يورپ کان سنڌ تائين: اونداهي دور جي ڪٿا – عقيدي جي انڌير ۾ وڪوڙيل يورپ
(روزاني ڪاوش، 8 آڪٽوبر 2024ع)
انتهاپسندي انساني تاريخ جي هر دور ۾ عقل پسنديءَ سان ٽڪراءَ ۾ رهي آهي. نظريي، عقيدي ۽ سڃاڻپ جي بنياد تي ٿيندڙ انتهاپسندي ڪنهن به قسم جي عقلي دليل کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هوندي. عقل ۽ طاقت جو اهو ٽڪراءُ ڪٿي انت نه ٿو ڪري. اونداهي ۽ سوجهري جي جنگ رڳو شڪليون مٽائي ٿي باقي ان جو سفر ڪٿي دنگ نه ٿو ڪري. سنڌ ويجهي ماضيءَ ۾ جنهن ٻاهرين آڻي پوکيل انتهاپسنديءَ جي ٻج جي ڦوٽهڙي جي دور مان گذري رهي آهي، ان کي به وڏين طاقتن جو آشيرواد حاصل آهي. ان سڄي لقاءَ کي سمجهڻ لاءِ تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. يورپ جي اونداهي دور جي تاريخ اڄوڪي سنڌ لاءِ هڪ وڏو سبق آهي. هزار سالن تي پکڙيل اهو اونداهو دور جهالت، وحشت، درندگيءَ ۽ ڦرلٽ سان ڀريل هو. هنن مضمونن جي سيريز ۾ يورپ جي اونداهي دور جي تاريخ ۽ سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ جي هاڻوڪي لهر جو جائزو ورتو ويندو ته اڄوڪي سنڌ ۽ اونداهي دور جي يورپ ۾ ڪٿي هڪ جهڙايون آهن.
پنجين صدي عيسويءَ کان پوءِ وارا هڪ هزار سال يورپ جي اونداهي دور طور ڳڻيا وڃن ٿا. رومن سلطنت جي وکرجڻ کان پوءِ انهن هزار سالن ۾ اهو خطو مجموعي طور معاشي، علمي ۽ ثقافتي زوال جو شڪار رهيو. رومن سلطنت جي زوال کان پوءِ يورپ کنڊ ۾ ڪا مضبوط حڪومت موجود نه هئي. ان خال دوران چرچ هڪ سگهاري اداري طور اڀريو. ايتري قدر جو رياستن جا بادشاهه به سندس پٺڀرائيءَ جا محتاج هئا. هر شهريءَ کي ساليانو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڏهه سيڪڙو چرچ کي ڏيڻو هوندو هو، جڏهن ته چرچ هر قسم جي ٽيڪس کان آجي هئي. انجيل مقدس جي تشريح ڪرڻ جو اختيار رڳو پادريءَ کي هو، ٻيو ڪير ائين ڪرڻ جي جرئت ڪندو هو ته ان کي ڪفر قرار ڏنو ويندو هو. وڏي پادري پوپ کي اختيار هوندو هو ته ڪنهن کي به چرچ نيڪالي ڏئي ڇڏي. عام طور تي سمجهيو ويندو هو ته اهڙي سزا ماڻيندڙ جو روح جنت ۾ نه ويندو. ان فتوا کان ته بادشاهه ۽ شهزادا به ڇرڪندا هئا. سن 313ع ۾ عيسائيت کي سرڪاري حيثيت ڏني وئي. سن 380ع ۾ عيسائيت کي رومن سلطنت جي رياستي چرچ قرار ڏنو ويو. اهو ئي سبب آهي جو رومن سلطنت جي زوال کان پوءِ طاقت جو محور چرچ بڻجي وئي. ان دور ۾ عيسائي آباديءَ جا ٽي اهم حصا هوندا هئا، پورهيت، سپاهي ۽ مذهبي پيشوا. جيتوڻيڪ مذهبي پيشوا ٿوري انگ ۾ هوندا هئا، پر رياست جي طاقت سندن هٿ وس هوندي هئي. چرچ/ پادري پنهنجي مخالف سوچ وارن سان بيرحميءَ سان پيش ايندا هئا. اڪثر پنهنجي مخالف سوچ وارن کي ڪفر/ گستاخيءَ جو الزام هڻي ڇڏيندا هئا. 12هين صديءَ ۾ چرچ پاران مخالفن کي وحشياڻيون سزائون ڏيڻ لاءِ چرچ جون خاص عدالتون قائم ڪيون ويون هيون، جنهن کي Roman Inquisition سڏيو ويندو هو. 13هين صديءَ ۾ انهن عدالتن کي پوپ جي اعليٰ اختيار هيٺ خودمختيار اداري جو درجو ڏنو ويو. هر طرح جي مخالفن کي چيڀاٽڻ لاءِ اهي عدالتون استعمال ڪيون ويون. هزارين ماڻهن کي ڪاري جادوءَ جي الزام هيٺ ماريو ويو ۽ عورتن کي ڏائڻ قرار ڏئي چيچلائي ماريو ويو. هڪ ڪاٿي موجب 40 کان 60 هزار ماڻهن کي اهڙن الزامن هيٺ ماريو ويو. خاص ڪري ڪيٿولڪ مخالف پروٽيسٽنٽ فرقي وارن کي نشانو بنايو ويندو هو.
چرچ پاران هزارين ڪتابن کي اعتراض جوڳو قرار ڏئي انهن تي بندش لاڳو ڪئي وئي هئي. ان ۾ مذهبي توڙي غير مذهبي هر قسم جا ڪتاب شامل هئا. 16هين صديءَ ۾ اهڙن ڪتابن جي پهرين فهرست جاري ڪئي وئي. ڪيترن ئي ڪتابن کي ساڙيو ويو ۽ انهن ڪتابن جي ليکڪن کي غير انساني اذيتون ڏئي ماريو ويو. روشن خيال سائنسدان، مفڪر، ليکڪ ان سڄي عرصي دوران جدوجهد ۾ رهيا ۽ هنن پنهنجي لکڻين، آرٽ ۽ ايجادن وسيلي جهالت جي ان جهان کي لڳاتار للڪاريو جنهن جي هنن وڏي قيمت ادا ڪئي. جيڪي ظلم ساڻن ڪيا ويا، ان جا وچور ايڏا گهڻا آهن جو پورا ڪتاب لکي سگهجن ٿا، جن وڏين شخصيتن کي چرچ جاڳرتا پکيڙڻ جي ڏوهه ۾ ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻايو ان جا ڪجهه حوالا هتي ڏجن ٿا.
برونو (1600-1548): اٽليءَ سان تعلق رکندڙ برونو رياضيدان ۽ فلڪيات جو ماهر هو. برونو نهايت غير معمولي ذهن وارو ڄاڻو هو ۽ يورپ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ پڙهائيندو هو. برونو جو چوڻ هو ته سج ڪائنات ۾ موجود هڪ ستارو آهي، ۽ ان جي چوڏس ٻيا تارا شمسي نظام جوڙن ٿا. ڪائنات ۾ ڪيتريون ئي دنيائون آهن جن ۾ ٻيون ذهين مخلوقات به رهن ٿيون، سندس چوڻ هو ته سڄي ڪائنات هڪ ئي مادي مان ٺهيل آهي، جنهن ۾ مختلف ايٽم آهن ۽ اهي فزڪس جي ساڳئي قانون هيٺ هلن ٿا. برونو جا فلڪيات بابت اهي خيال چرچ جي سوچ جي ابتڙ هئا. هن وٽان پابندي پيل ڪتاب به مليا هئا. چرچ جي عدالت مٿس گهڻين دنيائن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪفر جو الزام هنيو ۽ کيس سزا طور روم موڪليو ويو جتي کيس ست سال ٽيپ ڏني وئي. مٿس ڪيس جاري رهيو ۽ پوپ ڪليمينٽ (ستون) پاران کيس ڪافر قرار ڏنو ويو. 17 فيبروري 1600ع تي کيس روم جي بازار ۾ وچ چوڪ تي جيئرو ساڙيو ويو. 1603ع ۾ سندس سمورين لکڻين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
هائپيشيا (Hypatia): سندس تعلق اسڪندريا سان هو. پاڻ رياضيدان ۽ فلاسفر هئي. هن عورتن بابت چرچ جي تعليمات جي مخالفت ڪئي. مارچ 415ع ۾ هڪ پادريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ هجوم کيس گهلي مکيه گرجا گهر وٽ آندو. اتي سندس ڪپڙا ڦاڙي ايستائين گهليندا رهيا، جيستائين سندس موت نه ٿيو. ان کان پوءِ هجوم سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
بوئٿيس (Bothius): سائنس ۽ فلسفي سان تعلق رکندڙ بوئٿيس ارسطو جي لکتن جو لاطينيءَ ۾ ترجمو ڪيو. چرچ پاران کيس مارڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پهرين کيس جيل ۾ وڌو ويو، جتي هن مشهور ڪتاب Consolation of Philosophy لکيو. 23 آڪٽوبر 524ع تي کيس 44 ورهين جي ڄمار ۾ موت جي سزا ڏني وئي.
گليليو Galileo Galilei (1642-1564): اٽلي سان تعلق رکندڙ گليليو فزڪس، رياضي، فلڪيات ۽ فلسفي جو ماهر هو. کيس جديد فلڪيات ۽ جديد فزڪس جو ابو به سڏيو ويندو آهي. فلڪياتي علم ۾ سندس ڪم مان جيڪي نتيجا هن ڪڍيا سي چرچ جي ڪائنات واري تصور جي ابتڙ هئا. هن ڪاپرنيڪس جي نظريي جي پٺڀرائي ڪئي، جنهن موجب ڪائنات جو مرڪز زمين نه پر سج هو ۽ زمين ان جي چوڌاري ڦرندي هئي. اها ڳالهه پادرين جي عقيدي جي ابتڙ هئي. رومن انڪئيزيشن ۾ مٿس 1633ع ۾ ڪيس هلائي کيس ڪافر قرار ڏنو ويو. کيس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، جتي هو 1642ع ۾ گذاري ويو. سندس ڪتابن تي به بندش وڌي وئي. چون ٿا ته هن وڏي سزا کان بچڻ لاءِ پنهنجي راءِ تان هٿ کنيو هو ۽ پوپ سان به سندس دوستي هئي، تنهنڪري کيس برونو جيان ساڙڻ بجاءِ ٽيپ ڏني وئي.
پيٽر ايبلارڊ: پاڻ 12 هين صديءَ جو مشهور فلاسفر هو، کيس ڪفر جو ڏوهاري قرار ڏئي سندس لکتون پڙهائڻ تي بندش لاڳو ڪئي وئي. کيس سندس هٿان پنهنجا ڪتاب ساڙڻ جي سزا ڏني وئي. 1141ع ۾ مٿس هڪ نئون ڪيس ڪيو ويو، ان سزا خلاف اپيل لاءِ روم ويندي سندس لاڏاڻو ٿيو.
ايموري دي چارٽرس: هو پيرس ۾ رهندو هو جتي منطق پڙهائيندو هو. مٿس الزام هو ته هو منطق پڙهائيندي دعوا ڪري ٿو ته ڪائنات خدا جو اولڙو آهي. کيس پوپ جي حڪم هيٺ سزا ٻڌائي وئي. سندس خيالن جي پرچار ڪندڙ ڏهن ڄڻن کي 20 ڊسمبر 1210ع تي ساڙي ماريو ويو، پاڻ اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو، پر سندس قبر مان هڏا ڪڍي انهن کي ساڙيو ويو.
راجر بيڪن (1294-1214): انگريز فلاسفر بيڪن ڪائنات کي عقلي بنيادن تي پڙهڻ تي زور ڏيندو هو. هن رياضي ۽ ڪيميا بابت ڪتاب لکيا. هن ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جي بيهڪ ۽ سائيز بابت پڻ لکيو. ان جي ابتڙ چرچ، ڪائنات جي معاملن کي رڳو مذهبي اک سان ڏسڻ جي حامي هئي. بيڪن پنهنجي لکڻين ۾ مذهب جي تعليمات ۾ سڌارا آڻڻ تي زور ڏنو. هو ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن مذهبي ڪتابن ۾ غلطين ۽ پونين فلاسفرن پاران ڪيل غلط ترجمن ۽ تشريحن جي نشاندهي ڪئي. هن مذهب توڙي سائنس ۾ ٿيل اڳوڻي ڪم تي ڀاڙڻ بجاءِ تجرباتي علم تي زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته رياضي ڄاڻن کان سواءِ دنيا جي لقائن کي سمجهي نه ٿو سگهجي. هن چرچ جي فلاسفرن تي به تنقيد ڪئي، مٿس جادوگريءَ جو روايتي الزام ۽ مشڪوڪ نيون ڳالهيون ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ ٽيپ ڏني وئي. 1294ع ۾ سندس لاڏڻو ٿيو.
پيٽرو ڊي ابانو (Pietro d Abano): اٽليءَ سان تعلق رکندڙ پيٽرو فلاسفر، فزڪس جو ماهر ۽ طب جو پروفيسر هو. مٿس به سندس خيالن سبب شيطاني جادو ڪرڻ جو الزام هنيو ويو. مٿس ڪيس هلائي کيس ٽيپ ڏني وئي. 1315ع ۾ ڪيس هلندي هو گذاري ويو. مرڻ کان پوءِ کيس سزا ڏني وئي ۽ سندس لاش ڪڍي ساڙڻ جو حڪم ڏنو ويو. سندس هڪ دوست سندس لاش ڪڍائي لڪائي ڇڏيو ۽ سزا طور سندس پتلي کي ساڙيو ويو.
فرينسيسڪو اسٽابلي (Francesco Stabili): هي گهڻن علمن جو ڄاڻو اطالوي رياضيدان ۽ فلڪياتدان هو. پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ فلڪيات جو پروفيسر به هو. سندس آزاد خياليءَ سبب کيس ڪفر جي الزام هيٺ ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ڏني وئي پر هو نه مڙيو. کيس ٻيهر ڪفر ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس هلائي ستر ورهين جي ڄمار ۾ 26 سيپٽمبر 1327ع تي فلورنس ۾ جيئرو ساڙيو ويو.
مائيڪل سرويٽس (1553-1511): هو اسپين جو هيومنسٽ هو ۽ هڪ ئي وقت رياضي، فلڪيات، موسميات، جاگرافي، نقشن ٺاهڻ، انساني جسم ۽ طب جو ماهر هو. ساڳئي وقت کيس انجيل جي به ڄاڻ هئي. هو ڦڦڙن ۾ رت جي وهڪري بابت ٺيڪ ڄاڻ رکندڙ پهريون يورپي ماهر هو. ٽمورتيءَ ۾ يقين نه رکڻ سبب ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽن ٻئي کائنس حقارت ڪندا هئا. 4 اپريل 1553ع تي ڪيٿولڪ چرچ جي حڪم تي کيس گرفتار ڪيو ويو. هو ڪنهن طرح تحويل مان فرار ٿي ويو پر کيس 17 جون تي جنيوا ۾ گرفتار ڪيو ويو. جتي پروٽيسٽنٽ چرچ جي حڪم تي کيس 27 آڪٽوبر 1553ع تي جيئرو ساڙيو ويو.
ايتيني دوليٽ Etienne Dolet (46-1509): هي فرينچ اسڪالر ۽ ترجميڪار هو. هو به ٽمورتيءَ واري عقيدي کي نه مڃيندو هو. عقليت جي پرچارڪ هجڻ سبب ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ ٻئي سندس مخالف هئا. 1542ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس خدا جي منڪر هجڻ جو الزام هنيو ويو. مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ 3 آگسٽ 1546ع تي 37 ورهين جي ڄمار ۾ ڦاسي ڏئي ساڙيو ويو. سندس سمورا ڪتاب ساڙيا ويا ۽ ملڪيت به ضبط ڪئي وئي. سندس بيوه ۽ ٻارن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو.
پومپونيو الجيريو (56-1531): شهري قانون جي شاگرد طور سندس باغياڻا خيال چرچ تائين وڃي پهتا. سندس چوڻ هو ته عيسائي پاڻ کي ڪنهن هڪ فرقي جي چرچ تائين محدود نه ڪن ۽ ڪيٿولڪ چرچ سچ کان هٽيل آهي. کيس سال تائين جيل ۾ رکيو ويو پر هو پنهنجي ڳالهه تان نه هٽيو. 21 آگسٽ 1551ع تي هڪ پادري موڪلي کيس سمجهايو ويو ته جيڪڏهن هو توبهه ٿئي ته رعايت طور کيس ساڙڻ کان اڳ ڦاسي ڏني ويندي. پر 24 سالن جي شاگرد پنهنجي ڳالهه تان ڦرڻ کان انڪار ڪيو. 22 آگسٽ 1556ع تي کيس تيل ڪڙهائيءَ ۾ ساڙي ماريو ويو.
ليوسيلو ونيني Lucillio Vanini (1619-1585): هي اطالوي مفڪر هو. هن فلسفي، مذهب، طب ۽ فلڪيات جا علم پڙهيا هئا. هن چرچ جي فلسفي ۾ ڪمزورين تي ڳالهايو. 33 ورهين جي ڄمار ۾ کيس نومبر 1618ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. 6 فيبروري 1619ع تي سزا طور پهرين سندس ڄڀ ڪٽي وئي ۽ پوءِ کيس آڙاهه مٿان ڦاسي ڏئي جسم ساڙيو ويو.
ڊيسڪارٽيس (1650-1596): هي فرينچ فلاسافر، رياضيدان ۽ ليکڪ هو. کيس جديد فلسفي جو ابو سڏيو وڃي ٿو. جڏهن گليليو کي سزا ڏني وئي ته هن ڊپ وچان گذريل چئن سالن ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب “Treaties on the world” جو هٿ اکر مسودو ساڙي ڇڏيو. 1641ع ۾ سندس ڪتاب “Meditations upon First Philosophy” تي پادري مڇرجي پيا ۽ کيس ملڪ مان ڀڄڻو پيو. کيس سوئيڊن ۾ پناهه ملي، جتي هو 1650ع ۾ گذاري ويو. پوپ 1633ع ۾ سندس ڪتابن تي بندش لاڳو ڪئي هئي.
هي سوين هزارين ماڻهن مان انهن ٿورن ماڻهن جون ڪهاڻيون آهن، جن مذهب جي نالي تي پکيڙيل غلط عقيدن ۽ غير سائنسي روين جي جرئت سان مخالفت ۾ ايڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون. مخالفن کي ڀيانڪ سزائون ڏيڻ جي معاملي تي هونءَ هڪٻئي کي نه مڃيندڙ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ پادري هڪ ٿي بيهندا هئا. ايڏي عذاب ۽ ڏهڪاءَ مان نڪرڻ لاءِ ايڏيون عظيم قربانيون ڏيندڙ سائسدانن، مفڪرن ۽ عالمن صدين تائين پنهنجو ڪردار نڀايو. ايندڙ مضمون ۾ ان ڳالهه تي بحث ڪنداسين ته يورپ ان اونداهي دور مان نڪرڻ لاءِ سائنس، آرٽ ۽ علم وسيلي ڪيئن جدوجهد ڪري جهالت ۽ انياءَ جي انڌير کي شڪست ڏني.