Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

ڇا ڊيم ٻوڏن جو علاج آهن؟

روزاني ڪاوش، 29 آگسٽ 2025ع

پنجاب هن وقت انتهائي وڏي ٻوڏ مان گذري رهيو آهي، هن وقت چناب نديءَ مان ڏهه لک ڪيوسڪ، رواي ۽ ستلج مان به ٻه لک ڪيوسڪ جا وڏا وهڪرا گذري رهيا آهن، اهي وهڪرا هندستان مان داخل ٿيا آهن. 20 آگسٽ کان وٺي ڀارت واري پاسي پاڪستاني سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ تمام وڏا مينهن پيا آهن، ان جا ڪجه وچور هن ريت آهن.

هماچل پرديش جي علائقي ۾ معمول کان 500 سيڪڙو وڌيڪ مينهن وسيو آهي، 25 آگسٽ تائين انهن علائقن  ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا هئا، رياست جا ٻه اهم رستا ۽ اسڪول پڻ بند ڪرڻا پيا. هريانا ۾ به معمول کان 700 سيڪڙو کان وڌيڪ مينهن پيو، ڄمون ڪشمير جي علائقي ۾ پڻ وڏا مينهن وٺا، هڪ ڏينهن ۾ 368 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. 26 آگسٽ تي دودا ضلعي ۾ تمام شديد بارش وسي، جنهن سان اتي جي ندين ۽ نالن مان وڏا وهڪرا هيٺ لٿا. ڀارتي پنجاب ۾ پڻ تمام غير معمولي مينهن پيا، ڪاٿي موجب معمول کان 1200 سيڪڙو وڌيڪ مينهن پيا.

انهن سمورن علائقن ۾ پيل غير معمولي بارشن سبب ڀارت پاران باکڙا، پولنگ ۽ رنجيت ساگر ڊيم جا اسپيل ويز کوليا ويا. ٻئي پاسي چناب نديءَ تي بغليار ۽ سلال ڊيم ڀرجي وڃڻ سبب انهن ۾ به پاڻي ذخيرو ڪرڻ ممڪن نه هو، اهي سڀ وهڪرا ڀارت مان پاڪستان ڏانهن ايندڙ درياهن وسيلي اسان وٽ پهچندا آهن. پنجاب جي انهن ٽنهي درياهن جي ڪچي ۾ ۽ ڪنڌين تي آباد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي.

هي مضمون لکڻ تائين ڀارت مان ايندڙ پاڻيءَ جو مقدار گهٽيو آهي، پر اهي وهڪرا اڃا ڪجهه ڏينهن درياهن ۾ موجود رهندا ۽ هفتي کن اندر گڊوءَ وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندا. ڪاٿي موجب سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ سنڌ ۾ ڇهن ستن لکن جو وهڪرو پهچي سگهي ٿو. البته آگسٽ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ جيڪڏهن سنڌو درياهه جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ ڪي وڏا مينهن پيا، يا ڊيرا غازي خان ۽ راڄڻپور وٽان ڪوهه سليمان وٽان نئين جا ڪي وڏا وهڪرا سنڌوءَ سان مليا ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ان صورتحال ۾ سنڌ کي بدترين صورتحال کي ذهن ۾ رکندي تياري ڪرڻ گهرجي.

ٻئي پاسي اوڀرندين ندين (ستلج، راوي ۽ چناب) ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ پنجاب ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ وارو راڳ شروع ٿي چڪو آهي. ڪجهه انتهائي عقلمندن ته اهو به فرمايو ته جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم هجي ها ته پنجاب ۾ اها ٻوڏ نه اچي ها. انهن ويچارن کي نه جاگرافيءَ جي خبر آهي، نه ڊيمن جي سائنس جو ڪو پتو آهي. جيڪڏهن چناب جي پهرين بئراج مرالا کان ڪالا باغ ڊيم جي سائيٽ جو فضائي رستو ماپجي، تڏهن به پوڻا ٽي سئو ڪلو ميٽر ٿيندو. تنهنڪري جاگرافيءَ جي ”الف ب“ کان واقف ماڻهو ڪڏهن به اهڙي بيوقوفيءَ جي ڳالهه نه ڪندو.

 باقي رهي ڳالهه ٽن اوڀرندين ندين تي ڊيم ٻڌڻ جي، ته ڊيمز جي انجنيئرنگ جي ”الف ب“ کان واقف ماڻهن کي خبر آهي ته پاڪستان جي حدن ۾ انهن ندين تي ڊيم ٺاهڻ جون سائيٽس موجود ناهن. چولستان رٿا هيٺ چناب مٿان ٽي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي رٿ ڏنل هئي، خبر ناهي ته انهن ڊيمن مان ڪو ٺهيل هجي ها ته ڏهه لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ان جو ڪهڙو حال ڪري ها. چناب ۾ وڏيون ٻوڏون اينديون رهنديون آهن، 2014ع ۾ به اتي پوڻا نوَ لک ڪيوسڪ جي وهڪري وڏي تباهي مچائي هئي، هن ڀيري به چناب مٿان قادر آباد بئراج کي بچائڻ لاءِ وڏو ڌماڪو ڪري هٿراڌو کنڊ وڌو ويو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارت ۾ رنجيت ساگر (Thein) ڊيم مان نڪتل وهڪري سبب ماڌوپور بئراج جا دروازا لڙهي ويا هئا، ننڍا ڊيم ايڏن وڏن اوچتن وهڪرن جي سٽ ناهن سهي سگهندا. اهو ئي سبب آهي جو هڪ خاص سطح جي اسٽوريج کان پوءِ ڊيم اندر پاڻي هوريان هوريان ڀريو ويندو آهي، ته جيئن ان جو اسٽرڪچر پاڻيءَ جو دٻاءُ برداشت ڪري سگهي. هن صورتحال ۾ جڏهن 24 ڪلاڪن اندر ڏهه لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ڪنهن ننڍي ڊيم ۾ لهندو ته ان جي اسٽرڪچر لاءِ ڪيڏو وڏ جوکم پيدا ٿي سگهي ٿو. خود واپڊا وارا به تربيلا ڊيم جي سطح مٿي ٿيڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن ۾ هڪ فوٽ کان وڌيڪ پاڻي ناهن ڀريندا.

ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ مثال 10 سيپٽمبر 2023ع تي لبيا جي ديرنا شهر ۾ وڏي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل ٻه ڊيم آهن، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهيل ٻئي ڊيم رات وچ ۾ ڦاٽا، جنهن سان 900 کن عمارتون تباهه ٿيون ۽ 11 هزار ماڻهو مري ويا. وڏين بارشن ۽ ٻوڏن ۾ ڊيم ٻوڏ روڪڻ بدران ٻوڏ پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.

اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته راوي ۽ چناب ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ 38 ورهين کان پوءِ آئي آهي، انهن ندين جي سڪي پيٽ اندر تمام وڏيون انساني آباديون ٿيون آهن، انهن درياهن جي ڪچي ۾ وڏي ايراضيءَ تي پوکي ٿئي ٿي ۽ انهن اندر ڳوٺ ٺهي چڪا آهن. هاڻي جڏهن انهن درياهن ۾ وڏا وهڪرا لٿا ته اهي انساني آباديون ۽ ٻنيون متاثر ٿيون آهن.

سيالڪوٽ ۾ هڪ ڏينهن اندر ساڍا ٽي سئو ملي ميٽر مينهن وسڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي، سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير خواجه آصف ان تي بيان جاري ڪيو ته قدرتي وهڪرن ۾ رنڊڪن ۽ حد دخلين سبب اها تباهي ٿي آهي. پاڪستان اندر چترال ۽ اسڪردوءَ کان وٺي سامونڊي ڪنارن تائين ننڍن وڏن سمورن درياهن ۾ رنڊڪن سبب تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو رهي ٿو. درحقيقت هينئر تائين جيڪي به درياهي وهڪرا آيا آهن، اهي انهن درياهن ۽ بئراجن جي گنجائش اندر ئي آهن، پر ان جي باوجود تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

انهن نقصانن جو وڏو ڪارڻ اهي انساني عمل آهن، جيڪي انهن ٻوڏن کي ڀوائتو بڻائي رهيا آهن. جيستائين ندين ۽ ٻين وهڪرن اندران غير قانوني اڏاوتون ۽ ٻيون رنڊڪون ختم نه ڪيون وينديون، رواجي مينهن ۽ وهڪرا به تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجندا رهندا.

گهڻو امڪان آهي ته چناب ۾ آيل ان ٻوڏ کي بنياد بڻائي پنجاب گرين چولستان واري ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا لاءِ ڊيم ٺاهڻ واري رٿا کي نئين سر جيارڻ جي ڪوشش ڪندو. گريٽر چولستان رٿا ۾ چناب تي ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو آهي، جيڪو سنڌ پاران شديد مخالفت کان پوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رڪجي ويو هو. چناب ۾ هن سال آيل ٻوڏ ڪا معمول جي ٻوڏ ناهي، اهو وهڪرو 38 سالن کان پوءِ آيو آهي. اهڙي غير معمولي وهڪري کي ڪنهن نئين ڊيم ٺاهڻ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي. پر ظاهر آهي ته پنجاب ان ٻوڏ کي بنياد بڻائي ان رٿا کي جيارڻ وارو مطالبو ڪرڻ جو وجهه نه وڃائيندو. چولستان رٿا موجب چناب تي ٺهندڙ ڊيمن مان پاڻي ستلج تي رٿيل نون بئراجن وسيلي چولستان تائين پهچايو ويندو. ان رٿا تي مجموعي طور سنڌ کي اعتراض آهن، ڇو ته ڪيترن ئي ورهين کان پوءِ ايندڙ ٻوڏن جي بنياد تي ايڏيون وڏيون رٿائون نه ٿيون جوڙي سگهجن. جيستائين سنڌو درياهه جي وهڪرن جو سوال آهي، ته اتي نارمل وهڪرا رهيا آهن، هينئر تائين سنڌوءَ ۾ پنج لک ڪيوسڪ تائين وهڪرو پهتو هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن برقرار رهيو.

سنڌ لاءِ ايندڙ هفتو حساس آهي، سنڌ سرڪار کي تياري بدترين صورتحال جي سطح جي ڪرڻ گهرجي، ايندڙ هفتو کن ڪنهن به صورتحال لاءِ تيار رهڻ گهرجي. سنڌ جي تياري ڪيتري آهي، ان جي خبر ايندڙ هفتي ۾ ئي پوندي.