Welcome to Naseer Memon's Corner

Championing Climate Resilience and Policy Innovation

گڏيل عرب امارتن جا اتساهيندڙ سنڌي

(روزاني ڪاوش، 28 آڪٽوبر 2025ع)

گذريل هفتي ماحوليات بابت هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گڏيل عرب امارات وڃڻ ٿيو، دبئي ۽ ابوظهبيءَ ۾ ڪيترن ئي سنڌ واسين سان ڪچهريون ٿيون، جن وٽان امارات جي حڪومتي پاليسين بابت تمام گهڻي ڄاڻ ملي. ساڳئي وقت امارات ۾ رهندڙ ڪيترن ئي جاکوڙي سنڌ واسين جي پورهئي ۽ ڪاميابين جا اتساهيندڙ قصا پڻ ٻڌڻ لاءِ مليا.

عرب امارات ڊگهي عرصي کان نه رڳو اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن جي پورهيتن لاءِ ڪمائيءَ جو مرڪز آهي، پر اُسريل دنيا جي مالدارن لاءِ سيڙپڪاريءَ جو پپڻ مرڪز آهي. امارات جي آبادي هڪ ڪروڙ ڏهه لک کن آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ نوي سيڪڙو پرڏيهي آهن، ڪو دور هو، جو هر ننڍي وڏي ڪم ۾ پرڏيهي نظر ايندا هئا ۽ مقامي عرب آبادي گهٽ نظر ايندي هئي. روزگار جي موقعي ۾ مقامي آباديءَ کي اوليت ڏيڻ لاءِ باقاعدي ”اماراتائيزيشن Emiratisation“ جي پاليسي لاڳو ڪئي آهي ۽ ان لاءِ منسٽري آف هيومن ريسورسز اينڊ اماراتائيزيشن به قائم ڪئي وئي آهي، هاڻي خانگي شعبي لاءِ لازمي آهي ته پنجاهه کان وڌيڪ ملازمن واريون ڪمپنيون هنرمند نوڪرين ۾ هر سال مقامي آباديءَ جو حصو ٻه سيڪڙو وڌائين. 2026ع تائين انهن ڪمپنين کي نوڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مقامي آباديءَ کي رکڻو آهي، ساڳيءَ طرح مختلف سائيز جي ڪمپنين ۾ مختلف سطح جي ڪوٽا مقامي آباديءَ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، ان مقصد لاءِ ڪمپنين لاءِ مقامي آباديءَ جي گهربل سکيا جو بندوبست به لازمي ڪيو ويو آهي. امارات ۾ رهندڙ دوستن ٻڌايو ته خانگي توڙي سرڪاري شعبي ۾ اهم انتظامي عهدن تي تيزيءَ سان پرڏيهن جي جاءِ تي مقامي آباديءَ کي مقرر ڪيو پيو وڃي. انهن ضابطن جي ڀڃڪڙيءَ تي وڏا ڏنڊ به لاڳو ڪيا ويا آهن.

اماراتي سرڪار اهم انتظامي عهدن جي صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ عرب نوجوانن کي وڏي پيماني تي اعليٰ تعليم لاءِ وظيفا به فراهم ڪري ٿي، ته جيئن اهي پرڏيهه جي بهترين يونيورسٽين مان مختلف شعبن ۾ اعليٰ تعليم ۽ سکيا حاصل ڪري پاڻ کي انهن نوڪرين لاءِ اهل بڻائن، ان کان سواءِ امارات ۾ دنيا جي بهترين يونيورسٽين جا ڪيمپس پڻ کولرايا ويا آهن. انهن ۾ يونيورسٽي آف نيويارڪ، يونيورسٽي آف برمنگهم، مڊل سيڪس يونيورسٽي، لنڊن بزنس اسڪول، روچسٽر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، آمريڪن يونيورسٽي وغيره جهڙا ڪيترائي ادارا شامل آهن.

اماراتي حڪومت مقامي نوجوانن کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ وظيفا مهيا ڪري رهي آهي، ان وظيفي هيٺ گهربل اهليت تي پورو لهندڙ اماراتي شاگردن کي تعليمي خرچ، ساليانو هوائي سفر جي ٽڪيٽ، ڪتابن وغيره لاءِ الائونس، انشورنس سان گڏ ماهوار 3200 ڊالر ڏنا وڃن ٿا. اماراتي حڪومت جديد تعليم جي شعبن ۾ هر سال ٻه هزار مقامي شاگردن کي اسڪالرشپ تي پرڏيهه موڪلي ٿي. اهڙيءَ طرح امارات جي حڪومت مقامي آباديءَ کي اهم عهدن وارين نوڪرين جو اهل بڻائڻ لاءِ مختلف اپاءُ وٺي رهي آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته حڪومت رڳو مقامي هجڻ جي بنياد تي روزگار نه ٿي ورهائي، پر مقامي نوجوانن جي اهليت ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ ميرٽ ۽ چٽاڀيٽيءَ کي پڻ بنياد بڻائي رهي آهي. ائين هوريان هوريان مقامي پروفيشنل اهم عهدن تي مقرر ٿي رهيا آهن.

ڪانفرنس دوران مون يو اي اِي يونيورسٽيءَ جي هڪ ويهڪ ۾ شاگردن جي تحقيقي ڪم بابت سندن پريزٽيشنز به ڏٺيون، سندن ڄاڻ ۽ صلاحيت ڀرپور نظر آئي. سٺي ڳالهه اها نظر آئي ته انهن ۾ گهڻائي عرب ڇوڪرين جي هئي ۽ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر پاڻ هڪ هڪ شاگرد/ شاگردياڻيءَ سان ملي کين همٿائي رهيو هو. اسان جي وائس چانسلرن کان مختلف پروفيسر علي الرئيسي سان ڪو به استاد يا آفيسرن جو جٿو گڏ نه هو. مون سندس شاگردن کي ساراهيو ته پنهنجي شاگردن ڏانهن اشارو ڪري نهايت پاٻوهه سان چيائين ته ”هي اسان جو آئيندو آهن.“ امارات اسلامي ملڪ آهي، پر اتي مذهب جي نالي تي انتهاپسندي، فرقيواريت، تشدد، فتوابازي دهشتگردي، تهمت بازي، رستي روڪ يا ڪنهن به قسم جي تعصب جي اجازت ناهي. سمورن مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو گڏ رهن ٿا، پنهنجي عبادت گاهن ۾ سڪون سان وڃن ٿا ۽ گڏجي هڪ ٻئي جا ڏڻ ملهائن ٿا، ڏياريءَ ۾ اڃا ٻه هفتا پيا هئا، پر ڪيترن ئي هنڌن تي ڏياريءَ جي سجاوٽ نظر اچي رهي هئي. ابوظهبي جي وڏي مسجد سونهاريءَ ۾ هر مذهب جي ماڻهن جي اچ وڃ هئي، مسجد ڏانهن ويندڙ لنگهه تي بورڊ لڳل هو ”رواداريءَ جو رستو“. عرب امارات سمورن عقيدن لاءِ آزاد ملڪ آهي، پر اتي ڪير به ڪنهن جي مٿان پنهنجو عقيدو نٿو مڙهي. سرڪار پاران منظور ڪيل خطبي کان سواءِ ڪو به مولوي اکر به وڌيڪ نٿو ڳالهائي، ڪنهن به عقيدي يا سڃاڻپ جي بنياد تي نفرت پکيڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي. ملڪ ۾ ڪي به جنوني ٽولاهه رياست يا سماج کي يرغمال نٿا بڻائي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي هر ملڪ، سڃاڻپ ۽ عقيدي جا ماڻهو اتي گڏيل احترام سان رهن ٿا ۽ ملڪي قانون سڀني مٿان هڪ جهڙو لاڳو ٿئي ٿو.

اماراتي عربن جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته سندن حڪمران هڪ ئي وقت آمريڪا، روس ۽ چين سان سفارتي ۽ ڪاروباري ناتا برقرار رکن ٿا. اهي هر ملڪ سان سندن مفادن جي حساب سان ناتا رکن ٿا ۽ ڪنهن سان به ٽڪراءَ ۾ نٿا اچن. مختلف عرب امارتن ۾ رهندڙ ڪيترن ئي سنڌين سان تفصيلي ڪچهريون ٿيون، اهي گهڻي ڀاڱي هيٺئين ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان هئا، جن پنهنجي پنهنجي پروفيشنل شعبن ۾ اتي ڀرپور جاکوڙ سان پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي. انهن ۾ ڪيترن اهم ادارن ۾ سينيئر عهدن تي ڪم ڪندڙ پروفيشنل به هئا، ته ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ سخت جاکوڙ سان جاءِ پيدا ڪندڙ نوجوان به هئا. ان کان سواءِ پورهيتن جو به هڪ چڱو موچارو انگ اتي گذر سفر لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.

سٺي ڳالهه اها ته اهي سڀ سنڌ واسي اتي رڳو پنهنجي ذاتي آسائش ڀري زندگيءَ تائين محدود ناهن، پر اتان ويهي سنڌ واسين کي اتي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ به واهر ڏئي رهيا آهن. انهن مان ڪيترائي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪي سٺا ڪم به ڪري رهيا آهن، انهن جون ڳالهيون ٻڌي محسوس ٿيو ته اهي سنڌ سان سلهاڙيل آهن ۽ سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن بابت کين ادراڪ ۽ ڳڻتي به آهي. اتي ويهي اهي سڀ پنهنجي وس آهر سنڌ واسين جي ڪا نه ڪا واهر به ڪري رهيا آهن. مون سندن جاکوڙ جون ڪهاڻيون ٻڌيون ته مون کي تمام گهڻو اتساهه مليو.

جيتوڻيڪ ويجهڙ ۾ عرب امارات ۾ پاڪستانين لاءِ ويزا ملڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، پر پوءِ به هنر مند ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون مهارتون رکندڙن کي روزگا ۽ ويزا ملي وڃن ٿا. عرب امارات ۾ پاڪسانين جي خراب لڇڻن سبب سندن جاءِ ڀارتي، نيپالي، بنگالي ۽ فلپائيني والاري رهيا آهن. عرب امارات جهڙا ملڪ سخت جاکوڙ ۽ مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌڻ واري چٽاڀيٽيءَ جا ملڪ آهن، جتي اهليت ۽ محنت کي مان ملي ٿو. سنڌي نوجوانن کي هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي ته وڏيرن جي اوطاقن ۽ وزيرن جي واٺن اڳيان جهڪي، سرڪاري نوڪرين جي خيرات گهرڻ کان شهرن ۽ پرڏيهه ۾ محنت ڪري وڌيڪ باعزت روزگار حاصل ڪري سگهجي ٿو. امارات ۾ ٿوري صلاحيت ۽ محنت سان سنڌ اندر حرام جي ڪمائيءَ وارين سڻڀين نوڪرين کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي گواهي انهن درجنين نوجوانن ڪهچرين دوران ڏني.

بدقسمتيءَ سان سنڌ اندر روزگار جا روايتي وسيلا يا ته ختم ٿي رهيا آهن، يا وري ميرٽ نه هجڻ سبب عام نوجوانن لاءِ نوڪري حاصل ڪرڻ به ڏينهون ڏينهن اوکو ٿيندو پيو وڃي، هونئن به وڌندڙ آبادي ۽ گهٽجندڙ سرڪاري نوڪرين سبب هاڻي ميرٽ اچي به وڃي ته نوجوانن جي هڪ محدود انگ کي ئي نوڪريون ملي سگهنديون. ايندڙ ڏينهن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال روزگار جي روايتي وسيلن ۾ به تيزيءَ سان نواڻ آڻيندو ۽ ان لاءِ نوان هنر سکڻ اڻ ٽر ضرورت ٿي پوندي. سنڌي نوجوانن لاءِ هڪ وڏو موقعو ڪراچي شهر آهي، جتي غير روايتي روزگار جا اڻ کٽ موقعا موجود آهن.

ڪراچيءَ ۽ ٻين شهري علائقن ۾ ننڍي سيڙپڪاريءَ سان ننڍا، وچولا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ميدان موجود آهي، هنري ۽ فني سکيا سان مارڪيٽ جي ڪيترن ئي شعبن ۾ روزگار جا موقعا ان کان الڳ آهن. سولر، موبائل فون، اليڪٽريشن، ريفريجريشن، ويلڊنگ، موٽر مڪينڪ وغيره جي فني شعبن ۾ اڄ به وڏي کپت آهي. بدقمستيءَ سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ فني/هنري تعليم جا ادارا مڪمل طور برباد آهن، اسٽيوٽا جو ادارو ناڪاره بڻيل آهي، نه ته معياري فني سکيا ۽ سرٽيفيڪيشن سان هزارين هنر مند نوجوان صوبي ۽ ملڪ کان سواءِ پرڏيهه ۾ به روزگار ماڻي سگهن ٿا.

امارات ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ هنر مند هٿن جي هر وقت کپت رهي آهي، پر انهن ملڪن ۾ هاڻي پاڪستان لاءِ ويزا ڏکي ٿي پئي آهي، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ غير روايتي شعبن جهڙوڪ نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي وڏي گهرج رهي ٿي، پر ان پاسي اسان جو ڌيان گهٽ آهي. ان کان سواءِ ويٽنري (چوپائي مال) جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ويٽنرين، فوڊ ٽيڪنالاجسٽ ۽ سکيا ورتل معياري راڌي (بورچي) جي به وڏي کپت آهي. سنڌي نوجوانن کي انهن غير روايتي شعبن جا ڪورس ڪرڻ ۽ پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻي پوندي. امارات ۽ ٻين پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌ واسي ان ڏس ۾ سنڌي نوجوانن جي منظم نموني سان رهنمائي ڪري سگهن ٿا.