگين شڪل اختيار ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قتل، ڌاڙن ۽ ڦرن کي قانون کان آجو بڻايو ويو آهي، هر ضلعي تعلقي ۽ يونين ڪائونسل ۾ ڏوهارين جا گروهه عوام جون زندگيون عذاب بڻائڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏيل آهن. انهن ڏوهارين کي سرڪاري ماڻهن جي سرپرستي حاصل آهي، جنهن ڪري وڏيرن جي غلام بڻيل پوليس انهن کي ٻنجو ڏيڻ کان لاچار آهي. ان حالت ۾ پڙهيل لکيل وچولي طبقي لاءِ 1990ع جي ڏهاڪي جيان ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. تعليم، ڪاروبار ۽ سفر ۾ ايڏيون رنڊڪون پيل آهن، جو سماج جي اوسر جا رستا سوڙها ٿي پيا آهن. بدترين حڪمرانيءَ جي ان حالت سنڌ اندرين توڙي ٻاهرين مصيبتن سان اٽڪيل آهي.

گذريل هڪ ٻن مهينن اندر پنج اهم واقعا پيش آيا آهن. (1) وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اعلان ڪيو ويو، (2) گرين پاڪستان انيشيئيٽوِ جي فرمائش تي ڇهن واهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 نوان ۽ 3 پراڻا واهه شامل آهن. (3) سنڌ ۾ هڪ ڊاڪٽر کي گستاخيءَ جي الزام جي ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪرڻ بعد کيس پوليس تحويل ۾ قتل ڪيو ويو. ان واقعي تي سنڌ جي روشن خيال حلقن جي ڀرپور ردعمل کي بي رحماڻي پوليس ايڪشن وسيلي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. (4) ڪراچيءَ جي واپارين هٿان آرمي سربراهه جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي انتظامي جوڙجڪ جي آڙ ۾ ورهاڱي جي رٿ پيش ڪئي وئي ۽ (5) سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) پاران سنڌ جي اعتراضن جي باوجود تڪراري چولستان فيڊر واهه جي منظوري ڏني وئي.

اهي پنج ئي اهم مسئلا هڪ ٻئي پٺيان اُڀاريا ويا. هي سڀ ڪجهه ان ماحول ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن سنڌ اندر انتهاپسند گروهه پنهنجي دهشت پکيڙي رهيا آهن ۽ سنڌ جون مکيه قومپرست پارٽيون انهن ڌرين جي ڪاررواين ۽ سنڌ کي ان سان پهچندڙ هاڃي بابت خاموش آهن. انهن انتهاپسند ڌرين کي ڪٿان کان ڪم تي لڳايو ويو آهي، ان جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته مذهبي اڳواڻ سرعام قومپرستن کي ملحد ۽ گستاخ قرار ڏيندو رهي ٿو ۽ ساڳئي وقت سنڌ ۾ غير مقامي آباديءَ جي اچڻ لاءِ دليل ڏئي رهيو آهي. سنڌ جا اصولڪا رهواسي جيئن ته انتهاپسنديءَ جي ايجنڊا کي لڳاتار رد ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري کين سنڌ ۾ اهي ماڻهو آباد ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، جيڪي سنڌ جي انساني قدرن واري تهذيبي ورثي جو انڪار ڪندي صوبي کي وانا ۽ وزيرستان جيان هلائڻ جا حامي هجن. ساڳيءَ تنظيم جي ملڪي عهديدارن ميرپورخاص ۾ تنظيمي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي وسيلن تي مقامي آباديءَ جي مالڪيءَ جي حمايت ڪئي. سنڌ واسين ۾ قومپرستيءَ جي جذبي کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ان گروهه پاران هر قومپرست کي گستاخيءَ جو حامي قرار ڏيڻ واري گمراهه ڪندڙ مهم هلائي پئي وڃي. قومپرست توڙي سنڌ جي مختلف سياسي نظرين سان لاڳاپيل ماڻهو رڳو اهو مطالبو ڪري رهيا آهن، ته گستاخيءَ سميت ڪو به الزام جيستائين ثابت نه ٿئي، تيستائين اهو تهمت جي دائري ۾ اچي ٿو. اهي سڀ ماڻهو ٻيو مطالبو اهو ڪري رهيا آهن، ته ملزم توڙي مجرم سان ورتاءُ قانون مطابق ٿيڻ گهرجي. ڪنهن به شهريءَ کي ڪنهن به الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي اجازت نه قانون ۾ آهي ۽ نه شريعت ۾. انهن جائز مطالبن جي موٽ ۾ ماڻهن کي گستاخ ۽ گستاخ جو حامي قرار ڏيڻ به ان ئي مهم جو حصو آهي، جنهن هيٺ سنڌ جي تاريخي ۽ آئيني حقن لاءِ اٿندڙ آوازن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان بي بنياد تاثر کي عام ڪيو پيو وڃي ته پنهنجي اجتماعي قومي حقن لاءِ آواز اٿارڻ مذهب جي خلاف آهي. ان سازشي بيانئي کي مذهب جي آڙ ۾ جائز قرار پيو ڏنو وڃي، ته هر مسلمان کي حق آهي ته سنڌ ۾ لڏو لاهي ويهي رهي. اهڙيءَ طرح سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ واري ايجنڊا کي مذهب جي هٿراڌو تشريح سان تحفظ ڏنو پيو وڃي. اها الڳ ڳالھ آهي ته انهن سمورن مذهبي اڳواڻن کي مسلمان هجڻ جي باوجود ڪو مسلمان ملڪ ويزا کان سواءِ پنهنجي ڌرتيءَ تي پير به رکڻ ناهي ڏيندو. مسلمانن جو سڀ کان وڏو مرڪز سعودي عرب ۾ آهي، اهي مذهبي اڳواڻ ويزا ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ منٽ به اتي ترسندا ته کين جيل حوالي ڪيو ويندو.

قومپرستي ۽ مذهب جو اهو ٽڪراءُ وارو بيانو به هڪ خاص مقصد هيٺ پکيڙيو پيو وڃي، اهي ٻه شعبا ڪهڙيءَ به طرح هڪ ٻئي جي ابتڙ ناهن. قومپرستي، سنڌ واسين جي قومي آئيني حقن جي جدوجهد جو ميدان آهي، ڇا سنڌوءَ جو پاڻي بچائڻ پنهنجي ڌرتيءَ تي حق حاڪميت هجڻ، پنهنجي زمين ۽ معدني وسيلا بچائڻ جي جدوجهد دين جي حڪمن جي ابتڙ آهي؟ جيڪڏهن اهي مطالبا ڪرڻ حرام آهن، ته پوءِ خيبرپخونخوا ۽ بلوچستان ۾ قومي جدوجهد کي به ان خاني ۾ داخل ڪري ڏيکاريو آهي. بيانيو انهن قوتن ميدان ۾ لاٿو آهي، جيڪي پهرين هڪ مذهب ۽ هڪ ملڪ جي نالي تي ڪمزور قومن جا وسيلا ڦٻائينديون رهيون آهن ۽ عوام سندن انهن ڌاڙن کي هڪ قوميت ۽ هڪ مذهب جي آڙ ۾ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي. سنڌ جي سڄاڻ مذهبي عالمن سدائين سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ اڄ تائين هنن مان ڪنهن به ان جدوجهد کي حرام ناهي قرار ڏنو. اسان اڄ تائين بلوچستان يا پختونخوا ۾ ڪنهن مذهبي اڳواڻ کي اتي جي قومپرست جدوجهد کي حرام قرار ڏيندي ناهي ٻڌو. ڪنهن به بلوچ يا پختون مذهبي عالم يا مذهبي سياست ڪندڙ اڳواڻ کي ٻين صوبن ۽ ملڪن مان مسلمان آڻي آباد ڪرڻ جي حمايت ڪندي ناهي ٻڌو. اها ڪهڙي اسلامي تشريح آهي، جيڪا رڳو سنڌ مٿان لاڳو ڪئي پئي وڃي. سنڌ واسي مذهب جي ان غلط تشريح جي آڙ ۾ پنهنجي قومي وجود، ڌرتي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کي ڪڏهن به جائز نه قرار ڏيندا. انهن مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن کي گهرجي ته پنهنجي اڳواڻ کان مطالبو ڪن ته ٻه ٽي ڪارڪنن کي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ رهائش، زمين وٺڻ ۽ روزگار ڪرڻ جي اجازت وٺي ڏيکارين، کين پتو پئجي ويندو ته سندن هم مذهب توڙي سندن پنهنجي ئي جماعت جا اڳواڻ ساڻن ڪهڙو ورتاءُ ٿا ڪن.

ان سموريءَ صورتحال ۾ سنڌ جي مکيه قومپرست ڌرين جي اڻ ڌريائپ تي سوال اٿن ٿا. ڪجهه تنظيمن ۽ اڳواڻن جو خيال آهي ته انتهاپسنديءَ خلاف آواز اٿارڻ سان سنڌ ۾ مذهبي بنيادن تي ٽڪراءُ پيدا ٿيندو. حقيقت ۾ اهو آواز مذهب خلاف نه پر انتهاپسنديءَ جي خلاف اٿارڻ جي ضرورت آهي. مذهب جي غلط تشريح هيٺ ماڻهو مارڻ تي ماٺ رهڻ اصل ۾ وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. انتهاپسند گروهن هٿان خيرپختونخوا ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ سان ٿيل ويڌن مان سنڌ جي قومپرست پارٽين کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. اهڙن حساس معاملن تي ٽڪراءَ ۾ اچڻ کان سواءِ به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جا طريقا موجود آهن. خود اهي قومپرست ڌريون سنڌ ۾ انتهاپسندي پکيڙيندڙ ڌرين سان مختلف اتحادن ۾ اڳي ۽ هاڻي گڏ به ويٺل آهن. جيڪڏهن سياسي ڌريون مذهبي ڌرين کان رستا الڳ نه ٿيون ڪرڻ گهرن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي پنهنجا رويا ٺيڪ ڪرڻ ۽ سنڌ جي تهذيب رواداريءَ جو مان رکڻ لاءِ چوڻ جي همت ڪن. رجعت پسندي ۽ ترقي پسنديءَ جو سنڌو سڌو سنئون ۽ چٽو رکڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ جي سياست طالباني روين وارين ڌرين جي قبضي هيٺ اچي وئي ته سڀاڻي اهي قومپرست اڳواڻ سياسي سرگرميون ڪرڻ جهڙا به نه رهندا.

سنڌ جي قومپرست ڌرين سنڌ واسين جي قومي حقن واري جدوجهد ۾ واکاڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي کين ان سڄيءَ صورتحال کان پاسيرو رهڻ بجاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهو سياسي جماعتن جو پيدا ڪيل خال آهي، جنهن جي ڪري انتهاپسنديءَ پير کوڙيا آهن. سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقيءَ مذهبي انتهاپسنديءَ جي مخالفت ۾ سدائين چٽو موقف رکيو ۽ ڪڏهن به ٽڪراءَ جي خدشي جي بنياد تي ان موقف تان پير نه هٽايا. انتهاپسند گروهن کي جيڪا واهر اڄ حاصل آهي، اها سندن دور ۾ به هئي، هينئر قومپرست پارٽين جا اڳواڻ جيترو ڪمزور موقف رکندا، اوترو سنڌ جو نقصان ٿيندو. سنڌ جو پاڻي، زمين ۽ معدني وسيلن واري جدوجهد به هڪ اهڙي سنڌ لاءِ ڪئي پئي وڃي، جيڪا روشن خيال، روادار، جمهوري روين ۽ انساني قدرن واري ڌرتي هجي. جيڪڏهن سنڌ انتهاپسند گروهن جي آماجگاهه بڻجي وئي ته پوءِ اهي سڀ وسيلا به مذهب جي نالي تي ٻاهران آڻيل گروهن جي ملڪيت بڻجندا. سنڌ جي وسيلن جي جدوجهد انهن ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي ڌرتيءَ ۽ وسيلن جي تاريخي مالڪيءَ جو حق رکن ٿا.

 ايترن اهم ۽ حساس مسئلن تي قومپرست اڳواڻن مان اڪثريت ايترو پاسيري رهي جو ليکڪن، فنڪارن، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پنهنجي حال آهر جدوجهد ڪرڻي پئي. جيڪڏهن سياسي ڌريون ان معاملي تي قوم جي رهنمائي ڪن ها ته پڪ سان اهي سڀ ماڻهو ساڻن گڏ هجن ها. عام طور تي ليکڪن، اديبن ۽ سول سوسائٽيءَ کي ون يونٽ دور جيان متحرڪ نه هجڻ جا مهڻا ملندا آهن. هاڻي جڏهن هنن ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪي حلقا ان تي به اعتراض وارن ٿا، ته سياسي ڌرين کان سواءِ اها جدوجهد انارڪي پکيڙيندي. اهو اعتراض ڪندڙ البته اهو نه ٿا ٻڌائين ته سياسي ڌرين جي غير متحرڪ هجڻ جي صورت ۾ سماج جا باقي ماڻهو به ماٺ ڪري ويهي رهن، يا پنهنجي حال آهر ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن؟ جيڪڏهن ان جدوجهد مان ڪنهن انارڪيءَ جو انديشو آهي ته پوءِ ان جو حل سياسي ڌرين پاران ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ آهي. سياسي تنظيمن ۽ اڳواڻن کي جدوجهد جو جيڪو به طريقو ٺيڪ لڳي، اهو اختيار ڪن پر ان صورتحال ۾ لاتعلقي اختيار نه ڪن. سنڌ لاءِ خدشا ۽ خطرا ڏينهون ڏينهن اڳرا ٿي رهيا آهن، هنن حالتن ۾ سنڌ جي سياسي ڌرين، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي حلقن جو هڪ پليٽ فارم تي هجڻ نهايت ضروري آهي. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، تهذيبي ورثي، تاريخي سڃاڻپ ۽ وسيلن جي جدوجهد اڙانگي، گهڻ پاسائين ۽ ڊگهي آهي. اختلافن جي باوجود سلهاڙيل رهڻ ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ اڻٽر ضرورت آهي.