Naseer Memon

Articles and Resources

CLIMATE POLICY • WATER GOVERNANCE • SUSTAINABLE DEVELOPMENT   CHAMPIONING •  CLIMATE RESILIENCE •  POLICY INNOVATION

 ڪراچيءَ جي ڪاروباري معيشت

جڏهن قومن کي چئني پاسن کان مسئلن جا انبار وڪوڙي وڃن ۽ انهن مان نڪرڻ جا لنگهه سوڙها ٿيندي نظر اچن ته پوءِ جوش ۽ جذبي سان گڏ حڪمت عمليءَ جي به ضرورت پوندي آهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هٿ پير هڻندي رهي آهي، ڏهاڪن کان سنڌ جي قومي سڃاڻپ، جاگرافيائي وحدت، ٻوليءَ جي بقا، ڊيموگرافي، تاريخي روايتن لاءِ لڳاتار خطرا ڪَرُ کڻندا رهيا آهن ۽ سنڌ واسي انهن خلاف اڻٿڪ جدوجهد ۾ رڌل رهيا آهن، هن وقت سنڌ کي جيڪي وجودي خطرا آهن، تن ۾ اهم ترين پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي عددي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو ۽ سنڌ جي جاگرافيائي ورهاست آهن. ان کان سواءِ به مسئلن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪا انهن ٻن اهم مسئلن سان ڪنهن نه ڪنهن نموني سلهاڙيل آهن. سنڌ جي قومي وجود ۽ حقن واري جدوجهد ۾ جتي اَورچائي، سچائي، قرباني ۽ ڌرتيءَ سان محبت وارا سگهارا پاسا ان کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن، اتي حڪمت عمليءَ وارو پاسو نسبتن ڪمزور رهيو آهي. ٻهراڙيءَ جي سماجي بيهڪ ۾ هونئن به حڪمت عملي روز مره جي ڪاروهنوار ۾ گهٽ نظر ايندي آهي، شهرن جي ڪاروباري سوچ، حڪمت عمليءَ کي سگهارو ڪندي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ ۾ جيڪو نيم شهري ۽ شهري وچولو طبقو اُسريو آهي، اهو روزمره جي زندگيءَ ۾ سوچ جي حوالي سان اها نواڻ آڻي رهيو آهي.

ڪراچي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان ڪيترو اهم آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن غير معمولي ذهن جي ضرورت ناهي. پورٽ سٽي هجڻ ۽ ملڪ جو اهم ڪاروباري واپاري مرڪز هجڻ سبب ان جو ملڪي معيشت سان گڏ ملڪي سياست ۾ به نهايت اهم ڪردار آهي. ڪراچيءَ جهڙي ميٽروپوليٽن شهرن ۾ جتي ڀانت ڀانت جي نسلن ۽ قومن جا ماڻهو رهندا هجن، اتي شهر جي مالڪي انهن زميني حقيقتن يعني مالڪيءَ جي محرڪن ۾ اهم عنصر شهر جو ڪاروبار، ٽرانسپورٽ ۽ اسٽريٽ پاور هوندا آهن. ڪجهه حالتن ۾ عددي گهڻائي يا ٿورائي، انهن عنصرن اڳيان ثانوي بڻجي ويندي آهي، اها ئي ڳالهه ڪراچيءَ تي به لاڳو ٿئي ٿي. 1947ع کان پوءِ هندستان مان آيل مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ ۽ مقامي هندو آباديءَ جي لڏپلاڻ سبب شهر جي ڊيموگرافي يڪدم بدلجي وئي. اهو عدم توازن رڳو ڊيموگرافيءَ تائين محدود نه رهيو پر ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ايڪي طور ڏسڻ شروع ڪيو ويو. سنڌ واسين جي مرضيءَ جي ابتڙ ڪراچيءَ کي وفاقي گادي بڻائي عملي طور سنڌ کان الڳ ڪيو ويو.

جيتوڻيڪ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي گاديءَ جو شهر بڻيو، پر ان عرصي دوران شهر جي لساني بيهڪ تمام گهڻو بدلجي چڪي هئي. ان سان گڏ شهر ۾ ڪاروبار، زمين، گهر، ٽرانسپورٽ ۽ صنعت سميت هر شيءِ سنڌين جي هٿن مان ڦُرجي چڪي هئي. اردو ڳالهائيندڙ (۽ ساڻن هندستان مان آيل ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ)عملي طور شهر جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي چڪا هئا، انهن کان سواءِ شهر جي صنعت ڪاروبار ۽ واپار ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ ۽ ٽرانسپورٽ تي پختونخواه مان آيل ماڻهو هڪ هٽي قائم ڪري چڪا هئا، ڀٽي صاحب جي سربراهيءَ واري دور ۾ سنڌين ڪجهه نه ڪجهه هيٺين، وچولي ڪامورا شاهيءَ ۾ پير رکيو پر اهي به ڪراچيءَ ۾ پاڻ کي اوپرو ڀائيندا هئا. ڀٽي کي اقتدار مان لاهڻ ۽ ڦاسيءَ تائين پهچائڻ ۾ هن شهر جي سياست جو اهم ڪردار هو، ڊيموگرافيءَ جي بدليل بيهڪ ۾ جن ڌرين ڀُٽو مخالف تحريڪ ۾ اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو، سي عملي طور ڪراچيءَ جي معيشت تي قابض هجڻ سبب ملڪي سياست تي تمام وڏي حد تائين اثرانداز ٿي رهيا هئا.

ڪراچي شهر جي ڊيموگرافي، ڪاروبار، اسٽريٽ پاور ۽ مجموعي طور شهري معيشت تي قابض هجڻ سبب ئي اهو لساني گروهه ملڪ جي اهم فيصلن ۾ بنيادي اهميت اختيار ڪري ويو هو. سندن ان ئي سگهه جي ڪري اسٽيبلشمينٽ سندن سرپرستي ڪري رهي هئي. ڪراچيءَ جي ڪاروباري معيشت ۽ شهري سياست ۾ اسان جي ڀائيواري نه هجڻ سبب ان لساني گروهه عملي طور پاڻ کي شهر جو مالڪ مڃرائي ورتو هو. سنڌين جون اهي نمائنده تنظيمون، جيڪي ڪراچيءَ کي سنڌ جو اڻ ٽُٽ انگ قرار ڏيڻ واري سياسي نعري تي ڪم ڪنديون هيون، انهن عملي طور ڪراچي ۾ تنظيمي آفيس به نه پئي کولي. اهو ئي سبب آهي جو سڄي ملڪ ۾ سنڌين کي ڪراچيءَ جي معاملن ۾ اسٽيڪ هولڊر ئي نه پئي مڃيو ويو، ان ئي لساني گروهه، شهر جي معيشت تي قبضي سبب 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن به ملڪي سياسي پارٽيءَ کي پير جهلي حڪومت هلائڻ نه پئي ڏني. ٿورن لفظن ۾ ته ڪراچي جي سياست ۾ ٻه اهم جز شهر جي ڊيموگرافي ۽ شهر جي ڪاروباري معيشت هئا. اهي ٻئي ڀارت مان لڏي آيلن جي فائدي ۾ هجڻ سبب اهي نه رڳو ڪراچي پر سڄي ملڪ جي سياست ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا.

ڪراچيءَ جي ڪاروباري معيشت جا وچور تمام گهڻا آهن، ويهه سال اڳ ٿيل صنعتي ڳڻپ جي انگن موجب شهر ۾ لڳ ڀڳ 1200 وڏيون صنعتون هيون، صوبي جي ڪل 1825 وڏين صنعتن مان ايتري صنعت ڪراچيءَ ۾ هجڻ جو مطلب آهي، صوبي جي هر ٽن وڏن ڪارخانن مان ٻه ڪراچي شهر ۾ آهن. ان پراڻي ڊيٽا موجب انهن صنعتن ۾ لڳ ڀڳ ٻه لک ماڻهو روزگار سان هئا. مختلف انگريزي اخبارن ۾ آيل رپورٽن مطابق شهر جي چئن صنعتي علائقن ۾ ننڍا وڏا 600 ڪارخانا آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ 11 لک ماڻهو روزگار سان آهن. 3 جنوري 2021ع جي ڊان اخبار موجب شهر جي غير رسمي معيشت (جنهن کي سرڪاري انگن اکرن ۽ ٽيڪس نظام ۾ ناهي ڳڻيو ويو) 72 سيڪڙو روزگار جو وسيلو آهي، شهر ۾ 200 کان وڌيڪ وڏيون مارڪيٽس آهن، جن ۾ هزارين ماڻهو روزگار ڪن ٿا. جڏهن جڏهن عدالت صدر مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ته رڳو صدر مان 200 کان وڌيڪ دڪان، مانڊڻيون ۽ 4000 گاڏڙا هٽايا ويا هئا. اربن رسورس سينٽر جي هڪ ڪاٿي موجب ڪراچي شهر ۾ ڏيڍ لک گاڏن وارا آهن، جن جي سالياني ڪل آمدني لڳ ڀڳ پنج ارب رپيا آهي.

پاڪستان جي معيشت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ مڃيل اداري پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي 2020ع جي هڪ رپورٽ موجب گهٽين ۾ روزگار ڪندڙ ماڻهن مان 54 سيڪڙو (اڌ کان وڌيڪ) روزانو سراسري طور 600 رپين جي لڳ ڀڳ ڪمائي ڪري رهيا هئا، اهي ڇهه سال پراڻا انگ آهن، ڊالرن جي لحاظ کان اڄوڪي حساب سان اها آمدني هڪ هزار رپيا روزانو بيهي ٿي، جڏهن ته سروي ڪيل ماڻهن مان 14 سيڪڙو ٻڌايو ته سندن ڏهاڙي آمدني 5000 رپيا هئي، جيڪا اڄوڪي حساب سان پوڻا نوَ هزار رپيا ڏهاڙي بڻجي ٿي.  پائيڊ پاران اسلام آباد ۽ پنڊيءَ جي گهٽين واري معيشت ۾ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو سراسري طور ماهوار لڳ ڀڳ 60 هزار رپيا صافي ڪمائي ڪن ٿا، ان تحقيق موجب پاڪستان ۾ گهٽين اندر ننڍا ڪاروبار ڪندڙن جو انگ ساڍا ست لک آهي، جيڪي ساليانو لڳ ڀڳ 1900 ارب رپين جو ڪاروبار ڪن ٿا. ان ريسرچ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي انگ اکر اصل انگن کان گهٽ آهن. جيئن ته پاڪستان ۾ معيشت جا درست انگ اکر ڪنهن وٽ به موجود ناهن، تنهنڪري اهي انگ رڳو هڪ ٿُلهو ليکو آهن. انهن انگن مان هڪ ڳالهه بنهه چٽي آهي ته شهري علائقن ۾ ننڍي سيڙپڪاريءَ سان وڏي آمدني جا انيڪ رستا موجود آهن.

ڪراچيءَ جي ڪاروباري معيشت جو ته ڪاٿو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي، گهٽين جي ڪاروبارن مان پوءِ رڳو شهر جي ننڍي ٽرانسپورٽ جو اندازو لڳايو، هڪ ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ اٽڪل سوا ٽي لک رڪشا هلن ٿا، ان کان سواءِ 50 کان 60 هزر چنگچيون الڳ هلن ٿيون. هاڻي پاڻ اندازو لڳايو ته رڳو ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ڪيترو روزگار موجود آهي. انهن روزگارن مان گهڻي ڀاڱي ننڍي سيڙپڪاري وارا آهن، جن جي چڱي موچاري آمدني آهي.

2023ع جي آدم ڳڻپ موجب ڪراچيءَ ۾ اٽڪل 35 لک گهراڻا/گهر آهن، جيڪڏهن 500 گهرن تي سراسري طور هڪ بجلي مستري، هڪ واڍو، هڪ فرج/ايئرڪنديشنز جو مستري، هڪ پلمبر، هڪ کير ڏهيءَ جو دڪاندار، هڪ اخبار وارو، هڪ درزي، هڪ حجم، هڪ ڀاڄي ۽ ميون جي گاڏي وارو ڳڻجي ته به هر شعبي ۾ ست هزار ماڻهن جو روزگار بڻجي ٿو. انهن هنري ڪاروبارن لاءِ ته تمام ننڍي رقم گهربل هوندي آهي، جنهن ۾ روز آمدني هٿيڪي آهي، ائين رڳو انهن شعبن جي ڪاريگرن جو انگ لک کان وڌيڪ ٿي ويندو. اڃا شهر جي اڻ کٽ اڏاوتي ڪم جي رازن، اوستن، ۽ سامان جي لوڊنگ، اڏاوتي ڪم جي سپلاءِ ۽ ننڍن اڏاوتي ٺيڪن جو جهان الڳ ِاهي. چانهه اُڦراٽي جي هوٽلن، برياني، چاٽ، سموسن، پڪوڙن، ۽ جليبين وارن ڪاريگرن جو ڪاٿو الڳ آهي، هر هٿ ۾ موبائيل فون هجڻ ۽ گهرن ۾ وڌندڙ سولر پاور واري شعبي ۾ هزارين روزگار وري الڳ ڳڻيندا وڃو، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مانيءَ جا تندور ته ڳڻڻ کان به وڌ آهن. اهي سڀ روزگار ڪجهه لکن رپين جي سيڙپ گُهرن ٿا.

مون جڏهن سوشل ميڊيا تي ڪراچيءَ جي ڪاروباري معيشت ۾ ڀائيواري بابت لکيو ته سٺي ڳالهه اها ٿي ته ان موضوع جي مختلف پاسن تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ڪجهه دوستن منهنجي راءِ سان اختلاف به رکيو، جن لاءِ ڀرپور احترام آهن، بحث مباحثي سان معاملن جا مختلف اهي پاسا چِٽا ٿيندا آهن. منهنجو خيال ته هڪ راءِ آهي، جنهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪيئي جهول هجن، ان حوالي سان ڪجهه دوستن ميسيجز وسيلي سوال به اٿاريا، جن مان ڪجهه جا مختصر جواب ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ سوال اهو ڪيو ويو ته ڇا مان نوڪري ڪرڻ جي خلاف آهيان، ائين هرگز ناهي، مان رڳو نوڪريءَ جي پٺيان حياتي ڳارڻ ۽ الهه تلهه وڃائڻ جي خلاف آهيان، جنهن کي سٺي نوڪري ملي، سو ضرور ڪري، البته اهو ذهن ۾ رکجي ته ڇهه ڪروڙ آبادي ۾ سرڪاري انگن جي حساب سان رڳو اڍائي سيڪڙو واڌ لڳائجي، تڏهن به ساليانو 15 لک نوان ماڻهو هر سال سنڌ ۾ پيدا ٿيندا، انهن مان موئن وارو حساب ڪڍجي ته به ضرور ڏهه ٻارنهن لک ماڻهو هر سال جاب مارڪيٽ ۾ ايندا آهن. ڪا به سرڪار ايتريون نوڪريون هر سال نه ڏيندي، خانگي شعبو به ايتريون نوڪريون نه ڏئي سگهندو، تنهن ڪري ڪاروبار، ٻني ٻارو، مال متاع وغيره متبادل روزگار جا ذريعا رهندا، هڪ وڏي انگ کي گذر سفر لاءِ وري به ڪاروبار پاسي سوچڻو پوندو.

هڪ دوست سوال اٿاريو ته سنڌي نوجوان جديد آءِ ٽي وغيره جا علم ڇو نه سکن جو اهي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪن، برابر سٺي ڳالهه آهي پر آخر سنڌ ۾ ڪيترين يونيورسٽين تائين ڪيترا نوجوان پهچي سگهندا، پنجاب اسان کان ان شعبي ۾ گهڻو اڳتي آهي، پوءِ ڇا اتي سڀ نوجوان ان هڪ شعبي ۾ وڃن ٿا؟ دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ اهو ممڪن آهي؟ مس ڏهه پندرنهن سيڪڙو نوجوان ان شعبي تائين پهچي سگهن ته وڏي ڳالهه ٿيندي. جيڪي ان شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري سگهن، انهن کي ڪير جهليندو؟ پر وري به هڪ تمام وڏو انگ يونيورسٽين ته ڇا ڪاليجن، اسڪولن تائين به نه ٿو پهچي، آخر اهي لکين نوجوان ڪجهه ته ڪندا پنهنجي جياپي لاءِ.  ڪجهه دوستن جو اهو به خيال آهي ته سڀ ڪراچي ويندا ته اسان جي ٻهراڙين جي مالڪي ڪيئن ٿيندي؟. سڌي سنئين ڳالهه آهي ته ڪراچي کان سواءِ ٻين ضلعن ۾ چار ڪروڙ کن سنڌي رهن ٿا، ظاهر آهي ته اهي سڀ ته ڪراچي نه ويندا، ٻهراڙين جي معيشت کي به ڪراچيءَ مان ڪمائي ڪندڙ سگهارو ڪري سگهندا. ڪراچيءَ جي ڪاروبارن جو سامان ته گهڻي ڀاڱي ٻهراڙين مان ايندو يا وري اهي ڪاروبار ٻهراڙين تائين پکڙجندا. سنڌ جي ٻهراڙين کي حڪمرانن قبائلي سردار ۽ وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان مان نجات لاءِ اسان کي شهري معيشت سان ٻهراڙين کي ڳنڍڻو پوندو.

ڪراچيءَ ۾ لساني گروهن جي قبضي گيري ختم ڪرڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ جو شهر برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ وڏي انگ ۾ ڪراچي اچن ۽ شهر جي ڪاروباري معيشت جو حصو بڻجن. ان سان نه رڳو ٻهراڙين جي بيروزگاري ۽ غربت گهٽجندي پر شهر جي ڊيموگرافيءَ ۾ اسان جو حصو وڌندو. هن وقت ڪراچي شهر ۾ سنڌي ماڻهن جو وڌندڙ انگ ڪيترين ئي ڌرين لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ بڻيل آهي، ڪيترين ئي خرابين جي باوجود ڪراچي هينئر به روزگار جي حوالي سان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. سڄي ملڪ (۽ ٻين ملڪن) مان آيل ماڻهو ڪراچيءَ ۾ روزگار ڪري سُکي ستابي زندگي گذاري رهيا آهن. اسان سڏ پنڌ تي ويهي پنهنجي وڏي ۾ وڏي شهر ۾ نه اينداسين ته اهو خال ٻاهريان آيل ماڻهو ڀريندا رهندا ۽ اسان رڳو مطالبا ۽ مذمتون ڪندا رهنداسين. هاڻي ڪراچيءَ ۾ امن امان جون حالتون به اڳي کان گهڻيون بهتر آهن، اسان جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين لاءِ ضرور ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر ان جي پٺيان حياتي نه ڳارڻ گهرجي. گهر جا ٽپڙ ٽاڙي ۽ مال متاع وڪڻي وڏيرن جي ڇاڙتن جا کيسا ڀرڻ بدران ان رقم مان ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ننڍي روزگار کان شروعات ڪرڻ گهرجي. ڪاروبار وقت سان وڌندا ويجهندا آهن، جنهن لاءِ جاکوڙ، ايمانداريءَ ۽ معيار بنيادي شرط آهن.

سنڌ واسي ڪراچيءَ ۾ ڪاروباري معيشت ۾ ڀائيوار ٿيندا ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ سندن آواز ۽ ردعمل کي ٻي اک سان ڏسندي. ان کان سواءِ شهري ڪاروبار، وڏيرن جي غلاميءَ کان آجپي جو به وسيلو آهن. هن وقت ٻهراڙيون عملي طور وڏيرن ۽ سندن ڇارتن جي هٿن ۾ يرغمال آهن. مڪاني ادارن توڙي ننڍين وڏين نوڪرين ۽ روزمره جي سهولتن لاءِ عام ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن چڱي مڙس جو محتاج آهي، شهري معيشت جو حصو ٿيڻ سان عام کي ان غلامي مان به آجپو ملندو ۽ سنڌ کي شهري معيشت وارو وچولو طبقو ملي سگهندو. ڪراچيءَ ۾ اسان جو انگ وڌڻ ۽ ان جي معيشت ۾ ڀائيوار ٿيڻ سان ڪراچيءَ کي خاص لساني گروهه جي سياسي قبضي ۾ ڏيڻ واريون ڪوششون به ناڪام ٿينديون، ان سان ئي اسان سنڌ جي جاگرافيائي وحدت مٿان ٽنگيل تلوارون مُڏيون ڪري سگهنداسين

(روزاني ڪاوش، 30 جون 2026ع)