چولستان رٿا جو پاڻي ڪٿان ايندو؟
(روزاني ڪاوش، 28 جنوري 2025)
21هين جنوريءَ تي موسميات کاتي پاران جاري ڪيل هڪ عوامي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته هلندڙ مند ۾ رواجي کان گهٽ مينهن وسڻ سبب ملڪ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، پهرين سيپٽمبر 2024ع کان 15هين جنوريءَ وچ ۾ پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي. سنڌ ۾ 52 سيڪڙو، پنجاب ۾ 42 سيڪڙو بلوچستان ۾ 45 سيڪڙو، خيبرپختونخواه ۾ 29 سيڪڙو، آزاد ڪشمير ۾ 47 سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ 22 سيڪڙو گهٽ مينهن پيو آهي. کاتي جي پڌرائيءَ موجب پنجاب ۾ پوٺوهار ريجن (اٽڪ)، چڪوال، راولپنڊي/ اسلام آباد، بکر، ليه، ملتان، راڄڻپور، بهاول نگر، بهاولپور، فيصل آباد، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي، ڊيرا غازي خان ۽ سنڌ جي گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، دادو، پڊعيدن، سکر، خيرپور، ٿرپارڪر، حيدرآباد، ٺٽي، بدين ۽ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي.
ان صورتحال ۾ حڪمران اڃا تائين نوان واهه کوٽڻ جي رٿائن تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺا آهن، پنجاب سان تعلق رکندڙ وزير راويتي بيان جاري ڪري رهيا آهن، ته چولستان واهه ۽ چوبارا واهه پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻيءَ مان ٺاهي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح اهو به چيو پيو وڃي ته چولستان واهه ستلج درياهه مان ڪڍيو پيو وڃي، ان جو سنڌو درياهه سان ڪهڙو واسطو؟ اهي ٻئي دليل هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهن، تنهنڪري انهن جي حوالي سان چولستان ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا کي مجموعي طور سمجهڻ جي ضرورت آهي.
هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان جا سمورا درياهه ڪو الڳ الڳ درياهه نه پر سنڌو درياهه جي گڏيل نظام جو حصو آهن، جنهن کي انڊس رور سسٽم چئجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”انڊس رور سسٽم اٿارٽي“ (ارسا) قائم ڪئي وئي هئي. اهي سمورا درياهه پنجند کان هيٺ سنڌو درياهه جو حصو بڻجن ٿا، اوهان پاڪستان جي دريائي نظام جي نقشي کي ڏسندا ته اوهان کي اها حقيقت سمجهه ۾ اچي ويندي.
- بياس ندي ڀارت جي سرحدن کان اندر ستلج سان ملندي آهي،
- راوي ندي ٽرمو بئراج کان هيٺ چناب سان ملندي آهي،
- جهلم ندي ٽرمو بئراج وٽ چناب سان ملندي آهي،
- ڪابل ندي تربيلا کان هيٺ سنڌو درياهه سان ملندي آهي،
- اوڀرندي پاسي جون نديون ستلج، راوي ۽ چناب هڪ ندي (چناب) جي شڪل ۾ پنجند درياهه وٽ هڪ ٿي، هيٺ اچي سنڌو درياهه سان ملنديون آهن.
ان کان سواءِ اهي سمورا درياهه/ لنڪ ڪئنالن وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، انهن مان اٺ لنڪ ڪئنال 1960ع واري سنڌو طاس ٺاهه کان پوءِ ٺاهيا ويا ته جيئن هندوستان کي وڪرو ڪيل راوي ۽ ستلج جي آباديءَ لاءِ پاڻي فراهم ڪري سگهجي، اهي هن ريت آهن.
رسول- قادرآباد (جهلم-چناب)
قادرآباد- بلوڪي (چناب- راوي)
بلوڪي- سليمانڪي (راوي- ستلج)
سڌنائي- ميلسي (راوي- ستلج)
ٽرمو- سڌنائي (چناب- راوي)
ميلسي- بهاول (ستلج- بهاول واھ)
چشما- جهلم (سنڌو- جهلم)
تونسا- پنجند (سنڌو- چناب)
مٿي ڄاڻايل تفصيل کان پوءِ سمجهڻ گهرجي ته سنڌو درياهه هڪ درياهه نه پر ڪيترن درياهن جو گڏيل نظام آهي، ان نظام جي ڪنهن به درياهه مان ڪٿان به نئون وهڪرو ڪڍيو ويندو ته اهو سڌيءَ طرح نه تڏهن به اڻ سڌيءَ طرح سنڌو درياهه جو پاڻي کڻي رهيو هوندو، ڇو ته اهي سڀ درياهه آخرڪار پنجند کان هيٺ گڏجي سنڌو درياهه جو حصو بڻجندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سنڌ کي ستلج تي ٺهندڙ چولستان واري رٿا تي ڳڻتي آهي، گريٽر چولستان رٿا ۾ چناب مٿان ٽي ڊيم (شاهه جيوڻا، چنيوٽ ۽ مڊرانجها) شامل آهن. جن جي ڪل ذخيري جو مقدار 3.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، ساڳئي وقت چولستان فيڊر ڪئنال رٿا ۾ مٿي ڄاڻايل اٺن لنڪ ڪئنالن مان پهرين ٽن لنڪ ڪئنالز جي گنجائش وڌائي پئي وڃي، ان جا وچور هن ريت آهن.
1- رسول- قادر آباد لنڪ ڪئنال (19 هزار مان 25 هزار ڪيوسڪ)
2- قادرآباد- بلوڪي لنڪ ڪئنال (22 هزار مان 25 هزار ڪيوسڪ)
3- بلوڪي- سليماني (24.5 هزار مان 28.7 هزار ڪيوسڪ)
سوال هي آهي ته جيڪڏهن چولستان واهه رڳو ستلج تي ٺهي رهيو آهي ته پوءِ چناب تي نوان ڊيم ڇو پيا ٺاهيا وڃن ۽ ٽن لنڪ ڪئنالن جي گنجائش ڇو پئي وڌائي وڃي؟ ان جو سادو سودو جواب اهو آهي ته جيئن ته ستلج ۾ پاڻي ناهي ايندو، تنهن ڪري جهلم ۽ چناب جو پاڻي ستلج جي سليمانڪي بئراج وٽ آڻي چولستان رٿا لاءِ پاڻي فراهم ڪيو ويندو. هاڻي ان کان ٿورو اڳتي سوچيو ته جڏهن جهلم ۽ چناب جو پاڻي مٿاهينءَ کان ستلج ڏانهن موڙيو ويندو ته سوڪهڙي وارن ورهين ۾ انهن ٻنهي ندين جي هيٺين بئراجن (ٽرمو ۽ پنجند) جي ڪمانڊ ايريا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ اڻ ٽر آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ انهن ٻنهي بئراجن جي ڪمانڊ کي پاڻي پهچائڻ جو هڪ ئي طريقو بچندو، اهو آهي چشما، جهلم ۽ تونسا- پنجند لنڪ ڪئنالن وسيلي سنڌو درياهه جو پاڻي انهن بئراجن وٽ پهچائڻ.
ستلج، بياس ۽ راوي درحقيقت هندوستان کي وڪرو ڪيل نديون آهن، تنهنڪري انهن جو پاڻي هوريان هوريان گهٽجي رهيو آهي، ڇو ته ڀارت انهن جو پاڻي پنهنجي استعمال ۾ آڻي رهيو آهي. 98-1976ع وارن ورهين دوران انهن ندين ۾ سراسري وهڪرو ساليانو 9.35 ملين ايڪڙ فوٽ هو، جيڪو 1999-2023ع دوران ورهين ۾ گهٽجي 2.96 ملين ايڪڙ فوٽ وڃي بچيو آهي، ان صورتحال ۾ ستلج ۾ ته پاڻي هوندو ئي نه ته چولستان واهه کي ڪٿان ملندو؟ اهو ئي سبب آهي جو مٿي ڄاڻايل ٽن لنڪ ڪئنالن جي گنجائش وڌائي پئي وڃي. ان سڄي بحث جا مکيه نقطا هن ريت آهن.
ستلج درياهه ۾ گهربل پاڻي موجود ناهي، جيڪو چولستان رٿا کي ڏئي سگهجن. اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ جهلم نديءَ مان لنڪ ڪئنالن وسيلي ۽ چناب مان نون ڊيمن وسيلي پاڻي ستلج ڏانهن موڙيو ويندو. ان جي نتيجي ۾ جهلم ۽ چناب جي هيٺاهين وارن واهن تي پاڻيءَ جي جيڪا کوٽ ٿيندي، ان لاءِ خدشو آهي، ته سنڌو درياهه جو پاڻي ٻن لنڪ ڪئنالن وسيلي موڙيو ويندو. ڀلا فرض ڪريو ته جهلم ۽ چناب ۾ سوڪهڙو نه ٿيندو، تڏهن به ستلج ۾ پاڻي نه هجڻ سبب وري به پاڻي ته انهن ٻن درياهن جو ئي موڙيو ويندو. واپڊا موجب چناب مان 5 ملين ايڪڙ فوٽن تائين پاڻي ڊيم وسيلي ستلج کي پهچايو ويندو. اهو پاڻي هونئن پنجند کان هيٺ سنڌو درياهه ڏانهن ايندو آهي.
گذريل 25 سالن جي انگن اکرن موجب 12 سال اهڙا رهيا آهن، جن ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ويو آهي، انهن مان 9 سال اهڙا هئا، جن ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 5 ملين ايڪڙ فوٽن کان به گهٽ پاڻي ويو آهي. ٻين لفظن ۾ ته جيڪڏهن چولستان رٿا ٺهيل هجي هاته انهن 25 مان 9 سال ڪوٽڙيءَ کان هيٺ هڪ ڦڙو به پاڻي نه وڃي ها. ايندڙ ورهين ۾ ته وڌيڪ سوڪهڙي جا امڪان آهن، تنهنڪري اها رٿا ٺهڻ کان پوءِ گهٽ وهڪرن وارن ورهين ۾ سکر وٽ به کوٽ جو خدشو رهندو، جڏهن ته ڪوٽڙيءَ جا واهه پاڻيءَ جي شديد کوٽ جي ور چڙهي سگهن ٿا ۽ سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو علائقو ماحولياتي طور مڪمل برباديءَ جي ور چڙهي ويندو، جتي انساني آباديءَ جو رهڻ مشڪل ٿي ويندو.
ڪجهه سرڪاري حلقا اها به دعوا ڪن ٿا ته انڊس رور سسٽم ۾ جيڪا پاڻيءَ جي کوٽ چولستان رٿا سبب پيدا ٿيندي، اها ڀاشا ڊيم وسيلي پوري ڪئي ويندي، ان دعوا ۾ به ڪا سچائي ناهي. ڀاشا ڊيم پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ اڃا تائين ان جي اڏاوت جي رفتار ”ڍڳو پير پيران“ واري آهي. 2020ع ۾ واپڊا جو ڪاٿو هو ته هي ڊيم 2028ع ۾ ٺهي راس ٿيندو ۽ ان جي لاڳت جو ان وقت ڪاٿو 14 ارب ڊالر لڳايو ويو هو. اها رقم اڄ جي حساب سان 4000 ارب رپين جي لڳ ڀڳ بيهي ٿي، هن وقت سرڪاري ناڻي جو اهو حال آهي، جو هن سال پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام جو ڏهه سيڪڙو بجيٽ مس خرچ ٿي سگهيو هو، ان حساب سان ته نه ٿو لڳي ته وفاقي حڪومت ايندڙ ٽن سالن ۾ ان ڊيم جي اڏاوت مڪمل ڪري سگهندي. ان ڊيم جي اڏاوت جي ان رفتار سان نه ٿو لڳي ته ان ڊيم جو پاڻي چولستان رٿا لاءِ گهربل واڌو پاڻي ڪجهه ورهين ۾ فراهم ڪري سگهندو. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ڀاشا ڊيم درحقيقت ڪو واڌو پاڻي سسٽم ۾ نه آڻيندو پر اصل ۾ تربيلا ڊيم جي لٽجڻ سبب ان مان مهيا ٿيندڙ پاڻيءَ جي کوٽ جي پوراءَ لاءِ متبادل وارو ڪم ڪندو.
ياد رهي ته تربيلا ڊيم جي اصل گنجائش 9.6 ملين ايڪڙ فوٽ هئي، جيڪا لٽجڻ سبب گهٽجي 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ وڃي بچي آهي. تربيلا ڊيم ۾ 1974ع ۾ جيڪو لٽ جو ڍڳ هو، اهو ڊيم جي مکيه اسٽرڪچر کان 14 ميل پرتي هو، پر ان عرصي دوران تربيلا ۾ 10 ارب ٽن لٽ ڀرجي وئي آهي ۽ ان جي پاڻيءَ ذخيري جي صلاحيت 40 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي، لٽ جو اهو ڍڳ هڪ جبل جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي مکيه اسٽرچڪر کان رڳو چئن ميلن جي وٿيءَ تي پهچي چڪو آهي. ان صورتحال سبب ڊيم جي آپريشنز ۾ رنڊڪ اچي رهي آهي ۽ ڀاشا کي درحقيقت ان پاڻيءَ کي ذخيري جي گهاٽي طور ڏٺو پيو وڃي، تنهنڪري ڀاشا ڊيم چولستان رٿا لاءِ پاڻيءَ جي فراهميءَ جو ذريعو نه ٿو بڻجي سگهي. ڦري گهري پاڻي وري به انڊس جي وهڪري مان کڄڻ جو انديشو موجود آهي. انڊس رور سسٽم هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب دٻاءَ هيٺ آهي ۽ ڪابه نئين وڏي پيماني واري زرعي يا آبپاشي رٿا، سنڌ لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ٿيندي.