چناب مٿان ڊيمن جي قطار جي رٿا
نصير ميمڻ
(1 سيپٽمبر 2026ع)
ملڪ ۾ هڪ نئون آبي تڪرار ڪر کڻي رهيو آهي. هن ڀيري چناب درياهه تي ڊيمَن جو هڪ سلسلو رٿيو پيو وڃي. واپڊا، پاران هفتو کن اڳ ارسا ميمبرن اڳيان چناب درياهه تي چنيوٽ ڊيم ٺاهڻ بابت بريفنگ ڏني وئي آهي. چنيوٽ ڊيم هڪ گهڻ مقصدِي رٿا آهي، جيڪو چناب درياهه تي قادرآباد بئراج کان لڳ ڀڳ 100 ڪلوميٽر هيٺئين طرف ۽ چنيوٽ شهر کان 5 ڪلوميٽر مٿانهينءَ تي واقع هوندو. رٿا موجب، هن ڊيم ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي. منصوبي جو مقصد چوماسي جي مند ۾ واڌو پاڻي ڪٺو ڪرڻ، ٻوڏ جي هاڃن کي گهٽائڻ، 80 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ فيصل آباد شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ آهي. رٿا جي جوڙجڪ ۾ مکيه ڊيم، ٻه دروازن وارا بئراج، ٻنهي پاسن تي ذخيري جي چوڌاري 77 ڪلوميٽر ڊگها بند ٻڌڻ ۽ پاور هائوس شامل آهن. دراصل واپڊا هن رٿا وسيلي گريٽر چولستان رٿا کي وڏي چالاڪيءَ سان ٻيهر جيئرو ڪري رهيو آهي، جنهن کي گذريل سال گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌ ۾ ٿيل شديد عوامي احتجاج کانپوءِ روڪي ڇڏيو هو. هيءَ رٿا سنگين خامين سان ڀريل آهي. رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزارت پنهنجي ٽيڪنيڪل جائزي ۾ هن رٿا بابت 50 کان وڌيڪ اعتراض ۽ سوال اٿاريا آهن. منصوبي جي ورڪنگ پيپر مان پتو پئي ٿو ته چناب درياهه جي ڪچي اندر لڳ ڀڳ 47,000 ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي ويندي ۽ مقامي آبادي پنهنجي زرعي زمين، گذر سفر جي وسيلن ۽ گهرن جي نقصان بابت سخت ڳڻتيءَ جو شڪار آهي. ڪاٿي موجب رٿا جي لاڳت 298 ارب رپيا آهي، جنهن مان 80 سيڪڙو وفاقي حڪومت فراهم ڪندي ۽ باقي رقم جو بندوبست واپڊا ڪندي باقي رقم يورو بانڊز وسيلي ڪٺي ڪئي ويندي. واپڊا هن رٿا تي عمل ڪرائيندڙ ادارو هوندو. ٽيڪنيڪل جائزي ۾ لاڳت ۽ رٿا جي مدي (ساڍا چار سال) بابت مقرر ڪيل هدف جي منطق تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن. واپڊا جا ڀاشا، داسو، نيلم-جهلم ۽ نئين گاج ڊيم ڪيترن ئي سالن جي دير ۽ اربين رپين جي لاڳت وڌڻ جو شڪار بڻيل آهن. واپڊا انهن مان ڪنهن به رٿا کي مقرر ڪيل لاڳت ۽ وقت اندر مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
ديامير ڀاشا ڊيم جو پهريون ڀيرو افتتاح 1998ع ۾ ڪيو ويو هو، جنهن جي شروعاتي ڪاٿي مطابق لاڳت 479 ارب رپيا هئي. پر لڳاتار ٿيندڙ دير ۽ ڊگهي عرصي تائين هلندڙ عملدرآمد سبب ان جي لاڳت ۾ ڊرامائي واڌ ٿي آهي. هاڻي ان جي نئين ڪاٿي مطابق لاڳت 1,049 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته رٿا اڃا تائين اڻپوري آهي. بجليءَ واري ڀاڱي کي شامل ڪرڻ سان ڪجهه ڪاٿن موجب نظرثاني ٿيل لاڳت 3,000 ارب رپين تائين به پهچي سگھي ٿي. داسو هائيڊرو پاور، بجليءَ جي شعبي جو هڪ ٻيو وڏو 4,320 ميگاواٽ منصوبو، 2014ع کان اڏاوت هيٺ آهي. ان جي شروعاتي ڪاٿي موجب لاڳت 486 ارب رپيا هئي، پر ان ۾ چار سالن جي دير ٿي چڪي آهي. ان عرصي دوران ان جي لاڳت ۾257 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اها 1,737 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي.
پاڪستان جي آڊيٽر جنرل پنهنجي 23-2022 جي پرفارمنس آڊٽ رپورٽ ۾ نيلم-جهلم هائيڊرو پاور رٿا جي معيار ۽ ڊزائن بابت سنگين مسئلن جي نشاندهي ڪئي. 969 ميگاواٽ جو هي منصوبو، جنهن تي 500 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيو، پاور هائوس ڏانهن ويندڙ سرنگھ جي وڏي حصي جي ڊهڻ کان پوءِ رٿا رولڙي جو شڪار آهي. آڊٽ رپورٽ موجب رٿا ۾ لڳ ڀڳ 8 سالن جي دير ٿي آهي، جنهن سبب ان جي لاڳت 84.502 ارب رپين مان وڌي 419.454 ارب رپين تائين پهچي وئي، يعني ان ۾ 334.952 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي. تربيلا جي پنجين توسيعي رٿا ۾ ڪيترن ئي سالن کان دير ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪاٿي مطابق ان جي لاڳت اصل 82 ارب رپين مان وڌي 316.4 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي. سنڌ ۾ نئين گاج ڊيم منصوبي جو انجام به ساڳيو ٿي رهيو آهي. ڊگهي دير سبب ان جي لاڳت ۾ 405 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪا 16.92 ارب رپين مان وڌي 85.57 ارب رپين تائين پهتي، پر 13 سال گذرڻ باوجود رٿا اڃا تائين اڻپوري آهي.
اچرج جي ڳالهه اها آهي ته واپڊا پاران ماحولياتي اداري جي منظور ٿيل ماحولياتي اثرن جي ڪٿ کان سواءِ پي سي ون دستاويز سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي تياريءَ واري اجلاس لاءِ پيش ڪيو آهي. ان سان ماحولياتي ڪٿ واري عمل جي اهميت کي ڌڪ رسي ٿو ۽ اها هڪ غيرضروري رسمي ڪارروائي بڻجي وڃي ٿي. اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري وارو ڀاڱو ان ڪٿ جو اهم حصو هوندو آهي. پي سي ون ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته هيٺئين پاسي واري درياهي علائقي يعني سنڌ سان ان رٿا بابت صلاح مشورو ڪيو ويو يا نه. سنڌ هڪ انتهائي اهم ۽ حساس اسٽيڪ هولڊر آهي. ان سان صلاح مشوري کانسواءِ اهڙي رٿا کي اڳتي وڌائڻ جا سياسي اثر نهايت ناڪاري هوندا. ارسا آڏو واپڊا جي بريفنگ مان پتو پئي ٿو ته چناب تي وزيرآباد، مڍ رانجها، چنيوٽ ۽ شاهه جيوڻا وٽ چار ڊيم رٿيا ويا آهن، جن جي مجموعي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش لڳ ڀڳ 4.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ان کان سواءِ واپڊا انهن کان مٿئين پاسي ٽن لنڪ ڪينالن جي گنجائش وڌائڻ جو پڻ ارادو رکي ٿو. تازو ئي جلال پور ڪينال تي پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن مان اندازي مطابق هر سال لڳ ڀڳ 0.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وهايو ويندو. جڏهن رٿائن جو اهڙو هڪ سلسلو ٺاهڻو هجي ته هر رٿا لاءِ الڳ الڳ ماحولياتي ڪرڻ ڪرڻ مناسب طريقو ناهي. ان جي بدران اسٽريٽجڪ ماحولياتي اثرن جي جائزي جي ضرورت آهي، ته جيئن سمورين رٿائن جي مجموعي ماحولياتي ۽ سماجي اثرن جي ڪٿ ڪري سگهجي. ان لاءِ ضروري آهي ته واپڊا کي سڀني ڊيمن جي رٿائن کي هڪ گڏيل پيڪيج طور ظاهر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن سڀني رٿائن جو هيٺئين درياهي علائقي واري سنڌ تي تمام وڏا اگرا اثر پوندا.
منصوبابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزارت منصوبي جي جائزي ۾ چيو آهي ته هيءَ رٿا سرحد پار وهڪرن جي حوالي سان قومي سطح تي اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿي تنهنڪري آبي وسيلن واري وزارت کي گهرجي ته اسٽيڪ هولڊرز سان قومي سهمتي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ورڪشاپ ڪوٺائي. ٽيڪنيڪل جائزي ۾ هن رٿا هيٺ 80,000 ايڪڙن تي هر سال 35,768 ملين رپين جي آبپاشي فائدن بابت هڪ اڻ چٽي دعويٰ ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪايو ويو آهي. ان حساب سان في ايڪڙ هر سال 447,000 رپيا آمدني ٿيندي، جيڪا پنجاب ۾ حقيقي زرعي آمدني جي ڀيٽ ۾ چار کان نو ڀيرا وڌيڪ آهي. وفاقي وزارت نشاندهي ڪئي آهي ته 18.67 سيڪڙو معاشي لاڀ جي شرح جو ڪاٿو وڌاءُ مفروضن تي ٻڌل آهي. جائزي ۾ هيٺئين پاسي پاڪستان جي ٽئين وڏي شهر ۽ صنعتي مرڪز يعني فيصل آباد لاءِ ڊيم جي امڪاني طور ڊهي پوڻ واري حادثي جي هنگامي صورتحال بابت پڻ خبردار ڪيو ويو آهي. ان ۾ 77 ڪلوميٽر ڊگهن بندن جي پويان هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيم لاءِ هڪ خطرناڪ منظرنامي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن موجب بندن جي ڊهڻ جا نتيجا تباهه ڪندڙ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو ايڪشن پلان به موجود ناهي. گذريل سال جي ٻوڏ دوران 27 آگسٽ تي چناب درياهه ۾ وهڪرو 1,077,951 ڪيوسڪ جي بلند ترين سطح تي پهتو هو. ان سان قادرآباد بئراج لاءِ خطرو پيدا ٿيو، جنهن جي وهڪري جي گنجائش 900,000 ڪيوسڪ رکيل آهي. بئراج جي ڍانچي کي بچائڻ لاءِ انتظاميا کي ساڄي ڪناري واري حفاظتي بند ۾ هٿرادو طور تي گھارو هڻڻو پيو هو.
سنڌ، ان رٿا بابت سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. چنيوٽ ڊيم ڪيترن ئي ٻين ڊيمن ۽ بئراجن جي شروعات هوندو. 1999ع کان 2025ع وارن ورهين جي وهڪري جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رسول-قادرآباد-سليمانڪي لنڪ ڪينالن کان هيٺ پنجاب جا بئراج خريف جي منڍ ۾ مقررڪيل پاڻيءَ کان لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو گهٽ پاڻي حاصل ڪندا رهيا آهن. جون جي شروعات تائين پاڻيءَ جي دستيابي 36.4 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندي آهي. پي سي ون ۾ چنيوٽ ڊيم جي ڀرجڻ جو وقت جون کان شروع ٿيڻ جو ذڪر آهي. ان سان پنجاب جي هيٺئين علائقن تي پاڻي کوٽ جو شديد دٻاءُ پئجي سگهي ٿو. خدشو آهي ته پنجاب پنهنجي هيٺين علائقن ۾ پاڻي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ مان نڪرندڙ لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌو درياهه مان وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي کڻي سگهي ٿو. جڏهن چناب تي ٺهندڙ چارئي ڊيم پنهنجا ذخيرا ڀرڻ شروع ڪندا ته صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي ويندي. سنڌ پاڻ به جون جي مهيني دوران هر سال پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي آهي، تنهنڪري ڪنهن به واڌو پاڻيءَ جي کڻت سان سنڌ جي بئراجن جي وهڪرن تي انتهائي خراب اثر پوندا. ان سان نه رڳو سنڌ ۾ زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو پر انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي بربادي وڌيڪ شديد ٿي ويندي. مجموعي طور سنڌ ۾ غربت شديد گھوٽالي ۾ تبديل ٿي ويندي.