Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

ٻوڏن سان گڏ جيئڻ جو تصور

(روزاني ڪاوش، 15 جولاءِ 2025ع)

عام طور تي اسان وٽ درياھ جي چاڙھ کي ٻوڏ ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو فطرت جي ابتڙ تصور آهي. درياھ جي لنگھ تي پهريون حق پاڻيءَ جي وهڪرن جو آهي. ڪچي جو ٻڏڻ، ٻوڏ نَه پر پاڻيءَ پاران پنهنجي فطري لنگھ تائين پهچڻ آهي. دنيا ۾ ٻوڏن جي انتظام ڪاريءَ جو تصور، ’ٻوڏن سان وڙهڻ‘ کان تبديل ٿي ’ٻوڏن سان گڏ رهڻ‘ طرف ٿي رهيو آهي. ماحولياتي ماهرن جو خيال آهي ته ٻوڏ اسان جي دشمن ناهي. اها اصل ۾ انساني هٿچراند آهي، جنهن ٻوڏ جي ڀلائيءَ کي برباديءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هزارين سالن کان انسان ٻوڏن سان هم آهنگيءَ ۾ رهندا پئي آيا آهن.

جيئن جيئن انساني آبادي وڌي، دريائن کي بندن جي زنجيرن ۾ جڪڙي ان کي وڌيڪ کاڌو ۽ فصل پيدا ڪرڻ لاءِ قابو ڪيو ويو. ڊيمن، بئراجن ۽ واهن جي غيرفطري ڄار جي تعمير لاءِ وڌيڪ ضابطي هيٺ آيل دريائن جي ضرورت پيش آئي. ان مقصد لاءِ دريائن کي سوڙهي ڪيل لنگھ مان گذارڻ لاءِ بند ٻڌي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تنهن هوندي به، سگهارا درياھ اهي رنڊڪون پنهنجي وهڪرن جي سگھ سان ٽوڙي انسانن پاران سندن والار ڪيل وهڪري جو رستو واپس وٺن ٿا، جنهن کي اسان اڪثر ”ٻوڏ“ جو نالو ڏئي غلط نموني سان پيش ڪندا آهيون. عام سمجهاڻيءَ لاءِ هن مضمون ۾ پڻ اهو لفظ ڪتب آندو ويو آهي.

سنڌو درياھ، دنيا جي وڏن دريائي نظامن مان هڪ آهي، جيڪو 7000 ڪلوميٽرن جي ٻوڏ کان بچاءَ وارن بندن ۽ 1,400 جي لڳ ڀڳ اسپرز سان جڪڙيل آهي. انهن اڏاوتن ٻوڏن جي طاقت گهٽائڻ بجاءِ اصل ۾ سندن ڏهڪاءَ ۾ واڌ ڪئي آهي. انگريزن جي جديد بئراجي نظام کان اڳ سنڌ ۾ سنڌو درياھ ڪٿي ڪٿي ٽيھن ميلن تائين به ڪشادو هو. انگريز انجنيئرن ان کي بند ٻڌي ان جو سراسر وهڪرو ڏهن ميلن جي ويڪر تائين محدود ڪيو. انجنيئرن پنهنجي وس ۽ هٿ ۾ موجود سڀ کان بهترين صلاحيتون ٻوڏن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون، پر اهي ڪوششون ٻوڏن کي ٻڌي نه سگهيون ۽ 1979, 1995 ۽ 2010ع ۾ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏون آيون. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪيتريون ئي وڏيون ٻوڏون آيون آهن، انهن ۾ 10,000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ بيشمار آباديون تباهه ٿيون. وڏين ٻوڏن جي اچڻ جي تعداد ۾ تازن ڏهاڪن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

سنڌ، درياهي نظام تي سڀ کان هيٺانهين حصي ۾ هجڻ ڪري، پاڪستان ۾ سڀني دريائي ٻوڏن جي آخري منزل آهي. پنجاب جي ڀيٽ ۾، سنڌ ۾ سنڌو درياھ بندن جي وچ ۾ وهي ٿو جيڪو چوماسي جي مهينن ۾ وڏا وهڪرا آڻي ٿو. انگريز انجنيئرن سکر بئراج واري منصوبي هيٺ دريائي بندن جو آغاز ڪيو، ان کان اڳ ڪجھ شهري آباديءَ کان سواءِ درياھ کي بند ٻڌل نه هئا. صوبي ۾ هن وقت 1200 ميل ڊگھا دريائي بند آهن، جيڪي درياھ جي وهڪرن کان انساني آباديءَ ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ ٻڌا ويا.

ٻنهي پاسي بندن جي وچ ۾ درياھ جي پيٽ واري علائقي کي عام طور تي ’ڪچو‘ سڏيو ويندو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ويھ لک ايڪڙن تي پکڙيل آهي. ان ۾ درياھ جون واهيون، ٻيلا، رستا، آباديون، سرڪاري سهولتون ۽ زرعي زمينون شامل آهن. ڪچي ۾ آباديءَ بابت ڪي به صحيح انگ موجود ناهن، پر انهن جو تعداد ڪيترن ئي لکن ۾ آهي. روايتي طور تي، ڪچي جا ماڻهو آبڪلاڻيءَ کان اڳ پنهنجا ڪچا اجها خالي ڪري عارضي طور اوچن بندن تي لڏي ويندا هئا ۽ چاڙھ لهڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا. اهو دريائي چاڙھ ٽنن جي حساب سان زرخيز لَٽ ڇڏي ويندو هو ۽ جر ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو به ڀرجي ويندو هو. هاري آبڪلاڻيءَ کان پوءِ رڳو ٻج ڇٽي، بنا پاڻي، ڦوهارن ۽ هٿراڌو ڀاڻ جي ڀلو فصل لڻندا هئا. ڪچي واري علائقي ۾ چاڙھ پاڻيءَ جو پکڙجڻ درياءَ جي هڪ نعمت سمجهيو ويندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌيءَ ۾ چوڻي عام ٿي ته ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا“. ڪچي جي رهواسين لاءِ نامياتي اناج، ڀاڄين، کير، مڇي ۽ ٻيلن جي اپت جي جهجهائي سندن آسودي معاشي زندگيءَ جو ذريعو هئي.

تربيلا ڊيم کان اڳ، سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ هر سال 300,000 ڪيوسڪ ۽ هر چئن مان ٽن سالن ۾ 500,000 ڪيوسڪ جو چاڙھ ايندو رهندو هو. پر ڏهاڪن کان سنڌو درياھ تي هڪ ٻئي پٺيان ٺهيل ڊيمن ۽ واهن جي تعمير ان جي سالياني چاڙھ واري نظام کي ذري گهٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ٻوڏون گهٽجڻ لڳيون ته ڪچي جون زمينون خشڪ ٿي ويون. بااثر ماڻهن، بدعنوان عملدارن سان ملي قدرتي ٻيلن کي غيرقانوني طور وڍي زرعي زمينن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. وقت گذرڻ سان گڏ، بجلي، روڊن ۽ اسڪولن جهڙين جديد سهولتن سان وڏيون آباديون پکڙجڻ لڳيون. اهڙيءَ طرح، ڪچي جو علائقو آهستي آهستي ’پڪي‘ ۾ تبديل ٿي ويو.

هڪ ٻي خطرناڪ ڳالهه، ٻوڏن جي انتظام ڪاريءَ جي اصولن کي نظرانداز ڪندي سنڌو درياھ تي نين پلين جو ٺاهيل سلسلو آهي. جيتوڻيڪ اهي پليون عوامي اچ وڃ جي اهم سهولت ڏين ٿيون پر انهن پلين جي اڏاوت لاءِ ماڳ فني بنيادن تي نه پر بااثر ماڻهن جي مرضيءَ تي چونڊيا ويا. لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ضلعن کي ڳنڍڻ واري پل جي ماڳ کي مقامي طاقتور ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪيو ويو. انهن پلين جي ڊيگهه درياھ جي اصل ويڪر کان تمام گهٽ آهي. لاڙڪاڻو- خيرپور پل 1.22 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جڏهن ته ان هنڌ تي ٻنهي بندن جي وچ ۾ درياھ جو وهڪرو 13 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. اهڙيءَ طرح، قاضي احمد- آمري پل 1.32 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جڏهن ته سنڌو درياھ جو پيٽ اتي 9 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. پلين جا ٿنڀا پاڻيءَ جي وهڪري ۾ رنڊڪون وجهن ٿا، جنهن ڪري پاڻي پٺتي موٽ کائي ٿو ۽ اٿلي ڀرپاسي واريون آباديون ٻوڙي ٿو ڇڏي. اهي غلط طريقي سان ڊيزائن ڪيل پليون درياهي وهڪري ۾ رنڊڪون وجهن ٿيون. 2010ع ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي وچ ۾ پاڻيءَ جو پهچڻ جو وقت معمول جي 72 ڪلاڪن جي مقابلي ۾ 400 ڪلاڪن تائين وڌي ويو هو.

ٻوڏن جي انهن بنيادي ڪارڻن کي 2010ع جي ٻوڏن جي سببن جي جاچ لاءِ ٺهيل سپريم ڪورٽ جي ڪميشن به پڌرو ڪيو هو. ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته، ”بدقسمتيءَ سان، مقامي ۽ صوبائي حڪومتن پاڻ غيرقانوني ڪمن ۽ قبضا ڪرڻ وارن ڪمن کي هٿي ڏني آهي. غير مجاز ۽ فني طور تي خراب سرڪاري ڪم مقامي اختيارين طرفان پڻ ڪيا ويا آهن. اهڙن سڀني قبضن پاڻيءَ جي وهڪري ۾ رنڊڪون وڌايون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ آئي آهي. حڪومتن کي ان کي درست ڪرڻ گهرجي ۽ اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪنهن به قبضي جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ ڪا به حاصل ڪيل زمين وڪرو يا ليز نه ڪئي وڃي. حڪومتن کي سڀني قبضي کي سختيءَ سان ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن“.

پاڪستان کي ٻوڏن جي انتظام ڪاريءَ لاءِ هڪ نئون رويو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. درياھ جو وهڪرو ڏوهاري ناهي پر ٻوڏ جو انتظام سنڀالڻ وارا ئي ٻوڏ جي آفتن جا ذميدار آهن.

ٻوڏون ايترا هاڃا نه ڪن، جيڪڏهن درياهه جي پيٽ ۾ ٿيل حد دخليون ختم ڪيون وڃن، ٻوڏ کان بچاءَ وارا بند مضبوط رکيا وڃن، واهن ۾ وهڪرا ضابطي هيٺ رکجن، واهن/ شاخن جي کاٽي ٺيڪ نموني ٿئي ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن وارا لنگهه کليل رکجن. سنڌ جي بئراجن تان 10 کان 11 لک ڪيوسڪ جا وهڪرا گذريا آهن ۽ انهن سان بئراجن جا اڏاوتي ڍانچا محفوظ رهيا آهن، مسئلو درياهه اندر قبضن درياهه کان ٻاهر فلڊ پروٽيڪشن واري غير معياري انفرااسٽڪچر جو آهي.

2010-2022ع جي ٻوڏن تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو ويو آهي، جن جون رپورٽون موجود آهن، عدالتي ڪميشنن پڻ ٻنهي ٻوڏن بابت نهايت ڪارائتيون رپورٽون ڏنيون آهن. انهن رپورٽن ۾ آبپاشي کاتي ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ وارن ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي به سوال اٿاريا ويا آهن، آبپاشي کاتي کي ته سياسي مداخلت برباد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اتي ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جو تجربو رکندڙ اهل آفيسر به ناهن رهيا. بندن جي چوڪسي ۽ واهن جي وهڪرن کي ضابطي ۾ رکڻ وارو عمل به خراب حالت ۾ آهي. ڪرپشن، اقربا پروري ۽ سياسي بنيادن تي اهم فيصلا ٿيڻ جي نتيجي ۾ کاتو ٻوڏن کي منهن ڏيڻ واري صلاحيت وڃائي چڪو آهي. هاڻي ته گهارا، ٻوڏون ۽ مرامتي ڪم کاتي جي هٿين کان هيٺين آفيسرن تائين هر ڪنهن جي ڪمائيءَ جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي. انهن حالتن ۾ ٻوڏن کي سڀنالڻ بدران انهن کي تباهي پکيڙڻ جو رستو ڏيکارڻ ۾ ڪامورن ۽ سياستدانن کي وڌيڪ دلچسپي آهي!

ٿوري بهتر حڪمت عملي ۽ انتظامڪاريءَ سان درياهه ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه کي هاڃيڪار بجاءِ لاڀائتو بڻائي سگهجي ٿو. موسمياتي ڦير گهير سان زميني حقيقتن کي ٺهڪائڻ کان سواءِ اسان وٽ ڪا به واهه ناهي. ان مقصد لاءِ سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ هڪ مختلف رويو هجي، جنهن جي بنياد ٻوڏن سان گڏ رهڻ هجڻ گهرجي.