ڪراچي: سنڌ جو معاشي ۽ سياسي مستقبل
روزاني ڪاوش، 24 ڊسمبر 2024ع
ڪراچيءَ جي ماڙيپور واري علائقي ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان لڏي آيل سوين ڪٽنبن جي هڪ ڪيمپ ٺهي، ڪجهه درد دل رکندڙ آفيسرن ۽ پراڻن قومپرستن ڪارڪنن سندن واهر ڪئي. ڪنهن بين الاقوامي اين جي او کين پاڻي ۽ صفائيءَ جي سهولت فراهم ڪئي. ڳوٺاڻن ذات برادري ۽ علائقي کان مٿانهون ٿي پاڻ کي منظم ڪيو. سياسي ڪارڪنن اتي ساڻن گڏجي جهنگ وڍي سنئين پٽ کي هڪ نقشي پٽاندڙ ڳوٺ جي منظم شڪل ڏني. تنبن ۽ ڇپرن ۾ رهندڙ ماڻهن ڪجهه پنڌ تي موجود حب جي صنعتي علائقي ۾ پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪجهه ماڻهن ڳوٺ ۾ گهربل شين جا ننڍا ننڍا دڪان کولي ورتا. هڪ ننڍو خانگي صحت مرڪز کلي ويو. گڏيل ڪوششن سان هڪ ننڍو اسڪول به کلي ويو. ٻه سال گذرندي ويرم ئي نه ٿي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڪراچيءَ جي پراڻي رهواسي ۽ صحافي دوست همسفر گاڏهيءَ ۽ سياسي ڪارڪن نور الدين جماليءَ سان مهراڻ ڳوٺ گهميم ته لڳو ته ڪيئن هنن محبتي ميڙي هڪ ڳوٺ ٻڌي ورتو آهي. هينئر ان ڳوٺ ۾ ٽي چار سئو ڪٽنب رهن پيا جن هٿ پير هڻي گهر به ٺاهي ورتا آهن. ٻيا به ٽي سئو ڪٽنب اهڙا آهن جن جا گهر اڏاوت جي مختلف مرحلن ۾ آهن. اهي به وقت سان ٺهي راس ٿي ويندا. ڳوٺ جي نقشي ۾ وڏي اسڪول ۽ راند جي ميدان جي جاءِ به ڇڏيل آهي. ڳوٺاڻن سان ڪچهري ڪندي پتو پيو ته ذري گهٽ سڀئي روزگار سان لڳي چڪا آهن. ڪي ٿورو پڙهيل ۽ ڪي اڻ پڙهيل آهن، پر ٻهراڙين ۾ وڏيرن ۽ پوليس جي ڏمر ۽ غلاميءَ کان آجا ٿي، شهر اچي وسايو اٿن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته حب جي صنعتي علائقي ۽ سندن ڀرپاسي ۾ مختلف قسمن جا ڪيئي روزگار موجود آهن. حب به عملي طور سنڌي آباديءَ جو شهر آهي. سنڌين کان سواءِ اتي سنڌي ڳالهائيندڙ بلوچ برادرين جا ڳوٺ به آهن، سنڌين ۽ بلوچن جي تمام وڏي آبادي ان علائقي ۾ موجود آهي.
هي تجربو ونڊڻ جو مقصد ٻن ڳالهين کي اڀارڻ آهي. هڪ ته سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سچيءَ دل سان همت ڪن ته ڪراچيءَ ۾ مهراڻ ڳوٺ جيان سنڌين جون ڪيتريون ئي وسنديون آباد ٿي سگهن ٿيون. بدقسمتيءَ سان اسان جي سياسي پارٽين وٽ ان ڏس ۾ ڪا سوچ ۽ حڪمت عملي موجود ناهي. نيون وسنديون آباد ڪرڻ ته ٺهيو، اهي ڪراچيءَ ۾ اڳواٽ موجود لکين سنڌين ۽ بلوچ آبادين توڙي ميمڻن ۽ ڪڇين سان ئي لهه وچڙ ۾ نه ٿا اچن، جيڪي تاريخي لحاظ کان سنڌي آهن.
ڪراچيءَ جي حوالي سان گذريل هڪ ٻن ڏهاڪن ۾ جيتري به اڳڀرائي ٿي آهي، اها عوامي اڳڀرائي آهي، شهر جو امن بهتر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين مان ڪراچيءَ ڏانهن اچڻ، اتي روزگار ڪرڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿيو آهي. ڪيترن ئي تعصبن ۽ انتظامي رنڊڪن کي ماڻهن پاڻ منهن ڏئي ڪراچيءَ کي پنهنجو شهر بڻائڻ شروع ڪيو آهي. درحقيقت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بيروزگاري ۽ غربت گهٽائڻ جو هڪ اهم ذريعو ڪراچي شهر ٿي سگهي ٿو. سڄي ملڪ جي سڀ کان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو نه رڳو ڪراچيءَ اچي روزگار ڪندا رهيا بلڪه هڪ نسل کان پوءِ اهي ڪراچيءَ جي ڪيترين ئي سهولتن جا مالڪ به بڻجي ويا. اسان ڪراچيءَ کي ايترو ويجهو هوندي به ان شهر ۾ روزگار جي اڻ ڳڻتين موقعن مان فائدو نه وٺي سگهياسين.
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن وٽ روزگار جي معنيٰ سرڪاري نوڪري ڪرڻ رهي آهي. سرڪاري نوڪري جيڪڏهن عوام جون زندگيون بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجي ته ان ۾ ڪا خرابي ناهي. پر هڪ حقيقت ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته وڌندڙ آبادي ۽ تعليمي سهولتن سبب هر سال ڊگريون حاصل ڪندڙ لکين نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ملڻ هاڻي ممڪن ناهي رهيو. سنڌ جي ڪل آباديءَ جي حساب سان ساليانو اڍائي سيڪڙو آبادي واڌ جي لحاظ کان هر سال 15 لک نوجوان روزگار جي عمر کي پهچندا هوندا. انهن جو تمام وڏو انگ ڊگريون به حاصل ڪندو هوندو. سرڪار مالي سوڙهه سبب جيڪڏهن سال ۾ پنجاهه هزار ننڍيون وڏيون نوڪريون ڏئي تڏهن به لکين نوجوان سرڪاري نوڪري حاصل نه ڪري سگهندا. ايڏي وڏي انگ ۾ نوجوانن کي روزگار جا ٻيا وسيلا ڳولڻا پوندا.
خوشقسمتيءَ سان ملڪ ۾ روزگار جو سڀ کان وڏو مرڪز ڪراچي، سنڌ ۾ آهي. ان شهر ۾ روزگار جا اڻ ڳڻيا موقعا آهن، جن جا انگ اکر به ملڻ مشڪل آهن. ڪارخانا، گهريلو صنعت، موٽر مڪينڪ، حجام، واڍا، رازا، سيڪيورٽي گارڊ، چانهن مانيءَ جا رپسٽورنٽ، گهٽين ۾ ڦيرا ڏيندڙ گاڏڙا، ڪرياني جا دڪان ۽ ٽرانسپورٽ سميت سوين شعبن ۾ روزگاري جا لکين موقعا آهن. رڳو شهر جي چئن مکيه صنعتي ايرياز ۾ 600 ڪارخانا آهن، جن ۾ 11 لک کان وڌيڪ ماڻهو روزگار ڪن ٿا. شهر ۾ ننڍي کان ننڍو ڪاروبار به سورهين گريڊ جي سرڪاري نوڪريءَ جيتري آمدني فراهم ڪري ٿو. هن وقت به هزارن جي انگ ۾ سنڌي ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪري رهيا آهن. جيڪي تمام ننڍي رقم سان شروع ڪري سگهجن ٿا. ان کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ فني هنر ڄاڻيندڙن لاءِ اڻ ڳڻيا روزگار موجود آهن. موٽر مڪينڪ، سولر سسٽم لڳائيندڙ ڪمپيوٽر يا موبائيل فون جي مرمت ڪندڙ، بجليءَ جا مستري، رازا، درزي، ڊرائيور، پلمبر وغيره ته سترهين ارڙهين گريڊ جي پگهار جيتري به ڪمائي ڪري سگهن ٿا. گهريلو ملازم، ڊرائيور ۽ رازا به هر وقت گهربل رهن ٿا جن کي ڪيترائي گهراڻا رهائش ۽ کاڌو به فراهم ڪن ٿا. ڪراچيءَ جا اردو ڳالهائيندڙ گهراڻا به هاڻي سنڌي نوجوانن کي ان ڪم لاءِ ترجيح ڏيڻ لڳا آهن.
مطلب ته ڪراچيءَ ۾ روزگارن ۽ ڪاروبارن جو هڪ اڻ کٽ جهان موجود آهي، جنهن مان هن وقت به هزارين سنڌي لاڀ وٺي رهيا آهن. ٻهراڙين ۾ وڏيرن جي درن تي پٽيوالي ۽ ڪلارڪيءَ لاءِ ڌڪا کائڻ بجاءِ شهرن ۾ اچي پورهيو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي ڪا منظم سياسي يا سماجي تنظيم نه هجڻ سبب سنڌ واسي پنهنجي ٻل تي ڪراچيءَ ۾ پير کوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪنهن دور ۾ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي سماجي تنظيم طور ڄاتي ويندڙ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ان ڏس ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پر سگا جي قيادت وٽ اهڙو ويزن نه هجڻ سبب ان وٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي رهائش ۽ ڪاروبار ۾ واهر فراهم ڪرڻ بابت ڪابه حڪمت عملي موجود ناهي. ساڳيءَ طرح سنڌ جي سياسي پارٽين ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعوائن کي تقريرن ۽ پريس بيانن تائين تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، لکن جي انگ ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي ٻي ڪا واهر ته ڇڏيو، رڳو کين شهر جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائڻ ۽ سندن ووٽ داخل ڪرائڻ جهڙا نسبتن سمورا ڪم ڪرڻ ۾ به ڪا رهنمائي يا واهر فراهم نه ٿي ٿئي. سياسي قيادتن پاران ڪراچيءَ کي سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ سبب سنڌ واسين کي هر وقت ڪراچيءَ ۾ اقليت هجڻ جو احساس رهي ٿو.
ڪراچيءَ کي سياسي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي طور پنهنجو ڪرڻ سنڌ جي سياسي آئندي لاءِ نهايت ضروري آهي. ڪراچي نه رڳو معيشت جو پر ملڪي سياست جو به محور آهي. ڪراچيءَ ۾ جيستائين سنڌين جي اثرائتي نمائندگي نه ٿيندي، سنڌ واسين لاءِ ڪراچيءَ جي اوپرائپ وارو تاثر ڪمزور نه ٿيندو. سنڌ جي جاگرافيائي سالميت ۽ سياسي مٿڀرائيءَ جي فيصلي جو مرڪز به ڪراچي ئي رهندو. نهايت ضروري آهي ته سنڌ واسي صوبي جي ٻهراڙين مان غربت جي انت، ڀوتارڪي راڄ مان جان آجي ڪرائڻ ۽ سياسي طور پاڻ ڀرا ٿيڻ لاءِ ڪراچيءَ کي پنهنجو مرڪز بڻائن.