Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

پاڻيءَ واري جدوجهد جو پنڌ اڃا اڳتي آهي

(روزاني ڪاوش، 15 مارچ 2025ع)

ڏهين مارچ تي پارليامينٽ جي سالياني اجلاس ۾ گڏيل سيشن دوران صدر زرداريءَ کي تڪراري واهن بابت پنهنجو موقف مٽائڻو پيو. (گذريل سال جولاءِ ۾ صدر صاحب پنهنجي آفيس ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي عملدارن سان گڏجاڻيءَ ۾ انهن واهن تي هڪ ئي وقت تڪڙو ڪم ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون) ان کان پوءِ 13 مارچ تي سنڌ سرڪار صوبائي اسيمبليءَ ۾ تڪراري واهن خلاف تفصيلي ٺهراءُ منظور ڪرايو. ان موقف ۾ ايڏو وڏو ڦيرو ڪنهن عقل، دليل يا سنڌ سان ٿيندڙ نانصافيءَ جي احساس جو نتيجو نه پر سنڌي عوام جي مهينن کان هلندڙ لڳاتار جدوجهد جو ثمر آهي. سنڌ واسي سنڌو درياهه تي سوا صديءَ کان لڳندڙ ڌاڙن جي اڻ کٽ سلسلي جي تاريخ کان واقف آهن، هاڻي نوبت اتي پهتل آهي، ته سال جا نو مهينا پوڇڙ وارن ضلعن ۾ ماڻهو دُٻن ۾ بچيل پاڻيءَ پيئڻ تي مجبور هوندا آهن. سنڌ جي اسپتالن ۾ ماڻهو پاڻيءَ سبب ٿيندڙ بيمارين وگهي ڀريا پيا آهن. ٻوڏ وارن ٽن مهينن کي ڇڏي باقي مهينن دوران سنڌ جي واهن ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻيءَ نه ٿو ملي، جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي ملي ٿو، اهو به سگهارن سياستدانن، زميندارن ۽ سندن وفادارن کي ملي ٿو. سنڌ جي ٻهراڙين جي زرعي معيشت سَتُ وڃائي چڪي آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۾ غربت ۽ ڏوهن جو راڄ آهي، سنڌ هڪ بدترين انتظامي صورتحال جي ور چڙهيل آهي. انهن حالتن ۾ جڏهن انڊس رور سسٽم تي پنجاب ۾ وڌيڪ واهه کوٽڻ جا اعلان ٿيندا ۽ انهن اجلاسن جي اوطاق صدر جي آفيس بڻجندي، ته پوءِ سنڌ ۾ عوامي رد عمل اڻ ٽر آهي. نيٺ استاد بخاريءَ جي لفظن ۾ ته ”وهمن جي مقامن ۾ ستل قوم“ جڏهن رستن تي اٿلي پئي ته سنڌ مٿان راڄ ڪندڙ پارٽيءَ کي صاف نظر اچڻ لڳو ته سندن اڳواڻ پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ جهڙا نه رهندا. تڏهن مجبورن کين پنهنجي صدر کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻو پيو ته پاڻيءَ جي سوال تي آمرن سان ٽڪرائيندڙ سنڌ واسي گونگا ٻوڙا ٿي نه رهندا، جنهن کان پوءِ رياست جي سربراهه کي وزير اعظم کي ”درخواست“ ڪرڻي پئي ته هو تڪراري واهن واري معاملي تي نئين سر ويچار ڪري.

عوام جي اڻ ٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ صدر زرداريءَ کي انهن واهن بابت پنهنجي اڳوڻي موقف تان پٺتي هٽڻو پيو، البته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هاڻي پنجاب يا وفاق يا سپر وفاق انهن واهن واري رٿا تان هٿ کڻي ويو ۽ سنڌ واسي سُک سان ويهي رهن. ماضيءَ جا تجربا ٻڌائن ٿا ته عوام جيستائين اک پٽيل نه ٿو رکي، عوام دشمن رٿائون ختم نه ٿيون ٿين. پنجاب جي سياسي توڙي غير سياسي قيادت کي اڃا به ڪالا باغ ڊيم جا پور پوندا رهندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڀاشا ڊيم جي رٿا به مڪمل نه پئي ٿئي.

صدر جي تقرير جي باوجود پنجاب ۽ انهن واهن جا اصل ڌڻي ان رٿا تان تڪڙو هٿ نه کڻندا، سندن خيال آهي ته انهن واهن ۽ انهن تي رٿيل ڪارپوريٽ فارمنگ کان سواءِ ملڪ جي ترقي بيهي ويندي. جنهن طرح ارسا مان چولستان رٿا لاءِ زوريءَ پاڻي موجود هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ويو هو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن واهن جو ڪن ڌرين کي ڪيڏو لاچار آهي. ڳالهه رڳو واهن تائين محدود ناهي، سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ هزارين ايڪڙ زمين به زوريءَ ورتي وئي. انهن واهن بابت گڏجاڻيءَ کان اڳ صدر پاڻ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي آفيس وڃي گڏجاڻي ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي حڪم جاري ڪيا ته نه رڳو سنڌ ۾ زمين ان ڪمپنيءَ کي ڏني وڃي، پر سنڌ جي بجيٽ مان اربين رپيا بنا وياج قرض به ڏنو وڃي. جيڪڏهن سنڌ واسي پنهنجي زمين ۽ پاڻيءَ جي مالڪيءَ لاءِ ٻاهر نه نڪرن ها ته اهو قصو به ائين ئي ڦٻي وڃي ها، جيئن آدم ڳڻپ ۾ سنڌ سان ڪيل انياءُ ڦٻي ويو ۽ سنڌ جو وڏو وزير هڪ فراڊي آدم ڳڻپ تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ صحيون ڪري آيو. ڪجهه مهينا ترسي چيائين ته مون کي سي سي آءِ ميٽنگ ۾ تفصيلي ڊيٽا نه ڏيکاري هئائون، ان ڪري غلطيءَ سان صحيحون ڪيم. سنڌ جا جاڙا ٻيٽ به ائين ئي بورڊ آف روينيو کان وفاق حوالي ڪيا ويا هئا، مهينو کن پوءِ جڏهن اهو سرڪاري حڪم نامو عوام تائين پهتو ۽ سنڌ رستن تي اچي وئي ته پوءِ اهو حڪم نامو واپس ٿيو. 2011ع  ۾ ٻٽو مڪاني نظام ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ هوڪرا ڪرائي پاس ڪريو هئائون، جيڪو پڻ هڪ عوامي هلچل کان پوءِ واپس ٿيو. هاڻي به اها ننڍي ڪاميابي سنڌي عوام جي جدوجهد جو ثمر آهي. اها ڪاميابي هڪ ڊگهي پنڌ جي بس هڪ وک آهي، منزل ته اڃا گهڻو پرتي آهي.

هاڻي اچو ته ان سوال جو جائزو وٺون ته اهي رٿائون ڪهڙيءِ طرح روڪجي سگهن ٿيون. انهن ڇهن واهن مان ڪڇي ۽ چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جي پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي رهيا آهن، تنهنڪري انهن جو ايترو مسئلو ناهي، ريڻي ڪئنال به اڳتي ئي ٺهيل آهي، جيڪو نالي ماتر هلندو آهي. ٿر ڪئنال، ريڻي مان نڪرڻو آهي، جنهن جو پري پري تائين امڪان نه ٿو ڏسجي. باقي اصل ته معاملو آهي، ٻن واهن يعني چوبارا ۽ چولستان جو، انهن ٻنهي رٿائن تي ڍڪ رکڻ لاءِ ڇهن واهن جو ٽڪساٽ ٺاهيو ويو هو. انهن ٻنهي واهن تي سنڌ سرڪار نومبر 2024ع ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ وٽ اعتراض واريون سمريون موڪلي چڪي آهي. انهن سمرين کي چار مهينا اچي ٿيا آهن، سنڌ جو وڏو وزير ملڪ جي وزير اعظم کي خط لکندو رهيو آهي ته ڪائونسل جو اجلاس سڏرايو وڃي، جيڪو 13 مهينن کان نه ٿيو آهي ۽ آئين موجب هر ٽئين مهيني ٿيڻ لازمي آهي. آئيني طور پاڻيءَ جي معاملن تي صوبن ۽ وفاق وچ ۾ جيڪي به تڪرار هوندا، اهي ان ئي فورم تي نبيرڻا آهن. ٿيڻ ائين گهرجي ته جيڪڏهن پ پ جي قيادت انهن واهن تي پنهنجي موقف سان مخلص آهي، ته پوءِ وزير اعظم کي چٽن لفظن ۾ ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن ڪائونسل جي اجلاس ۾ انهن واهن جي رٿائن کي سنڌ جي اعتراضن جي بنيادن تي رد نه ٿو ڪيو وڃي، ته اسان وفاق ۾ حڪومت جي حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏينداسين. نواز ليگ جي حڪومت پ پ جي واهر کان سواءِ اسميبليءَ جي ڪارروائي به نه هلائي سگهندي. پيپلز پارٽي قيادت کي گهرجي ته سي سي آءِ ۾ بلوچستان جي وڏي وزير کان به ساڳيو موقف اختيار ڪرائي. ٻه اهم صوبا ڪائونسل ۾ هڪ پاسي ٿي بيهن ته پنجاب لاءِ انهن رٿائن کي اڳتي وڌائڻ ڏکيو ٿي پوندو. چولستان واهه ته اڃا ايڪنيڪ مان ئي منظور ناهي ٿيل، تنهنڪري ان رٿا تي ته ڪوڏر جو هڪ لپو هڻڻ به غير قانوني عمل آهي. ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جيڪڏهن انهن ٻن واهن کي رد ڪري ٿي ڇڏي ته اهي رٿائون بند ٿي وينديون، ٻي صورت ۾ اهي ڪالا باغ ڊيم وانگر سرڪاري طور ختم نه ٿينديون ۽ وري ڪنهن ٻئي مرحلي تي انهن کي جيئاريو ويندو.

سنڌ جي واهن بابت موقف کي هن وقت هلندڙ سوڪهري به هٿي ڏني آهي، ملڪ ۾ برفباريءَ ۽ بارش نه پوڻ سبب اها حالت ٿي آهي، جو تربيلا ڊيم خالي ٿيڻ تي آهي ۽ منگلا هڪ ٻن هفتن کان پوءِ خالي ٿي ويندو.

پاڪستان ۾ مجموعي طور پاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. ان صورت ۾ وڌيڪ واهه ۽ ذخيرا ٺاهڻ بدران سمورو زور پاڻيءَ جي انتظامڪاريءَ ۽ اپت وڌائڻ تي ڏيڻ گهرجي. هڪ پاسي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ته ٻئي پاسي سنڌ اندر پهچندڙ پاڻيءَ جي سنڀال ۽ ورهاست ۾ انتها درجي جي بدانتظامي آهي. پاڻيءَ جي چوري ۽ وڪرو عام جام آهن. شاخن ۽ واٽر ڪورسن جون کاٽيون نه ٿيڻ، ڪپر مضبوط نه ٿيڻ ۽ غير قانوني موڳن سبب پاڻيءَ جو خراب ورهاستي نظام سنڌ جي اندروني شفافيت ۽ اهليت لاءِ ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. سنڌ واسي جيئن ته پنجاب سان سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي لاءِ جاکوڙ ۾ جنبيل رهن ٿا، تنهنڪري سنڌ جي پاڻيءَ سان سنڌ اندر ٿيندڙ هاڃا بحث کان ٻاهر رهن ٿا. پنجاب پاڻي چورائي يا نه، هونئن به دريائي وهڪرا اعتبار جوڳا ناهن رهيا. مثال طور هن وقت سنڌ ۾ هلندڙ پاڻي کوٽ جو وڏو ڪارڻ موسمياتي ڦير گهير سبب ٿيل سوڪهڙو آهي، هنن حالتن ۾ سنڌ اندر پاڻي ۽ زراعت ٻنهي جي انتظامڪاريءَ کي بنهه نئين طريقي سان رٿڻ ۽ عمل هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ٻهراڙين جي معيشت اڃا به زراعت ۽ چوپائي مال تي دارومدار رکندڙ آهي. ان لاءِ پاڻي يا فصلن جو نقصان سهڻ ممڪن ناهي. 2022ع واري ٻوڏ سان پيدا ٿيل لکين غريبن اڃا تائين اهو ڌڪ ناهي پچايو. هنن حالتن ۾ وري سوڪهڙي سبب فصلن جو نه ٿيڻ يا گهٽ لهڻ سنڌ لاءِ هڪ معاشي ۽ سماجي هاڃو هوندو.

سنڌ واسين کي پنهنجي عوامي جدوجهد کي انهن ڊگهي مدي وارن مسئلن لاءِ ائين ئي جاري رکڻو پوندو نه ته اسان جا حڪمران اقتداري مفادن لاءِ سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا.

.