ايڪتا جا سڀ رنگ گهري سياسي ساڃاهه جو اظهار آهن
(روزاني پنهنجي اخبار، 3 ڊسمبر 2023ع)
سنڌ جو ثقافتي ايڪتا جو ڏهاڙو هاڻي نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ سنڌين جي ‘قومي ڏڻ’ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. عملي طور تي اهو ڏينهن سنڌين جي گڏپ ۽ ثقافتي ورجاءَ جو اهڃاڻ بڻيل آهي. مختلف خيالن وارا دوست ان بابت مختلف راءِ رکن ٿا، جيڪو پڻ معاشري جي ساڃاهه واري سگهه جي نشاني آهي. منهنجي نظر ۾ ان ڏينهن جو ڪارج رڳو ثقافتي ريتن، رسمن، لباس يا گيتن تائين محدود ناهي. اهي سڀ رنگ هڪ گهري سياسي ساڃاهه جو اظهار آهن. اهو ڏينهن ثقافتي سرگرمين سان گڏ هاڻي سنڌ کي درپيش سياسي ۽ سماجي چئلينجز تي سوچ ۽ بحث جو به هڪ موقعو بڻجي چڪو آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن ٻاهرين جبر ۽ اندرين ڪمزورين ڪارڻ سياسي سرگرميون محدود ٿيل آهن، هن ڏينهن تي ۽ ان کان ٻه ٽي هفتا اڳ، جيڪو ماحول جڙي ٿو، اهو سنڌ جي سياسي توانائيءَ لاءِ تسلسل وارو ڪردار پڻ ادا ڪري ٿو.
پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۽ بنگلاديش ٻه صوبا هئا، جن مذهب ۽ هڪ قوم جي نالي تي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافتي سڃاڻپ تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪيو هو. پنجاب ۽ سرحد ٻوليءَ جي معاملي تي ايترو ردِ عمل نه ڏيکاريو آهي. انهن اردوءَ کي پنهنجي اصلوڪين ٻولين جي قيمت تي مٿڀرائي ڏني، جڏهن ته بنگالين سندن آبادي اڪثريت ۾ هجڻ جي بنياد تي بنگاليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ زبردست هلچل هلائي. ساڳي ريت سنڌين هندستان مان آيل آباديءَ جي اثر هيٺ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي بند ٿيڻ ۽ سرڪاري ڪار وهنوار مان سنڌيءَ کي نيڪاليءَ خلاف مزاحمت ڪئي. ٻولي ڪنهن به قوم جي وجود ۽ سڃاڻپ جو بنيادي ايڪو آهي، تنهنڪري سنڌ واسين سندن قومي سڃاڻپ خلاف ٿيندڙ مڪروهه سازشن خلاف مُنڍ کان ئي مزاحمت ڪئي. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ سنڌي ميڊيم تعليم جاري رهڻ، ووٽر لسٽون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ سنڌيءَ ۾ ٺهڻ ممڪن ٿي سگهيو. اڳتي هلي ون يونٽ خلاف مزاحمتي تحريڪ هڪ سگهاري ثقافتي اڀار ۾ تبديل ٿي وئي. سنڌ ان ثقافتي جاڳرتا کي سياسي جدوجهد جو مرڪز بڻايو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ هڪ ثقافتي ۽ قومي ايڪي طور شروع کان سيڪيولر ۽ سياست ۾ مذهب جي ملاوت کان آجي رهندي آئي آهي. سنڌ جي قومي حقن واري هلچل شروع کان سيڪيولر ۽ نج قومي سڃاڻپ جي بنياد تي هلائي وئي، تنهنڪري سنڌي قومپرستي نسلي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کان گهڻي ڀاڱي بچيل رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٻوليءَ جي بنياد تي 70ع واري ڏهاڪي ۾ لساني وڳوڙ ڪرايا ويا پر سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن هميشه نسل پرستيءَ جي بنياد تي سياست کي رد ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ برادرين سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو آهي.
هونئن ته ثقافت ڪا جامد شيءِ ناهي. سياسي ۽ سماجي بيهڪ ۾ اوسر، ٽيڪنالاجي ۽ مارڪيٽ جي اثرن هيٺ اها پنهنجا رنگ روپ بدلائيندي رهندي آهي، تنهنڪري جڏهن ثقافتي جڙت جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اها رڳو اجرڪ ٽوپيءَ تائين محدود ناهي. قومي اڏاوت ۾ ان جي سياسي ۽ سماجي عنصرن جي وڏي اهميت آهي. ثقافت ۾ جيئن ته موسيقي، آرٽ، صنفي برابري ۽ سنڌيت واري سڃاڻپ جو ورجاءُ ٿئي ٿو ته ان سان اڻ سڌيءَ طرح سماج ۾ سيڪيولر روين لاءِ وڌيڪ جڳهه پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ثقافت جو بنياد سيڪيولر روين تي ٻڌل آهي، تنهنڪري اها سماج مٿان زوريءَ مڙهيل مذهبي انتها پسنديءَ اڳيان هڪ رنڊڪ جو ڪردار به ادا ڪري ٿي.
سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ثقافتي ڪاڄن ۾ عورتون ڀرپور شرڪت ڪن ٿيون. پنهنجي مجموعي ڍانچي ۾ عورت ويري روين تي ٻڌل ماحول ۾ عورتن جو ان موقعي تي اڳڀرو هجڻ به سماجي ۽ مذهبي تنگ نظريءَ کان انڪار جو هڪ اظهار آهي. ويجهڙ وارن ڏهاڪن ۾ سنڌي سماج اندر عورتن پنهنجي جاکوڙ سان جيڪا جاءِ پيدا ڪئي آهي، ان کي وڌيڪ ڪشادو ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورت جو تعليم ۽ معيشت جي ميدان ۾ اڳڀرو ٿيڻ سنڌي سماج جي مجموعي اوسر لاءِ ضروري آهي. محفوظ، پڙهيل ڳڙهيل، خودمختيار ۽ معاشي طور تي پاڻ ڀري عورت سنڌي سماج جي آجپي ۽ اوسر لاءِ نهايت ضروري آهي. ثقافتي ڏهاڙي تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ عورتن جي شرڪت سنڌي سماج جو هڪ هاڪاري پاسو آهي.
ثقافتي ڏڻ سنڌ ۾ هڪ چڱي موچاري معاشي سرگرميءَ جو به ڪارڻ بڻجي ٿو. سڄي سنڌ ۾ اجرڪ، ٽوپي ۽ ثقافتي لباسن سميت ڪيترين ئي شين جي مارڪيٽ ۾ کپت ٿئي ٿي، جنهن سان ثقافت ۽ معيشت جو ڳانڍاپو پيدا ٿئي ٿو. ان حقيقت کي نه وسارڻ گهرجي ته ڪنهن به قوم جي معاشي سگهه ثقافتي اوسر کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اهم گهرج آهي. سال ۾ هڪ ڀيرو ملهائجندڙ هي ڏڻ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ هڪ چڱيءَ موچاري سرگرمي کي جنم ڏئي ٿو.
سنڌي ثقافت کي جديد دور جي گهرجن سان سلهاڙڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍيل رکجي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر ۽ موبائل فون تي موجودگي هجڻ سبب سنڌي ٻوليءَ کي وڏي هٿي ملي آهي. اڃان به سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو لکيل ذخيرو انٽرنيٽ تي موجود نه آهي. اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرون ۽ مضمون گوگل وسيلي ڳولڻ واري سهولت تي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گوگل ۽ هٿراڌو ذهانت وارن سافٽ ويئرز وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري مواد ٺاهڻ، ترجما ڪرڻ، آواز ۽ لکت کي ڳنڍڻ جهڙا مرحلا وڌيڪ ڪم جا گهرجائو آهن. سنڌ جي ادارن ۽ ماهرن کي ان ڏس ۾ پنهنجي جاکوڙ کي اڃان اڳتي وڌائڻو آهي. ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ثقافتي اهڃاڻ کي نواڻ ڏيڻ، انهن کي نئين مصنوعات جو حصو بنائڻ، مارڪيٽ جي وهڪري ۾ آڻڻ، ان کي سياحت سان ڳنڍڻ، ٿري ڊي پرنٽرز وسيلي ثقافتي شين جي پيداوار ۽ انهن کي صنعتي سطح تي کڻي وڃڻ وارا ڪم اڃان وڌيڪ ڌيان گهرن ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه آهي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي سڄي سنڌ جو متحرڪ ۽ گڏ ٿيڻ. هن وقت جيتري سياسي ٻوساٽ آهي، ان ۾ ثقافتي ايڪتا جي سرگرمين ۾ سڄي سنڌ جو متحرڪ ٿيڻ ۽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ لکن جي انگ ۾ ٻاهر نڪرڻ هڪ زبردست سياسي سرگرميءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿو. هر اهو موقعو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن حوالي سان گڏ ٿيندا هجن ۽ سنڌ جي قومي وجود ۽ سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ سياسي مسئلن تي هڪ آواز ٿيندا هجن، اهو سياسي لحاظ کان نهايت اهميت وارو موقعو آهي.
منهنجي نظر ۾ قومي ثقافتي ايڪتا جو ڏينهن ڪيترن ئي حوالن سان سنڌ لاءِ نهايت اهم موقعو آهي. ان ڏينهن جي اهميت کي رڳو نچڻ ڪڏڻ چئي رد ڪرڻ سطحي سوچ وارو رويو آهي. ان ڏينهن ۽ اهڙن ٻين سمورن موقعن جي گهڻ پاسائين اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.