Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

پاڻيءَ وهڪرن جي نظام جي غير شفافيت

( روزاني ڪاوش، 15 اپريل 2025ع)

سنڌو دريائي سرشتي مٿان نوان ڊيم ۽ واهه اڏڻ لاءِ شروع کان پنجاب انگن سان هٿچراند ڪندو رهيو آهي، پنجاب حڪومت برطانوي دور کان وٺي انگن اکرن جي هيرا ڦيري ڪندي رهي آهي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ واپڊا به ان ڪم ۾ پنجاب جو ٻانهه ٻيلي ادرو بڻجي ويو. واپڊا جي اهم عهدن تي جيئن ته شروع کان پنجاب جو قبضو رهيو آهي، تنهنڪري واپڊا وفاقي اداري کان وڌيڪ پنجاب جي نمائنده اداري طور ڪم ڪندو رهيو آهي. ڪالا باغ ڊيم کان وٺي چولستان آبي رٿا تائين هر تڪراري رٿا ۾ واپڊا پنجاب جي وڪالت ۾ اڳڀرو رهيو آهي، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جي وهڪرن کي سمنڊ ڏانهن زيان قرار ڏيڻ وارو بيانيو به واپڊا پاران عام ڪيو ويو هو.

ان ڏس ۾ به واپڊا وارا چالاڪيءَ سان 50 سالن جي سراسري وهڪري کي بنياد بڻائيندا رهندا آهن، انهن جڙتو انگن اکرن کي نون ذخيرن ۽ واهن لاءِ جواز طور ڪتب آندو ويندو آهي. مثال طور پنجاب ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهڪرن لاءِ چالاڪيءَ سان 77-1976ع کان 99-1998ع وارن سالن جو سراسري وهڪرو 40.7 ملين ايڪڙ فوٽ حوالي طور ڪتب آڻيندو آهي، پر واپڊا اهو ناهي ٻڌائيندو ته اهو سراسري وهڪرو جڏهن 2000-1999ع کان 24-2023ع وارن ورهين ۾ ماپجي ٿو ته اهو گهٽجي 14 ملين ايڪڙ فوٽ وڃي بچي ٿو. انهن 25 ورهين ۾ 10 سال ته اهڙا رهيا آهن، جن ۾ سمنڊ ڏانهن 10 ملين ايڪڙ فوٽ کان به گهٽ پاڻي هيٺ ويو آهي. اهو ته ٿيو وهڪرن جي غلط تشريح وارو معاملو، پر ان کان به سنگين معاملو پنجاب پاران وهڪرن کي هٿراڌو طور گهٽائي وڌائي بيان ڪرڻ وارو آهي ۽ اها واردات به گهڻي پراڻي آهي. وهڪرن جا اصل انگ اکر عوام تائين پهچڻ ئي ناهن ڏنا ويندا.

10 ڊسمبر 1920ع تي هندوستان جي انسپيڪٽر جنرل آف ايريگيشن سر ٿامس وارڊ پاران هڪ نوٽ ۾ انڊس ۽ ان ۾ ڇوڙ ڪندڙ درياهن جي وهڪرن جي ٺيڪ ماپن کي ترت يقيني بڻائڻ جو چيو، هن پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته هندستان ۾ هينئر تائين پاڻيءَ جي حق جي حوالي سان جيترا به تڪرار اڀريا آهن، اهي سڀ درست انگ اکر نه هجڻ سبب ٿي رهيا آهن. انهن تڪرارن کان بچڻ جو واحد طريقو ڀروسي جوڳي معلومات موجود هجڻ آهي. هن پنهنجي نوٽ ۾ اڳتي لکيو ته ”ان ڏس ۾ پنجاب سرڪار کي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي، ڇو ته مستقبل ۾ ان صوبي ۾ جيڪي به (آبي) رٿائون ٺهنديون، انهن کي سنڌ جي حق واري اک سان ڏٺو ويندو. ساڳيءَ طرح بمبئي سرڪار کي به ان معاملي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇو ته سنڌ ۾ آبپاشي سرشتي جي واڌ کي به کيس مليل حق جي حوالي سان جانچڻو پوندو“.

هڪ صديءَ گذرڻ کان پوءِ به حالت ساڳي آهي. سنڌ جي نامور آبپاشي ماهر ۽ ”پاڻيءَ منجهه پساهه“ ڪتاب جي ليکڪ اڳواڻي آبپاشي سيڪريٽري شير محمد بلوچ 1971ع ۾ فضل اڪبر ڪميٽيءَ کي موڪليل پنهنجي رپورٽ ۾ پنجاب پاران جر جي پاڻيءَ جا انگ گهٽائي بيان ڪرڻ خلاف زبردست دليل ڏنا آهن. پنجاب پاران ساليانو جر جي پاڻيءَ ۾ 20.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، بلوچ صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي ماهرن جي رپورٽ جا حوالا ڏيندي ثابت ڪيو ته پنجاب ۾ ٻه ڪروڙ ايڪڙ زمين هيٺ جر جو مٺو پاڻي موجود آهي، سڄي ڳڻپ کان پوءِ شير محمد بلوچ جي ڪاٿي موجب پنجاب ۾ 50 کان 55 ملين ايڪڙ فوٽ ساليانو مٺو جر مهيا ٿيندو رهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر مٺو جر ان وقت رڳو 15 لک ايڪڙ ايراضيءَ تي موجود هو ۽ ان جو مقدار هڪ ملين ايڪڙ فوٽ مس بيهي ٿو. اهي انگ اکر پنجاب سامهون ناهي اچڻ ڏيندو. ساڳيءَ طرح 2005ع ۾ سنڌ جي آبي ماهر ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي چيئرمين اي اين جي عباسيءَ پڻ پنهنجي رپورٽ ۾ واپڊا پاران واڌو پاڻيءَ جي موجودگيءَ وارن انگن کي رد ڪيو هو.

انگن اکرن جي ان سڄي معاملي کي نبيرڻ لاءِ 2003ع ۾ ملڪ جي ٻن ڊيمن، 16 بئراجن/ هيڊورڪس ۽ 48 واهن تي وهڪرا ماپڻ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم لڳايو ويو، پر ان نظام جي ڪابه مالڪي نه ٿي ۽ ڪجهه سالن اندر اهو ناڪاره بڻجي ويو يا ان کي هٿراڌو طور ناڪاره بڻايو ويو. هاڻي وري 27 اهم ماڳن تي پاڻيءَ جا وهڪرا ماپڻ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ لاءِ 23 ارب 83 ڪروڙ رپين جي نئين رٿا منظور ڪئي وئي آهي. اها رٿا پهرين ته ننڍي سطح جي هئي ۽ ان کي 2025ع جي پڇاڙيءَ تائين مڪمل ٿيڻو هو، پر اڳتي هلي ان جو دائرو 7 ماڳن مان وڌائي 27 ڪري ان کي جون 2028ع تائين مڪمل ڪرڻ جو ڪٿيو ويو آهي. هن رٿا موجب سنڌو نديءَ، تربيلا ڊيم، ڪابل ندي، منگلا ڊيم، جهلم ندي، ۽ ستلج جي مختلف بئراجن ۽ واهن تي وهڪرا ماپڻ وارو نظام لاڳو ڪيو ويندو. انهن وهڪرن جي انگن اکرن جي چڪاس لاءِ ارسا، چئني صوبن جي آبپاشي سيڪريٽرين جي آفيسن، واپڊا ۽ مومسيات کاتي ۾ به مرڪز قائم ڪيا ويندا. ان سڄي رٿا تي نظر رکڻ لاءِ جيڪا اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان ۾ سمورن صوبن جا آبپاشي سيڪريٽري ۽ ارسا جا سمورا ميمبر پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

درياهن ۽ واهن جي وهڪرن جي ماپ ۽ ڄاڻ پهچائڻ واري نظام کي شفاف بڻائڻ سان پنجاب توڙي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي مختلف وقتن تي موجودگيءَ جو ٺيڪ پتو لڳي سگهندو ۽ ان آڌار واڌو پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو به ڪاٿو بهتر طور لڳائي سگهبو. ٽيليميٽري سسٽم يڪدم ڪي نتيجا ڏيڻ شروع نه ڪندو، پر جيڪڏهن ان نظام کي بنا هٿ چراند هلڻ ڏنو ويو، ۽ ان کي گذريل ٽيليميٽري سسٽم جيان هٿ وٺي ناڪاره نه بڻايو ويو ته ان سال مختلف بئراجن ۽ واهن ۾ پاڻيءَ جي ماپ وارو نظام وڏي حد تائين شفاف بڻجي سگهندو. ان خودڪار نظام جي ساک وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي ڪنهن ساکائتي اڻ ڌرئي اداري کان اڻ ڌري نگراني به ڪرائي وڃي.

اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته ٽيڪنالاجي پاڻمرادو ڪجهه ناهي ڪندي، ان کي به انساني ذهن ۽ هٿ هلائي رهيا هوندا آهن. ان جو هڪ مثال 2023ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ آهي. وڏي ڌوم ڌام سان اعلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدم ڳڻپ ڪرائي پئي وڃي، جنهن ۾ رتيءَ جيتري به ڦير ڦار نه ٿيندي. پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪهڙيءَ طرح سگهارن سرڪاري حلقن جي مداخلت سان سمورا ڊجيٽل نتيجا تبديل ٿي ويا، ٻهراڙين مان لکين ڳڻيل ماڻهو ڊيٽا مان ڪڍيا ويا ۽ ڪجهه شهرن ۾ اڻ ڳڻيل ماڻهو وڌائي انگ بدلايا ويا. ساڳيءَ طرح 2018ع ۽ 2024ع وارين عام چونڊن ۾ به چونڊن جا نتيجا جوڙيندڙ سافٽ ويئر جي انگن کي اڇلي نوان انگ پيش ڪري سمورا چونڊ نتيجا ابتا ڪيا ويا. جنهن قسم جي غير شفاف ۽ ڌريائپ واري حڪمراني هن ملڪ ۾ هلندڙ ۽ آهي، ان ۾ ٽيليميٽري سسٽم به ساڳيءَ روش جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ٽيليميٽري نظام لڳائڻ سان گڏ سنڌ سرڪار کي پنجاب ۾ پنهنجي ڊسچارج آبزروشن سيل کي به سڌارڻ، اتي بهتر وسيلا فراهم ڪرڻ ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڃا ٽيليميٽري سسٽم کي لڳڻ ۽ هلڻ لاءِ ڪجهه سال گهربل آهن ۽ ان جي نتيجن آڌار فيصلا ڪرڻ ۾ ته اڃا وڌيڪ ورهيه گهربل هوندا. اسان جا حڪمران ته ان کان اڳ ئي واپڊا ۽ پنجاب سرڪار جي جڙتو انگن اکرن جي آڌار نوان واهه ۽ ذخيرا ٺاهي لکين ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. پاڻيءَ وارو معاملو ان روش سان هميشه جيان اڻ نبيريل تڪرار جيان گهلجندو رهندو. ساکائتي ڊيٽا کان سواءِ ان تڪرار جو نبيرو ناممڪن آهي.

.