چولستان ۾ آبادڪاري ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي تاريخ
روزاني ڪاوش، 21 جنوري 2025ع
چولستان واري ريگستان کي سائو ڪرڻ واري نئين ڪوشش جي تاريخ هڪ صدي پراڻي آهي، هن ريگستان کي مقامي طور روهي به چيو ويندو آهي. 25 هزار چورس ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ پکيڙ وارو هي ريگستان ڏکڻ پنجاب جي ٽن ضلعن بهاولپور، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان ۾ پکڙيل آهي. آڳاٽو هاڪڙو درياهه چولستان کي ٻن ڀاڱن يعني وڏو ۽ ننڍو چولستان ۾ ورهائي ٿو. وڏي سرڪار اڄ ڪلهه ڪارپوريٽ فارمنگ هيٺ ان علائقي ۾ 66 لک ايڪڙ علائقي کي سيراب ڪرڻ لاءِ گريٽر چولستان ۽ سمالر چولستان رٿائن جا سانباها ڪري رهي آهي. ارڙهين صديءَ جي ٻئين اڌ ۾ بهاولپور ۾ الڳ واهن جو هڪ سرشتو جڙي چڪو هو، جيڪو اتي جي دائود پوٽن ٺهرايو هو. اصل ۾ شڪارپور سان تعلقن رکندڙ دائودو پوٽي سردار، صادق محمد خان کي ڪلهوڙن نيڪالي ڏني هئي ۽ هن چولستان وڃي پناهه ورتي هئي. دائود پوٽن ستلج، پنجند ۽ سنڌوءَ مان واهه کوٽي پنهنجون وستيون آباد ڪيون، اڳتي هلي هنن بهاولپور رياست ۾ پورو نهري نظام جوڙيو، جنهن کي زميندارن جي ڇيڙ واري طريقي سان صاف رکيو ويندو هو. ڇيڙ جو نظام هلائڻ لاءِ ڪاردار مقرر ڪيو ويندو هو.
انگريزن 1849ع ۾ پنجاب تي قبضو ڪيو، ان کان سال اڳ 1848ع ۾ انگريزن پنجاب ۾ وڏي پيماني تي واهن وسيلي زراعت وارين رٿائن بابت سروي ڪرائي هئي. ان سروي جي آڌار نامور برطانوي انجنيئر پروبي ڪائوٽلي (Proby Cautely) ۽ ليفيٽننيٽ بيرڊ سمٿ (Barid Smith) صلاح ڏني ته سڄي پنجاب جي پاڻيءَ کي ورائي 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي وڃي، ته برطانيا لاءِ اهو سڀ کان نفعي وارو قبضو ثابت ٿيندو. هنن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته سٺ لک رپيا خرچ ڪري واهه کوٽڻ سان برطانيا کي ساليانو 34 لک رپيا منافعو ٿيندو. 1850ع جي ڏهاڪي ۾ راويءَ مٿان ماڌوپور هيڊورڪس وٽان اپر باري دو آب ڪئنال ٺاهيو ويو. 1868ع کان 1882ع وچ ۾ ستلج مان سرهند واهه کوٽيو ويو، 1880ع جي ڏهاڪي کان پوءِ برطانيا پاران ڪئنال ڪالونيز ٺاهڻ جي شروعات ٿي، درياهن جي وچ وارن پٽن (دوآبن) کي آباد ڪري پنجاب جي زرعي معيشت ۽ منظم ڳوٺن تي ٻڌل سماجي ڍانچي ٺاهڻ ۾ انهن رٿائن جو بنيادي ڪردار هو.
ائين ويهين صديءَ جي شروعات وارن ورهين تائين پنجاب جي ندين جو پاڻي بئراجن ۽ واهن وسيلي ورهائجي چڪو هو. اهي رٿائون وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ، وفادار فوجين، چڱن مڙسن، گادين ۽ برادرين کي انعام طور زمينون ڏيڻ ۽ ڏوهاري قبيلن کي ڪرت سان لڳائڻ جي مقصد سان ٺاهيون ويون. انگريزن جي اها به دعويٰ هئي ته ننڍي کنڊ مان ڏڪار سبب وڏي انگ ۾ ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو روڪڻ لاءِ اهي رٿائون ٺاهيون ويون. ڪيترن ئي محققن انگريزن جي نوآبادياتي زرعي معيشت کي ننڍي کنڊ مان ناڻو ڪمائڻ ۽ پنهنجي ملڪ واسين جي اناج ۽ صنعت جي گهرجن جي پورائي جو ذريعو قرار ڏنو ويو.
انگريزن، پنجاب، بهاولپور ۽ بيڪانير جي وارياسن علائقن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ستلج ويلي رٿا شروع ڪئي، ان رٿا تي سوچ ويچار 1850ع ڌاري شروع ٿيو، پر سياسي ۽ فني رنڊڪن سبب ان تي ڪم نه ٿي سگهيو. ان ڏس ۾ 1852ع ۾ ليفٽنيننٽ اينڊرسن (lft-Anderson)، 1870ع ۾ ڪرنل ايڇ ڊبليو گليور (Col. H.W Gulliver)، 1872ع ۾ اينڊرسن (ٻيهر)، 1901ع ۾ ايس پريسٽن (S. Preston)، 1903ع ۾ ڪرنل گري ۽ 1905ع ۾ جان بينٽن (John Benton) مختلف رٿائون پيش ڪيون، جن تي بهاولپور رياست کي مختلف اعتراض رهيا، بهاولپور رياست جي دعويٰ هئي ته ستلج نديءَ تي رڳو سندن حقن آهي ۽ بيڪا نير يا پنجاب لاءِ ان نديءَ مان واهه کوٽي آبادي ڪرڻ ناجائز آهي. ڊسمبر 1918ع ۾ انگريزن دهليءَ ۾ ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ته جيئن ستلج جي پاڻيءَ جي ورهاست جو معاملو نبيري سگهجي. بهاولپور رياست جي قانوني ماهر اتي دعويٰ ڪئي ته انگريزن جي ڀارت ۾ اچڻ کان اڳ بهاولپور هڪ خودمختيار رياست طور ستلج جو پاڻي استعمال ڪندي رهي هئي، تنهن ڪري ستلج جي پاڻيءَ تي ان جو حق آهي، ان تي ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ وائسراءِ هند جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي فنانس ميمبر سر ڪلائوڊ هل (Sir Claude Hill) ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته ستلج تي بهاولپور کان هيٺ سنڌ (جيڪا ان وقت برطانوي راڄ هيٺ هئي) جو به حق آهي، ان مان پتو لڳي ٿو ته ستلج جي هيٺاهين وهڪري تي سنڌ جي حق کي انگريزن به مڃيو هو.
ان ڪانفرنس وقت طئه ڪيو ويو هو، ته پنجاب حڪومت (برطانوي راڄ هيٺ) رٿا جو دستاويز سمورين ڌرين کي فراهم ڪندي، پر بهاولپور رياست کي اهو دستاويز نه ڏنو ويو. بهاولپور رياست جو سربراهه رٿا جو دستاويز گهرائڻ لاءِ خط اماڻيندو رهيو، پر کيس جواب نه ڏنو ويو. هاڻي به پنجاب ۽ واپڊا وارا اهم رٿائن جا ڪيترائي دستاويز ڳجها رکندا آهن ۽ عوام کي انهن تائين پهچ ناهي هوندي.
ان ڪانفرنس کان پوءِ پنجاب جي چيف انجنيئر ايريگريشن ورڪس ايڇ ڊبليو ايم آئيوز (H.W.M Ives) نومبر 1919ع ۾ هڪ نئين رٿا پيش ڪئي، بهاولپور رياست کي موڪليل رٿا ۾ ستلج مٿان ٽي بئراج (فيروز پور، سليمانڪي ۽ اسلام) ۽ چوٿون پنجند بئراج ستلج ۽ چناب جي گڏپ هيٺان تجويز ڪيو ويو. ستلج جي ساڄي پاسي تان ٽي واهه (ديپالپور، ميليسي ۽ پاڪپتن) رٿيا ويا ۽ کاٻي پاسي بهاولپور لاءِ ڇهه واهه (صادقيه، فورڊ واهه، قائم واهه، بهاول، عباسيه ۽ پنجند) ۽ هڪ واهه بيڪانير لاءِ رٿيو ويو، بهاولپور رياست کي ان رٿا تي اعتراض هو ته ستلج مان ايترا گهڻا واهه ڪڍڻ سان خريف جي مند ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي. بهاولپور رياست جي ٽيڪنيڪل صلاحڪار جان بينٽن کي تحفظات هئا ته هن رٿا جي تياريءَ لاءِ سروي، ڪاٿي ۽ خرچن بابت گهربل انگ اکر ناهن ڏنا ويا ۽ ان رٿا لاءِ لاڳاپيل ڪاٿو گهٽ ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته پاڻيءَ بابت انگن ۾ وڌاءُ ڪيل آهي. انهن اعتراضن جي باوجود بهاولپور رياست ان رٿا تي راضپو ڏيکاريو، ڇو ته ان رياست کي جهجهي مقدار ۾ پاڻيءَ جو حصو ملي رهيو هو، آخر تائين به بهاولپور رياست جو چيف انجنيئر مسٽر ڊيوس ان رٿا کي مڃڻ کان انڪاري هو، ان وقت رياست جو نواب ننڍي ڄمار جو هجڻ سبب ڪائونسل آف ريجنسي رياست جا معاملا هلائي رهي هئي.
آخرڪار 4 ڊسمبر 1920ع تي بهاولپور، بيڪانير ۽ ڀارت جي برطانوي سرڪار وچ ۾ ان رٿا بابت صحيحون ٿيون، ستت ئي بهاولپور رياست جو رٿا جي مالي ڪاٿي گهٽ هجڻ وارو خدشو ٺيڪ ثابت ٿيو ۽ 1924ع ۽ 1926ع ۾ ٻه ڀيرا نظرثاني ڪيل بجيٽ مطابق رٿا جي اصل قيمت 14.6 ڪروڙ مان وڌي 33.3 ڪروڙ ٿي وئي، ان مان 13.6 ڪروڙ بهاولپور کي ڏيڻا پيا. ڪجهه وقت کان پوءِ بهاولپور رياست جو پاڻيءَ بابت وڌاءُ ڪيل ڪاٿي وارو خدشو به ٺيڪ ثابت ٿيو، گورنمينٽ آف انڊيا پاران مقرر ڪيل هڪ جاچ ڪميٽيءَ واهن ۾ پاڻيءَ جي گهٽ هجڻ جي تصديق ڪئي، ان ڪميٽيءَ زمينون ورهائڻ واري شروعاتي هدف کي 20 لک ايڪڙن مان گهٽائي 9 لک ايڪڙ ڪرڻ جي رٿ ڏني. 1930ع کان 1940ع دوران ڏهن مان نَو سال سليمانڪي ۽ اسلام بئراجن مان نڪرندڙ واهن ۾ پاڻيءَ جي تمام گهڻي کوٽ رهي، اڳتي هلي 1935ع ۾ رياست جي پاڻيءَ جو حصو 15 هزار ڪيوسڪ مان گهٽجي 13 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو. 473 ميلن جي ڊيگهه ۾ واهه بند ڪرڻا پيا ۽ ان لاءِ رکيل ڏهه لک ايڪڙ زمين به خالي ڇڏيائون.
رٿا جي خرچ وڌڻ جو وڏو بار بهاولپور تي پيو، زمين مان به توقع کان گهٽ آمدني ٿي، مجبور ٿي رياست کي پهرين پنجاب حڪومت کان 6 سيڪڙو وياج تي 50 لک رپيا ۽ هڪ ڪروڙ 24 لک رپيا هندوستان سرڪار کان قرض کڻڻو پيو. پنجاب سرڪار ان قرض جي موٽ ۾ رياست جي روينيو، فنانس ۽ زمينون ورهائڻ وارن کاتن جو انتظام پنهنجي ڪنٽرول ۾ ورتو. جڏهن نون واهن تي زمينون آباد ڪرڻ جو وقت آيو ته چولستان ۾ رهندڙ مقامي آباديءَ کي ان عمل کان گهڻي ڀاڱي ٻاهر رکيو ويو، قرض لاهڻ لاءِ گهربل رقمن سبب زمين جو وڏو حصو نيلام وسيلي ورهايو ويو، جنهن لاءِ گهربل رقم مقامي ماڻهن وٽ نه هئي. گهڻي ڀاڱي مقامي ماڻهو صدين کان مال چارڻ تي گذارو ڪندڙ هئا، صدين کان اتي آباد هجڻ سبب زمين تي سندن اوليتي حق هو، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو. زمين گهڻي ڀاڱي ريگستاني علائقي ۾ هئي ۽ سروي وغيره جا خرچ به زميندار تي رکيا ويا هئا. نتيجي ۾ پهرئين سال رڳو 11593 ايڪڙ زمين 230 رپيا في ايڪڙ جي اگهه تي وڪرو ٿي سگهي. ان مان به ڪيترائي زميندار قسطون نه پيارڻ سبب زمين ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا.
مقامي ماڻهن کي زمينون ڳنهڻ جي عمل کان ٻاهر رکڻ سبب گهڻي ڀاڱي زمين پنجاب جي ڳتيل آباديءَ وارن ضلعن سيالڪوٽ، امرتسر، هوشيارپور، گورداسپور، جالنڌر، فيروزپور، لائلپور (فيصل آباد)، منٽگمري (ساهيوال)، شاهپور، شيخوپورا، ۽ گجرانوالا جي آبادڪارن ورتي. انهن ضلعن جي ڳوٺن مان آيل آبادڪارن، بهاولپور رياست جي مختلف علائقن ۾ پنهنجا نوان ڳوٺ آباد ڪيا، انهن ۾ گهڻي ڀاڱي آرائين، جٽ، راجپوت، اعواڻ ۽ پشاور، ميانوالي ۽ اٽڪ جي علائقن مان پٺاڻ شامل هئا. 76 سيڪڙو زمين رڳو آرائين ۽ جٽ برادرين جي ماڻهن ورتي. ائين بهاولپور رياست جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ۽ ڪيترائي علائقا پنجابي آبادڪارن جا ٿي ويا. سرڪار سندن ڳوٺن کي منظم طريقي سان ”چڪ بندي“ هيٺ آباد ڪيو، جنهن ۾ مارڪيٽ، ڪچا روڊ ۽ ڪجهه هنڌن تي ريلوي جي سهولت به ڏني وئي. چولستان جا ڪيترائي ڀڙڀانگ علائقا ساوا ٿي ويا، اناج پڙين جي بنياد تي هارون آباد، حاصل پور منڊيءَ جا مرڪز اسريا. ائين بهاولپور رياست ۾ اها رٿا اچڻ کان اڳ 1921ع تائين 4 شهر ۽ 1020 ڳوٺ هئا، جن جو انگ 1941ع تائين وڌي 31 شهر ۽ 2443 ڳوٺن تائين پهچي ويو. نون آباد ٿيل علائقن ۾ 1921ع ۾ آبادي 7 لک 81 هزار هئي، جيڪا 1945ع تائين وڌي ٻيڻي، يعني 15 لک ٿي وئي. چشتيان، هارون آباد، فورٽ عباس، حاصل پور، ۽ يرمان جا علائقا پنجابي آبادڪارن جا علائقا ٿي ويا ۽ صادق آباد، خانپور، الهه آباد ۽ رحيم يار خان ۾ ڪافي آبادي شرح گهٽجي وئي.
ائين چولستان جي ريگستان جي آباديءَ جي نتيجي ۾ لکين ٻاهر کان ماڻهو اچڻ سان مقامي آبادي پٺتي رهجي وئي ۽ اڄ تائين انهن علائقن جا سرائيڪي ڳالهائيندڙ گهڻي ڀاڱي مفلسيءَ واري زندگي گذارن ٿا. اهو ان دور جي ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙو ئي هڪ نمونو هو، پر ان ۾ جديد طور جي خانگي ڪمپنين بدران قابض رياستي ڍانچو اڳواڻي ڪري رهيو هو. لکين ايڪڙ زمين غير مقامي آبادگارن جي حوالي ڪرڻ سان علائقي جي زرعي اپت ۽ آمدنيءَ ۾ ته وڏي واڌ ٿي، پر مقامي ماڻهو پنهنجي گذر سفر جي معيشت قدرتي وسيلن، تاريخي حقن ۽ سڃاڻپ کان محروم ٿي ويا.
سنڌ ۾ به سکر، ڪوٽڙي، گڊو بئراج جي زمينن وسيلي ائين ئي لکن جي انگ ۾ آبادڪار آندا ويا هئا، ۽ هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي وري ساڳيو کيڏ کيڏڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، هڪ صدي اڳ چولستان ۾، اڌ صدي اڳ (ون يونٽ وقت) سنڌ ۾ زمينن جي والار جي تاريخ ورجائڻ جو اهو عمل سنڌ واسين لاءِ وجودي سوال کڻي آيو آهي.