ڪراچي ۽ لساني سياست جو ورجاءُ
روزاني پنهنجي اخبار، 20 جون 2023
ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ميئر جي چونڊ سان مڪمل ٿي وئي. چونڊ نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو مرتضيٰ وهاب شهر جو ميئر چونڊجي ويو ۽ جماعت اسلاميءَ جو اميدوار حافظ نعيم هارائي ويو. جماعت پاران چونڊن وارو معاملو عدالت ۾ چئلينج ٿيل آهي، جنهن جو فيصلو اڃا اچڻو آهي. انهن چونڊن سنڌ ۾ هڪ سياسي بحث کي ڇيڙي ڇڏيو آهي. هڪ راءِ اها آهي ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو دٻاءُ هيٺ ڦيرائي حافظ نعيم کي هارايو ويو، نه ته ٻنهي جماعتن جي اتحاد وٽ عددي گهڻائي هئي. تحريڪ انصاف جا 30 ڄڻا ووٽ ڏيڻ نه پهتا ۽ اڃا تائين منظرنامي تان گُم آهن. چيو ٿو وڃي ته انهن پنهنجو فارورڊ بلاڪ ٺاهيو آهي. 9 مئي واري واقعن کانپوءِ ملڪي سطح تي سياسي منظرنامي جيڪا قلابازي کاڌي، ان جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ عملي طور سياست کان ٻاهر ٿي وئي آهي. هن وقت اسٽيبلشمينٽ مٿس ايتري ته ڏمريل آهي، جو ان جا پارليامينٽ ميمبر به ڳولهي نٿا لڀجن. اتفاق سان ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ کان اڳ 9 مئي سانحو ٿي چڪو هو ۽ صورتحال جماعت اسلاميءَ جي حق ۾ نه رهي، ٻي صورت ۾ صورتحال گهڻي مختلف هجي ها. جتي ايم ڪيو ايم جو بائڪاٽ، جماعت اسلاميءَ لاءِ هڪ موقعو ثابت ٿيو، اتي 9 مئي ان لاءِ چونڊن جي لحاظ کان ان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو.
چونڊن جي موقعي تي غير جمهوري طريقا استعمال ڪندي مخالف ووٽرن کي ڦيرائڻ ۽ گُم ڪرڻ وارا طريقا هن ملڪ ۾ پراڻا آهن. ايوب جي دور ۾ ريفرينڊم دوران جنهن طرح بوگس ووٽ وجهرايا ويا ۽ صدارتي چونڊ ۾ محترمه فاطمه جناح کي جنهن طرح سان هارايو ويو، ان وقت به اهي ئي طريقا استعمال ڪيا ويا هئا. اهو سلسلو سياسي حڪومتن ۾ به جاري رهيو. خود جماعت اسلامي جي اتحادي تحريڪ انصاف 2018ع ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اهي ئي طريقا استعمال ڪيا. مارشل لا دور ۾ جماعت اسلامي جو ميئر ستار افغاني به ساڳئي طريقي سان پ پ جي ڪجهه ووٽن کي رد ڪرائي ميئر بڻيو هو. ان طريقن جي حمايت هرگز نٿي ڪري سگهجي پر بدقسمتيءَ سان اقتدار ۽ طاقت رکندڙ هر ڌُر ڪائونسلر جي چونڊ کان وٺي وزير اعظم جي چونڊ تائين اهي ئي طريقا استعمال ڪندي رهي آهي. ٻين لفظن ۾ ته ان معاملي ۾ سڀ رڍون ٻُوٿ ڪاريون آهن.
ان معاملي کان هٽي ڪري ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران ٿيل سياست کي سنڌ جي مجموعي سياسي ماحول ۾ ڏسجي ته ٻنهي اميدوارن جي ڀيٽ جا هر ڪنهن وٽ الڳ الڳ پئمانا آهن. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اليڪشني سياست ۾ تجزيو موجود آپشنز جي آڌار ئي ٿي سگهندو آهي. ان معاملي ۾ آئيڊيل اميدوار، پارٽي ۽ منشور بابت رڳو رايا رکي سگهبا آهن پر تجزيو وري به ان آڌار ٿيندو ته آخر ۾ ڪهڙا اميدوار ميدان ۾ هئا، چونڊ مهم دوران سندن منشور ۽ ڪردار ڪهڙو هو يا ماضيءَ ۾ سندن ڪردار ڪهڙو رهيو آهي.
ڪراچي ۾ هن کان اڳ شهري حڪومت ڪڏهن به پيپلز پارٽي وٽ ناهي رهي. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي گهڻي ڀاڱي ڪراچي جو نظام هلايو آهي. ان ۾ به جماعت کي اهو موقعو رڳو ٻه ڀيرا مليو آهي، باقي سمورو وقت جڏهن به مڪاني حڪومتون فعال رهيون آهن، اهو عهدو ايم ڪيو ايم وٽ رهيو آهي. مشرف جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم عملي طور نه رڳو سڄي صوبي جو نظام هلائي رهي هئي پر ڪراچي کي ڄڻ ته هڪ الڳ انتظامي يونٽ جي حيثيت حاصل هئي، جتي صوبي جو وڏو وزير ڪنهن ترقياتي رٿا جو افتتاح به نه ڪري سگهندو هو. شهري حڪومت جي نالي تي پوليس به سندن هٿ وس هئي. هونئن به گهرو کاتو سندن حوالي هجڻ سبب اهي سڄي کاتي جا مالڪ هئا. ان کانسواءِ ترقياتي رٿابندي ۽ ناڻي وارا کاتا به سندن هٿن ۾ هئا. اڻ ميا مالي وسيلا به خصوصي گرانٽس وسيلي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ رکيل هوندا هئا. مشرف هڪ ٽڪساٽ وسيلي مڪاني ادارن وارو کاتو عملي طور صوبن کان وفاق کان منتقل ڪري ڇڏيو هو. ان سڄي عرصي ۾ جيڪا بدترين مالي ڪرپشن ٿي ۽ جنهن طرح سکيا ورتل دهشتگرد هزارن جي انگ ۾ مڪاني حڪومت ۽ صوبائي کاتن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي ڀرتي ڪيا ويا، ان جو ڪير ذڪر به نٿو ڪري. ڪيئن بندوق جي نشاني تي سڄو شهر، مڪاني حڪومتن جا چونڊيل عيوضي ۽ آفيسر يرغمال ٿيل هئا، ان تي جمهوري قدرن جي ڳالهه ڪندڙ ورلي ڪو ڳالهائيندا آهن. مشرف جي زوال کانپوءِ به ڪراچيءَ جو شهري نظام ايم ڪيو ايم وٽ ئي رهيو. ايتري قدر جو پيپلز پارٽي به سندس بليڪ ميلنگ ۾ اچي مشرف دور وارو ٻٽو نظام ٻيهر لاڳو ڪيو، جنهن کي سنڌ جي عوام وڏي جدوجهد کانپوءِ رد ڪرايو.
هن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي بائڪاٽ سبب جماعت اسلامي جو ڀاڳ وريو، البته گذريل ڪجهه عرصي کان جماعت جي ڪراچيءَ جي اڳواڻ حافظ نعيم کي ته ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪمزور ٿيڻ سان تحريڪ انصاف ووٽ کڻڻ لڳي آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪمزور ٿيڻ سان ڪراچيءَ ۾ لساني نفرت واري سياست به ڪمزور ٿي رهي هئي. تحريڪ انصاف بهرحال ملڪي سطح جي پارٽي هجڻ سبب کليل نموني لساني ڪارڊ نه پئي کيڏي سگهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ ڪجهه ٻين همراهن کي رکي رکي ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بنائڻ جو پيٽ ۾ سور پوندو هو پر جمهوري طور اڳ جهڙي لساني تعصب واري صورتحال نه هئي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم کي لڳو ته هو نفرت جي سياست جو ورجاءُ ڪري ڪراچي ۾ لساني سياست واري خال کي ڀري سگهي ٿو. هن پيپلز پارٽي جي مخالفت ۽ ڪراچيءَ جي شهري مسئلن کي اڀارڻ لاءِ سياسي يا حڪومتي مخالفت بجاءِ لساني نفرت واري ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏني. مختلف جلسن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ هن پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد کان وڌيڪ اڻ سڌي طرح ڪراچيءَ ۾ سرڪاري نوڪرين يا رهائش لاءِ آباد ٿيندڙ سنڌين کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو. ان مقصد لاءِ هن غير مقامي انتظاميا جو جملو ورجائڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ڏهاڪن کان ٻين صوبن جا ماڻهو اهم عهدن تي رهندا آيا پر جماعت هميشه اسلام ۽ پاڪستان جي نالي سندن آجيان ڪندي رهي. هاڻي جڏهن ڪجهه اهم عهدن تي سنڌي ڳالهائيندڙ پهتا ته پاڻ غير مقامي هجڻ جي باوجود حافظ نعيم انهن سنڌين کي غير مقامي ڪوٺڻ شروع ڪيو، جيڪي پنهنجي صوبي جي گاديءَ واري شهر ۾ نوڪري يا ٻيو ڪو روزگار ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح حافظ نعيم ڪراچيءَ کي الڳ شهر تصور ڪرڻ شروع ڪيو، جتي باقي سنڌ جا ماڻهو رهائش، روزگار يا نوڪري نٿا ڪري سگهن. پيپلز پارٽي بجاءِ اڻ سڌي ۽ سڌي طرح نفرتي بيان ڏئي حافظ نعيم پاڻ کي سنڌ واسين اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو. اردو ميڊيا جيان سنڌين لاءِ وڏيري جو حوالو استعمال ڪندو رهيو. ان جي بجاءِ جيڪڏهن هو پ پ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ ۽ رڳو ڪراچيءَ بجاءِ سڄي سنڌ جي ڳالهه ڪري ها ته شايد سندس خلاف عوامي نفرت پيدا نه ٿئي ها. جماعت اسلامي ۾ هيترا پڙهيا لکيا سنڌي به ويٺا آهن پر انهن مان به ڪنهن سندس ٻولي ٺيڪ نه ڪرائي يا وري حافظ صاحب ڪراچيءَ ۾ لساني سياست وسيلي پاڻ کي “قائد تحريڪ” جي متبادل طور اُڀارڻ لاءِ ڄاڻي ٻجهي ان ذهنيت جو اظهار ڪندو رهيو. جماعت اسلامي هونئن به سنڌي ڳالهائيندڙن وٽ ڪا مقبول جماعت ناهي رهي ۽ حافظ نعيم واري اگري ٻوليءَ کيس سنڌين اڳيان ويتر هڪ لساني ڌُر طور متعارف ڪرائي ڇڏيو. ان سڄي صورتحال جو سياسي فائدو پيپلز پارٽيءَ کي پهتو، جنهن کي جماعت جي لساني سياست جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ميچوئر مهم هلائڻ سبب اردو ڳالهائيندڙن کانسواءِ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن وٽان وڌيڪ حمايت ملي.
هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن جون حڪومتون به حاصل ڪري ورتيون آهن ته عملي طور ان کي سنڌ جي سياست ۽ انتظامي معاملن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ٿي ويو آهي. وفاق ۾ اها اڳي ئي حڪمران اتحاد جو اهم حصو آهي. مڪاني ادارن ۽ ميونسپل خدمتن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جو رڪارڊ وڏي حد تائين خراب آهي. سنڌ جا اڪثر ننڍا وڏا شهر نه رڳو پيئڻ جي صاف پاڻي، نيڪال، صفائي سٿرائي، رستن، حد دخلين جي حوالي سان خراب حالت ۾ آهن پر هر شهر کي هڪ مقامي مافيا ڪنٽرول ڪري رهي آهي. ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي ضلعن ۾ ته مقامي سطح تي اهي مافيائون هاڻ عوام کان وڌيڪ سگهاريون ٿي چڪيون آهن پر ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪارڪردگيءَ نه ڏيکاري ته جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف سان ٽڪر کائڻ ان لاءِ سولو نه هوندو. اتي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ملير ۽ ڪياماڙي ۾ صديون پراڻيون سنڌي ۽ بلوچ آباديون آڳاٽي دور واري زندگي گذارين ٿيون ۽ اتي جا ٻهراڙين وارا علائقا ڪراچي شهر کان ڏهاڪا پُٺتي پيل آهن. گذريل ڏهاڪن ۾ نه رڳو شهري انتظاميا انهن علائقن کي نظر انداز ڪيو آهي پر پيپلز پارٽي پاڻ به ڪراچيءَ جي آڳاٽين آبادين سان اُوپرن وارو ورتاءُ ڪيو آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ شهري حڪومت پيپلز پارٽي وٽ اچڻ کانپوءِ اهي علائقا ترقي جي جائز اميد رکن ٿا. پيپلز پارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جي شهري علائقن ۾ ٻهراڙين جيان ٻُوٿ ٻڌل ماڻهو نٿا رهن، جيڪي اکيون ٻُوٽي سندس ترانن تي ناچ ڪندا رهندا. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سياسي تاريخ مان مليل ان موقعي کي ذميواريءَ سان استعمال نه ڪيو ته ڪراچي ان لاءِ سياسي طور وڏو چئلينج ٿي اُڀرندي.