اڏاوتن ۽ ترقيءَ ۾ فرق
نصير ميمڻ
(روزاني ڪاوش، 25 آگسٽ 2026ع)
اقتدار ۽ اقتداري سياست اکين تي کوڀا چاڙهي ڇڏيندا آهن، تخت تي ويٺل حڪمرانن کي لڳندو آهي ته اهي هاڻي سدائين اقتدار ۾ رهندا. اقتدار ۾ هوندي هي جيڪو ڪجهه به ڪن ٿا، اهو ٺيڪ هوندو آهي، سندن پاليسين ۽ ڪمن تي تنقيد ڪندڙ يا انهن بابت مختلف راءِ رکندڙ کين ڪڏهن به چڱا ناهن لڳندا. اهي رويا اقتداري سياست جي ڊي اين اي جو حصو ٿي ويندا آهن. اهي رويا اقتدار ۾ ڊيگهه سان وڌيڪ اونها ٿيندا ويندا آهن. سنڌ سرڪار ۽ ان ۾ ويٺل حڪمران به ان ئي نفسيات جو شڪار آهن. سندن خيال آهي ته هنن سنڌ کي ترقيءَ جي ان عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ٻيا ماڻهو رڳو حسرت ئي ڪري سگهندا هوندا. سندن اوسي پاسي ۾ رهندڙ سندن صلاحڪار به کين ڏهاڙيءَ جي بنياد تي ان ئي سوچ جا سُر سنگيت ٻڌائيندا رهن ٿا، پر سرزمين تي سنڌ انهن خوابن خيال وارن حوالن کان گهڻي مختلف آهي. ترقي لفظ جي معنيٰ رڳو اڏاتون ناهي، اسان وٽ جيڪا اڏاوتن واري ترقي ٿي آهي، ان جي معيار تي به الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو، پر هاڻي ترقي لفظ جي ان مفهوم کي دنيا گهڻو پٺتي ڇڏي آئي آهي، اسان وٽ سرڪاري وصف ۾ ترقيءَ جو پيمانو اڏاوتن وارين رٿائن لاءِ پئسا خرچ ڪرڻ ۽ اڏاوتون ڪرائڻ آهي، سنڌ ۾ (۽ ٻين صوبن ۾ پڻ) لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو بجيٽون انتظامي خرچن تي لڳن ٿيون. باقي بچيل رقم مان ڇهه ڪروڙ آباديءَ کي ڪهڙو انفراسٽرڪچر ۽ عوامي سهولتون ملي سگهنديون، ان جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي وٺو.
اسپتالون، اسڪول، آفيسون، پاڻي جون رٿائون اهي سڀ اسان اڏاوتن جي شڪل ۾ ڏسندا ۽ ٻڌندا آهيون. اهو ان پُٽ، INPUT وارو پيمانو هاڻي دنيا ۾ ترقيءَ جي وصف ناهي رهيو. دنيا وٽ هاڻي ترقيءَ جي سمورين هامَ جو ماپو ڪنهن به علائقي جي انساني ترقيءَ جي پيماني تي مجموعي ڪارڪردگي، يعني آئوٽ پُٽ (Out Put) آهي. ڪا حڪومت ڪيترا هزار ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي دعوا ڪري ٿي، ان سان دنيا کي هاڻي ڪا دلچسپي ناهي. اوهان ڪيتريون اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيو ٿا، اهو رڳو ”ان پُٽ“ آهي، ترقيءَ جي وصف موجب سوال اهو ٿيندو ته ڇا ان علائقي ۾ ماڻهن جي صحت ۾ سڌارو آيو؟ ڇا مائرن جا ويم دوران موت اڳي کان گهٽ ٿيا؟ ڇا ابهم ٻارن جا موت گهٽيا، ڇا ٻارن کي ٽُڪا لڳائڻ جو انگ وڌيو، ڇا ٻارڙن جا وچڙندڙ مرضن سبب ٿيندڙ موت گهٽيا، ڇا عورتن ۾ ٻارن جي ڄم جي شرح گهٽ ٿي، وچڙندڙ وبائن جي مريضن جو انگ گهٽيو، ڇا موتمار بيمارين جي مريضن جو انگ گهٽيو وغيره وغيره. ساڳي طرح تعليم جي ترقيءَ به اسڪولن جو انگ وڌڻ، استادن جو ڀرتي ٿيڻ يا سٺيون عمارتون ٺهڻ ناهي، جيتوڻيڪ اهي ڪم اهميت وارا آهن، پر اهي به ”ان پُٽ“ ئي آهن، انساني ترقيءَ جي وصف جي حساب سان سوال اهو ٿيندو ته ڇا اسڪول ۾ داخلائن جي شرح وڌي؟، ڇا اسڪولن کان ٻاهر رُلندڙ ٻارن جي شرح گهٽي؟، ڇا ٻارن ۾ لکن پڙهڻ ۽ ڳڻڻ جي صلاحيت وڌي؟، ڇا نياڻين جي داخلائن ۽ پاس ٿيڻ جي شرح ۾ واڌارو ٿيو؟، ڇا اسڪولن ۾ ڊراپ آئوٽ ٿيڻ جي شرح ۾ گهٽتائي آئي؟، ڇا مجموعي طور سماج ۾ خواندگيءَ جي شرح بهتر ٿي؟، هي اهي بنيادي اهڃاڻ آهن، جيڪي تعليم جي شعبي ۾ ترقيءَ جو پيمانو سمجهيا وڃن ٿا.
ساڳي طرح پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ گندي پاڻيءَ جو نيڪال به هاڻي انساني ترقيءَ جي اهم اهڃاڻن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. سنڌ سان هڪ قدرتي مسئلو جر جو پاڻي سٺو نه هجڻ آهي، ملڪي سطح جي اهم ادارن جي تحقيق مان پتو پئي ٿو ته رڳو درياهه ۽ واهن کي ويجهن علائقن جي باقي ذري گهٽ سمورو جر پيئڻ جي معيار جو ناهي. پيئڻ جو پاڻي گدلو هجڻ سبب سنڌ ۾ پيٽ جون ۽ چمڙيءَ جون بيماريون عام آهن. هڪ ڪاٿي موجب اسپتالن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو مريض ڪنهن نه ڪنهن طرح گدلي پاڻي واپرائڻ سبب بيمار ٿين ٿا. بدقسمتيءَ سان سڄي سنڌ ۾ سرڪار پاران لڳايل رورس اوسموسز (آر او) پلانٽ گهڻي ڀاڱي ناڪاره ٿيل آهن، پبلڪ هيلٿ جي ٽانڪين مان ايندڙ پاڻي به پيئڻ جوڳو ناهي هوندو. ان صورت ۾ سرڪار پاران آر او پلانٽس جا انگ ڳڻائڻ ۽ پبلڪ هيلٿ جون اسڪيمون ڳڻائڻ عملي طور بي معنيٰ آهن. ملڪ ۾ پاڻي جي معيار بابت 2021ع ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 85 سيڪڙو نمونا غير معياري نڪتا هئا. انساني ترقيءَ جي اهڃاڻ مطابق ان ترقيءَ کي ماپن وارا سوال اهي آهن ته ڇا آباديءَ کي گهر تائين پيئڻ جو معياري صاف پاڻي ملي رهيو آهي؟ ڇا صوبي ۾ پاڻيءَ سان پيدا ٿيندڙ مرض ۽ مريض گهٽيا آهن وغيره. وري شهري ترقيءَ تي اچو ته سرڪار ڪراچيءَ جي ته اڏاوتي ڍانچي جا ڪجهه نه ڪجهه انگ ۽ مثال پيش ڪري وٺندي آهي، پر باقي سنڌ ۾ رڳو مڪاني ادارن کي مليل بجيٽ حوالي طور ٻڌائي ويندي آهي. شهري ترقيءَ جا اهڃاڻ انگن اکرن کان سواءِ ڪجهه نشانين سان به ماپي سگهجن ٿا. مثال طور ڪهڙو شهر آهي، جنهن جي 75 سيڪڙو ايراضي حددخلين کان آجي آهي؟ ڪيترا شهر آهن، جن جي 75 سيڪڙو آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملندو آهي؟ ڪيترن شهرن جي نيڪال وارين نالين مان پاڻي گهٽين ۾ نه ٿو اُٿلي؟ ڪيترا شهر آهن، جتي ويهه پنجويهه ملي ميٽر مينهن وسڻ کانپوءِ شهري رستن تي پنڌ گهمي سگهن ٿا، ڪيترا شهر آهن، جتي پيدا ٿيندڙ گهريلو ڪچري جو 75 سيڪڙو ميونسپل وارا کڻي ان کي ڪچري جي معياري اصولن مطابق پورين ٿا يا ان جو ڪجهه حصو ٻيهر ڪتب آڻڻ جهڙو ڪن ٿا.
روزگار جي حوالي سان سنڌ سرڪار ڪيتري عرصي کان اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهڻ جا اعلان ڪندي رهي ٿي، اهڙين معاشي زونز جا افتتاح ڪرڻ يا ان ۾ موجود ڪاروباري پلانٽن جا انگ ڳڻائڻ ترقيءَ جو پيمانو ناهن. مثال طور خيرپور ۾ هڪ خصوصي اڪنامڪ زون ٺاهي وئي، ڇا سرڪار ٻڌائي سگهندي ته ان ۾ ڪيترا ڪارخانا هلي رهيا آهن؟، انهن مان مقامي سطح تي ڪيترو روينيو اوڳاڙجي رهيو آهي ۽ انهن وسيلي ڪيترن مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي ۽ انهن مان مقامي مارڪيٽ ۾ ڪيترا وکر وڪري لاءِ پهچن ٿا؟. اڃا به اهم اهڃاڻ اهو آهي ته ان اڪنامڪ زون سان پنجن ورهين اندر ان ضلعي نه ته رڳو يونين ڪائونسل ۾ غربت جي شرح ۾ ڪيتري لاٿ آئي آهي؟. ان ريت امن امان جي حوالي سان به رڳو پوليس جي ڀرتين ۽ ڪچي ۾ آپريشن جا اعلان ڪرڻ ڪافي ناهي، ان حوالي سان به حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هر مهيني ڪيترا شهري اغوا ٿيا، ڪيترن کان ڦرون ٿيون، ڪيتريون عورتون قتل ڪيون ويون، ڪيترن ٻارن جي اغوا، قتل ۽ زيادتيءَ جا واقعا ٿيا ۽ انهن سڀني ڏوهن مان ڪيترا جوابدار پڪڙا ويا ۽ ڪيترن کي مضبوط ڪيسن جي بنياد تي سزا ملي. بدقسمتيءَ سان سنڌ پوليس ڏوهارين کان وڌيڪ پرامن سياسي ڪارڪنن، سرڪاري ماڻهن جي سياسي مخالفن ۽ جائز حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ شهرين خلاف وٺ پڪڙ، دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿي. امن مان جي حوالي سان سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن جي زندگي عذاب بڻيل آهي. هي اهي ڪجهه مثال آهن، جيڪي ترقيءَ جي وصف جي هڪ مختلف تشريح ڏين ٿا.
سنڌ سرڪار جنهن طرح هلائي پئي وڃي، ان ۾ وچولي يا ڊگهي مدي لاءِ انساني ترقيءَ جا ڪي ٽارگيٽ به مقرر ٿيل ناهن، جن کي بنياد بڻائي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺي سگهجي. مجموعي سڄي طور سڄي ملڪ ۾ نه عوامي ترقيءَ جا ڪي ٽارگيٽ مقرر ٿيل آهن ۽ نه انهن جي بنياد تي ڪا سالياني عوامي رپورٽ جاري ٿئي ٿي، جنهن کي پڙهي شهري پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جي ڪٿ ڪري سگهن. ترقيءَ جو هاڻوڪو ماڊل رڳو رٿائن، بجيٽن، پروڪيورمينٽ ۽ ٺيڪن تي ٻڌل آهي. ان سان عوامي ترقيءَ جا ڪي حدف سلهاڙيل ناهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سماجي ترقيءَ جي اڪثر شعبن ۾ صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. حڪومت عوامي ترقيءَ جون دعوائون ڪندي رهي ٿي، جڏهن ته عوام ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. هتي اڃا ترقيءَ جي سماجياتي پاسي جو جائزو ناهي ورتو ويو ته هن نوعيت جي ترقيءَ واري ماڊل مان سنڌ ۾ سماجي بگاڙ ڪيئن وڌيو آهي؟، ڪيئن وڏيرا شاهي ۽ قبائليت وڌي آهي؟، ڪيئن صلاحيت ۽ اهليت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي؟. ان بابت الڳ مضمون ۾ بحث ڪبو.