Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

ڪراچيءَ جي شهري ٻوڏ جا اصل ڪارڻ

روزاني ڪاوش، 13 سيپٽمبر 2025ع

نائين سيپٽمبر تي رات دير سان کيرٿر جابلو سلسلي تان وڏا وهڪرا لهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جون لياري ۽ ملير نديون تار ٿي ويون ۽ ڪجھ هنڌن تي انهن جي پاسن ۾ حددخليون ڪري رهندڙ ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي داخلي ٿيو. ان کانسواءِ قدرتي وهڪرن جي لنگھ تي والار ڪري ٺاهيل سعدي ٽائون ۽ اسڪيم 33 ۾ به پاڻي داخل ٿيو. تاريخي طور ڪراچي ۾ ملير ۽ لياري ٻه وڏيون موسمي نديون آهن. جڏهن ڪراچي اڄ جهڙو ڳتيل شهر نَه هو تَه اهي نديون کليل نموني وهنديون هيون ۽ اڪثر وقت انهن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي وهندو رهندو هو. چوماسي جي مينهن ۾ کيرٿر جبل تان وڏا وهڪرا انهن ندين مان لنگهي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. ڪجھ محققن موجب اصل ۾ لياري درياھ جي پٽن تي ئي ڪراچي شهر جو بنياد پيو. اهي ٻئي درياھ تازي پاڻيءَ جا درياھ هئا، جن جو پاڻي پيئڻ ۽ انهن جي ڪنارن تي زرعي آباديءَ لاءِ پڻ استعمال ٿيندو هو. ڪورنگي ۽ لانڍيءَ وارا صنعتي علائقا ڪنهن زماني ۾ ملير درياھ جي ٻوڏ جا ميدان هئا. پٿا والا ۽ ڪيئي Pithawala & Kaye موجب ڪراچيءَ جو وڏو علائقو لياري درياھ جي ٻوڏ جي ميدانن تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ اهي ٻئي درياھ موسمي هئا، پر اهي زراعت ۽ مڇي مارڻ جا وڏا وسيلا پڻ هئا. پر هاڻي لياري درياھ مڪمل طور تي گندي پاڻيءَ جي وڏي نيڪال ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

لياري درياھ ڪراچي شهر کان اٽڪل 100 ڪلوميٽر پري بڊي جبلن تان لهي ٿو ۽ سهراب  ڳوٺ وٽان شهر ۾ داخل ٿئي ٿو. ان جي ڪُل ڊيگهه لڳ ڀڳ 180 ڪلوميٽر آهي. موکي نالو تيسر ٽڪرين مان، اورنگي نالو اورنگي ٽڪرين مان ۽ ڳجهڙو نالو منگھو پير ٽڪرين مان نڪرندا آهن. اهي ٽئي به لياري درياھ سان اچي ملندا آهن.

2007ع ۾ منصور ۽ مرزا جي هڪ تحقيقي مقالي موجب لياري درياھ جي ڪنارن جي ٻنهي پاسن تي لڳ ڀڳ 50 ڪچين آبادين ۾ ان وقت اٺ لک کان وڌيڪ ماڻهو رهندڙ هئا. لياري درياھ جي ڪنارن تي اڳ ۾ جيڪا پوکي ڪئي ويندي هئي، اها شهر جي پکيڙ سبب ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي هڪ وڏو صنعتي علائقو، سائيٽ SITE به ان جي ويجهو ٺهي چڪو آهي.

ملير درياھ جو نظام ٻن مکيه وهڪرن، مول ۽ کڏيجي، ۽ ٽن ننڍن وهڪرن ڪونڪر، ٿڌو ۽ سکاڻ تي مشتمل آهي. درياھ ڏکڻ ۽ اولهه طرف گِزري ڪريڪ مان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. مول ندي ڪوهستان جي ٽڪرين مان 640 ميٽرن جي اوچائيءَ تان نڪري ٿي ۽ ڪوهستان جي ميدانن مان سئو کن ڪلوميٽر وهي سپر هاءِ وي وٽ ملير درياھ سان ملي ٿي.

ورهاڱي کان اڳ، ڪراچيءَ جو ميٽروپوليٽن علائقو اٽڪل 150 چورس ڪلوميٽر هو ۽ ان جي آبادي سوا چار لک هئي. ان وقت شهر جي نيڪال واري پاڻيءَ تي هزار ايڪڙن تي پکڙيل گٽر باغيچي ۾ ڀاڄيون ۽ گل به پوکيا ويندا هئا. وقت سان گڏ اهي قدرتي نيڪال جا نظام، جيڪي لڳ ڀڳ 60 نالن تي مشتمل آهن، گندي پاڻي، گند ڪچري ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين سان ڀرجي ويا. ڪراچيءَ جي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي، ننڍيون، وڏيون صنعتون ۽ ڪاروباري مرڪز سمورو گندو پاڻي انهن ندين ۾ نيڪال ڪن ٿا. ان ڪري انهن نالن جو لنگھ سوڙهو ٿي ويو. ڪجهه هنڌن تي انهن جو لنگھ اڌ به ناهي بچيو.

لياري جو ڇوڙ سينڊس پٽ بيڪ واٽرز ۾ ۽ ملير جو ڇوڙ گزري ڪريڪ ۾ ٿيندو آهي. انهن ٻنهي ڇوڙ وارن علائقن تي قبضو ٿي چڪو آهي: لياريءَ جي ڇوڙ تي سمنڊ مان غيرقانوني طور تي والاريل زمين مٿان رهائشي آباديون، تجارتي ڪاروباري مرڪز، ورڪشاپ ۽ گودام تعمير ڪيا ويا آهن. ملير نديءَ جو گزريءَ وارو ڇوڙ، جيڪو ڏيڍ ڪلوميٽر ويڪرو هو، سو وڏيون رهائشي سوسائٽيون ٺهڻ کان پوءِ سوڙهو ٿي 60 فوٽن جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري اهو هاڻي پاڻيءَ جي وڏي مقدار کي کڻي نٿو سگهي. ساڳيءَ طرح ٽي نالا جيڪي چائنا ڪريڪ بيڪ واٽرز ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، انهن کي مائي ڪلاچي باءِ پاس ٺاهي بند ڪيو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي 80 فوٽ ويڪرو نالو ٺاهيو ويو، جيڪو ڪي. پي. ٽي  KPT آفيسرز هائوسنگ سوسائٽي مان لنگهي ٿو. اهو سوڙهو نالو تيز برساتن سبب پيدا ٿيندڙ وڏن وهڪرن کي سنڀالي نٿو سگهي.

ائين هاڻي اتر ۾ کيرٿر جبلن کان وٺي ڏکڻ ۾ سمنڊ تائين ندين جو پاڻي پنهنجي سفر دوران ڪيترين ئي رنڊڪن کي منهن ڏئي ٿو. ڪيترن ئي هنڌن تي، ننڍڙيون نيڪال واريون واهيون ختم ٿي چڪيون آهن. اوڀر کان اولهه طرف وڏا روڊ ٺاهيا ويا آهن جن ۾ پاڻيءَ جي لنگهڻ لاءِ ڪي به موريون  culverts ناهن. ناردرن باءِ پاس ان جو هڪ مثال آهي.

ملڪ ٺهڻ وقت سوا چار لک آباديءَ جو شهر هندستان مان آيل آباديءَ جي وڏي وهڪري سان 1951ع ۾ 16 لک آباديءَ جو وڏو شهر بڻجي ويو. ان وڏي آباديءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي نيون رهائشي رٿائون ٺاهيون ويون. نتيجي ۾ 1961ع ۾ ڪراچي شهر جو علائقو 368 چورس ڪلوميٽرن تائين وڌي ويو ۽ آبادي وڌي 19 لک ٿي وئي. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) الڳ ٿي ويو. لڳ ڀڳ پوڻا ٻه لک ماڻهو بنگلاديش کان ڪراچيءَ آيا. 1972ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي اٽڪل 35 لک ٿي وئي، جڏهن ته ڪل پکيڙ 640 چورس ڪلوميٽرن تائين وڌي وئي. ڪراچي شهر جي آبادي ۽ علائقائي واڌ جاري رهي. ان جي آبادي هاڻي ٻه ڪروڙ ٿي وئي آهي.

انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، ڪراچيءَ جي سميره ظفر ۽ ارجمند زيدي طرفان ڪيل تحقيق موجب، ڪراچيءَ جو شهري علائقو 2000ع ۾ 352 چورس ڪلوميٽرن کان وڌي 2015ع ۾ 781 چورس ڪلوميٽرن تائين (122 سيڪڙو) وڌي ويو. جڏهن ته ساڳين سالن ۾ زرعي علائقو 19 سيڪڙو گهٽجي 277.79 چورس ڪلوميٽرن کان 216 چورس ڪلوميٽرن تائين وڃي بچيو.

ڪراچيءَ ۾ قبضا تمام بااثر ماڻهو ڪندا آهن ۽ ڪابه حڪومت انهن کي خالي نه ڪرائي سگهي آهي. ڊسمبر 2021ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حد دخليون هٽائيندڙ اختيارين، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين کي هدايت ڪئي ته ملير درياھ تان سڀئي قبضا ختم ڪيا وڃن. هڪ مرحلي تي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ پڻ مداخلت ڪئي. مقامي ۽ وفاقي حڪومتن سميت ٽن ادارن گڏيل طور تي اهو نتيجو ڪڍيو ته ٻوڏ جو اصل سبب نالن جي رستي تي ڪچين آبادينَ جا قبضا آهن. اهو فيصلو ڪيو ويو ته قبضا ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪري انهن جا گهر ڊاهيا وڃن. انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ طرفان نالن جو سيٽلائيٽ سروي ڪرايو ويو ۽ ان جي ذريعي قبضن جا نشان به لڳايا ويا. پر ان جي باوجود قبضا هلندا رهيا. ان دوران 1944ع، 1961ع، 1967ع، 1970ع، 1977ع، 1994ع ۽ 2007ع، 2013ع، 2017ع ۽ 2022ع ۾ شهر ۾ وڏي ٻوڏ آئي.

ٿڌو ڊيم ۽ لٺ ڊيم (جيڪو گڏاپ نئين جي نالي سان به مشهور آهي) ويجهڙ وارن سالن جي ٻوڏن دوران اٿلي پيا. غيرقانوني طور تي تعمير ٿيل علائقا جهڙوڪ سعدي ٽائون وهڪرن ۾ ٻڏي وڃن ٿا. ياد رهي ته سعدي ٽائون هڪ نسل پرست پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ طرفان ٺاهيو ويو هو ۽ اها پارٽي ڪراچيءَ لاءِ وڏا واڪا ڪندي رهندي آهي. ٿڌو ڊيم گڏاپ ٽائون ۾، سپر هاءِ وي کان اٽڪل 18 ڪلوميٽر پري واقع آهي، جڏهن ته گڏاپ دڪو مکيه روڊ کان 16 ڪلوميٽر پري آهي.

تاريخ دان مرحوم گل حسن ڪلمتيءَ چواڻي ته، لٺ ندي ڄامشوري مان بارشن جو پاڻي کڻي ان علائقي مان لنگهندي هئي جتي اڄ نئين ڀاڄي پڙي آهي. اها ندي صفورا ڳوٺ مان لنگهندي ناٿا خان پل وٽ نالي ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. سرجاڻي ٽائون ۾ هڪ وڏو برساتي پاڻيءَ جو نالو هوندو هو جيڪو لياري درياھ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. پر ان تي مڪمل طور تي قبضو ٿي ويو ۽ اڄ اهو هڪ ننڍڙي گندي پاڻيءَ جي ناليءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي مدد سان 1984ع ۾ 1977ع جي ٻوڏ جهڙي آفت کي روڪڻ لاءِ، ملير درياھ جي ٻنهي پاسن کان 12 ميل ڊگها بند ٺاهيا. جنهن سان مقامي سطح تي آبادين جو بچاءُ ٿيو آهي.

ڪراچيءَ جي آبي وهڪرن تي قبضن جو سلسلو تمام گهڻو پراڻو آهي. حڪومت کي گهرجي ته 1947ع کان وٺي ڪراچيءَ جي انهن ٻن دريائن ۽ انهن ۾ ڇوڙ ڪندڙ نالن جون هر پنجن سالن واريون سيٽلائيٽ تصويرون عوام لاءِ جاري ڪري ته جيئن سڀني کي خبر پوي ته 1947ع کان اڄ تائين ڪراچيءَ جي دريائن ۽ نالن تي ڪهڙي دور ۾ ڪيترا قبضا ٿيا آهن. ڪيئن انهن قدرتي پاڻيءَ جي گذرگاهن جي اندر ۽ ڪنارن تي قبضا ٿيا آهن. ڪهڙي سال ڪهڙيون مهانگيون سوسائٽيون ۽ سرڪاري ۽ نجي عمارتون، روڊ، ڪچيون آباديون ۽ بازارون انهن جي رستي ۾ يا انهن جي مٿان تعمير ٿيون. اها رپورٽ به جاري ڪئي وڃي ته قبضا گيريءَ جي انهن سالن ۾ صوبي جو وڏو وزير، ڪراچيءَ جو ميئر، ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ ڪي ايم سي جا اهم آفيسر ڪير هئا. اهو به عوام کي ٻڌايو وڃي ته شهر جي ڪهڙي علائقي مان انهن نالن ۾ ساليانو ڪيترا ٽن ڪچرو ۽ ڪيترا لک گيلن سيوريج جو پاڻي ڪهڙين آبادين مان داخل ٿئي ٿو. ان سان ماضيءَ جي سڀني حڪومتن ۽ موجوده حڪومت جا ڪارناما به سڀني کي نظر ايندا. ان سان لياري ۽ ملير نديءَ جي روڪيل وهڪرن جا اصل سبب به عوام اڳيان اچي ويندا. ان سان عوام جي حقن جي جعلي دعويدارن جي چهرن تان به نقاب لهندا ۽ تعصبي ميڊيا جو چهرو به نظر ايندو. جيڪڏهن حڪومت ۾ همٿ آهي ته اها ڊيٽا شهر ۽ صوبي جي عوام لاءِ جاري ڪري.