Naseer Memon

Articles and Resources

CLIMATE POLICY • WATER GOVERNANCE • SUSTAINABLE DEVELOPMENT   CHAMPIONING •  CLIMATE RESILIENCE •  POLICY INNOVATION

نيپال واري آَفت مان سکڻ گهرجي

( روزاني ڪاوش، 6 آڪٽوبر 2026ع)
نيپال ۾ 26 آگسٽ تي آيل تباهي اسان لاءِ هڪ اهڙو سبق آهي، جنهن کي اسان اڃا تائين سنجيدگيءَ سان پڙهڻ شروع ئي ناهي ڪيو. تريشولي درياهه ۾ اوچتو آيل ٻوڏ گهرن، پلين، روڊن، پن بجلي گھرن ۽ ٻين بنيادي ڍانچن کي لوڙهي ڇڏيو. نيپال جي سرڪاري رپورٽن موجب ڳولا ۽ بچاءَ وارو آپريشن ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ تباهيءَ جو دائرو ڪيترن ئي ضلعن تائين پکڙجي ويو، پر هن واقعي کي رڳو نيپال جي قدرتي آفت سمجهڻ وڏي غلطي ٿيندي. نيپال ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي پاڇي ۾ پاڪستان جا اتريان جبل به نظر اچن ٿا. ٻئي ملڪ هندوڪش-هماليه جابلو نظام سان ڳنڍيل آهن؛ ٻنهي جي جبلن ۾ برف، گليشيئر، برفاني ڍنڍون ۽ واٽرشيڊ، هيٺانهن علائقن جي پاڻيءَ ۽ درحقيقت زندگيءَ جي سموري ڪاروهنوار جو اهم وسيلو آهن، فرق رڳو ايترو آهي ته نيپال ۾ هڪ خطرناڪ قدرتي عمل تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ ساڳئي خطري جون نشانيون اڳ ئي موجود آهن ۽ ان خطري جو آخري اثر سنڌ تائين پهچي سگهي ٿو.
اسان عام طور ڪرائيو اسفيئر (برفاني جبلن واري علائقي) کي جبلن تي پيل برف يا گليشيئرن تائين محدود سمجهون ٿا، حقيقت ۾ اهو هڪ مڪمل قدرتي نظام آهي، جنهن ۾ برف، برفاني جبل، برفاني ڍنڍون، ڄميل ٺوٺ زمين، جبلن جي مٽي ۽ انهن سان ڳنڍيل پاڻيءَ جا نظام شامل آهن. هي نظام مٿين جبلن کان هيٺانهن ميدانن تائين پاڻيءَ جي وهڪري، مقدار ۽ رفتار کي سلهاڙي ٿو.
هندوڪش-هماليه دنيا جي وڏن درياهن جي پاڻيءَ جو مينار آهي. هتان جا دريائي نظام پاڪستان، چين، ڀارت، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، افغانستان وغيره جي لڳ ڀڳ ٻه ارب ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪن ٿا. سنڌو به انهن ئي جبلن مان جنم وٺي ٿو ۽ ان جو وهڪرو گلگت، بلتستان، چترال، خيبر پختونخواه مان ٿيندو، پنجاب مان گذري سنڌ جي ميدانن ۽ ڊيلٽا تائين پهچي ٿو، انهيءَ ڪري گلگت ۾ گليشيئر جي حالت، چترال ۾ ٻيلن جي حالت يا سوات ۾ جبلن جي لاهين تي ٿيندڙ ماحولياتي تبديلي سنڌ کان الڳ نٿي رهي.
گليشيئرز بابت تحقيقي ڪم ڪندڙ جڳ مشهور اداري انٽرينشنل سينٽر فار انٽيگريٽڊ مائونٽين ڊولپمينٽ جي هڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته هندوڪش هماليا جو ماحولياتي نظام تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. 2011ع کان 2020ع واري ڏهاڪي دوران هندوڪش-هماليه جا گليشيئر گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ 65 سيڪڙو وڌيڪ تيزيءَ سان ڳريا. برف ڳرڻ جي رفتار برقرار رهي ته صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين هن علائقي جي گليشيئرن جو 80 سيڪڙو تائين رجي ويندو. پاڪستان جي خلائي تحقيقي اداري سپارڪو ڪجھ مهينا اڳ ملڪ ۾ 130 اهڙين برفاني ڍنڍن جي نشاندهي ڪئي، جن جي ڦاٽڻ سان ٻوڏ جو خطرو موجود آهي. سيپٽمبر ۾ سينيٽ جي موسمياتي تبديليءَ بابت ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 13,032 گليشيئر ۽ 3,000 کان وڌيڪ برفاني ڍنڍون آهن، جن مان ڪيتريون ئي خطرناڪ قرار ڏنل آهن. سيپٽمبر جي آخر ۾ سپارڪو جي مشاهدي مطابق رپورٽ ٿيو ته گرميءَ پد وڌڻ سبب جولاءِ جي شروعات ۾ 40 اهڙين خطرناڪ نظر ايندڙ برفاني ڍنڍن جو انگ آگسٽ ۾ وڌي 105 ٿي ويو، اهي انگ رڳو سائنسدانن لاءِ دلچسپيءَ جو موضوع نه هجڻ گهرجن، انهن جي پويان انساني آباديون، ڳوٺ، روڊ، پليون، بجلي گھر ۽ درياهن جا هيٺيان علائقا به شامل آهن.
گليشيئر پاڻمرادو آفت نٿا بڻجن، اهو خطرو تڏهن وڌي ٿو، جڏهن گرم ٿيندڙ موسم، ڪمزور جبل، ڳريل برف، پکڙجندڙ ڍنڍون، وڻن کان وانجھا ننگا جبل ۽ غلط هنڌن تي آباد ٿيندڙ انسان هڪ ئي وقت عمل ۾ اچن ٿا. قدرتي آفتن ۽ انساني غلطيءَ جي وچ ۾ جيڪا حد اسان ٺاهيون ٿا، اها حقيقت ۾ ايتري چٽي ناهي. برسات قدرتي آهي پر ان جو ٻوڏ ۾ بدلجڻ قدرتي عمل ناهي، ساڳيءَ طرح گليشيئرن جو ڳرڻ به رڳو قدرتي عمل ناهي، ان جي ڳرڻ جي رفتار تکي ٿيڻ ۾ انساني هٿ شامل هوندو آهي. جيڪڏهن جبلن تان ٻيلا ڪٽي ڇڏجن، لاهين کي وڻن کان ننگو ڪيو وڃي، قدرتي نالن تي اڏاوتون ڪيون وڃن، درياهن جي ڪنارن تي آباديون وڌايون وڃن ۽ پاڻيءَ جي رستن کي بند ڪيو وڃي ته قدرتي لقاءُ به انساني آفت بڻجي وڃي ٿو.
ٻيلا رڳو ڪاٺ جو ذخيرو ناهن، اهي جبل جي قدرتي ڍال پڻ آهن. وڻ مينهن جي وهڪري جي رفتار گهٽ ڪن ٿا، مٽيءَ کي ڳنڍي رکن ٿا، پاڻيءَ کي زمين ۾ جذب ٿيڻ جو موقعو ڏين ٿا ۽ جبلن مان هيٺ ايندڙ لٽ کي به محدود ڪن ٿا، جڏهن ٻيلا ختم ٿين ٿا ته جبل پاڻيءَ کي روڪڻ بدران وڌيڪ تيزيءَ سان هيٺ وهائن ٿا. چترال ۾ 1992ع کان 2009ع تائين لڳ ڀڳ 9,288 ايڪڙ ٻيلو ختم ٿيو، جڏهن ته سالياني واڍيءَ جي شرح 1992-2000ع جي 0.14 سيڪڙو مان وڌي 2000-2009ع ۾ 0.54 سيڪڙو ٿي وئي. گلگت-بلتستان ۾ ٻن ڏهاڪن دوران 1,700 چورس ڪلوميٽر ٻيلو گهٽيو آهي. چلاس سب ڊويزن ۾ 2000ع کان 2010ع دوران 8,600 ايڪڙ کان وڌيڪ ٻيلو ختم ٿيو. سوات ۾ بحرين، مدين، ڪالام، مٽا، مالم جبا جهڙن علائقن ۾ وڏي پيماني تي غيرقانوني واڍي ٿي رهي آهي. هڪ رپورٽ موجب روزانو 15 کان 20 ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪون پنجاب ڏانهن وينديون هيون. نيلم واديءَ ۾ به غيرقانوني ڪٽيل ڪاٺ جو وڏو مقدار ٻوڏ سان وهي نوشهري ڊيم تائين پهتو. اهي انگ ٻڌائن ٿا ته جبلن جي ٻيلن جي تباهي ۽ انهن جي وڌندڙ واڍيءَ کي الڳ الڳ مسئلا سمجهڻ غلطي هوندي. ٻيلو جبل جي قدرتي حفاظتي ڍال آهي؛ جڏهن اها ڍال ختم ٿئي ٿي ته برسات ۽ گليشيئرن جو پاڻي وڌيڪ تيزيءَ سان هيٺ لهي ٿو، اهو تيز وهڪرو هزارين ٽن مٽي، پٿر ۽ ڪاٺ پاڻ سان کڻي اچي ٿو ۽ اهو هڪ عام برسات کي به تباهيءَ واري وهڪري ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.
جبلن تان پاڻيءَ جي وهڪرن واري ماحولياتي ماڳ کي واٽر شيڊ سڏيو ويندو آهي. اسان جي بحث ۾ گليشيئرن تي ايترو زور هوندو آهي جو واٽرشيڊ جي ٻين خطرن کي وساري ٿا ڇڏيون. انهن ۾ جبلن مان پٿر ٽُڪڻ، جبلن ۾ وڌندڙ اڏاوتون، روڊن جون بي ترتيب اڏاوتون، چراگاهن تي دٻاءُ، سياحتي ماڳن تي اڏاوتون ۽ آباديءَ جو وڌندڙ دٻاءُ به واٽرشيڊ جي ماحولياتي سرشتي کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ موسمي تبديليءَ سبب برساتن جو سلسلو به غير يقيني ٿي رهيو آهي. هڪ ڊگهي سوڪهڙي کان پوءِ ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي برسات اچي ته ٻيلن کان وانجھيل جبلن تي ان جو اثر وڌيڪ شديد ٿيندو آهي ۽ انهن تان پاڻيءَ جا ڀوائتا وهڪرا لهندا آهن جن ۾ ڳريون جابلو ڇپون به وهي اينديون آهن. نيپال ۾ به اهو ئي ٿيو هو. سائنسدانن جي انگن اکرن مطابق جبلن ۽ گليشيئرز مان لڳ ڀڳ 40 ڪروڙ ٽن وزني يا اٽڪل 10 ڪروڙ ڪيوبڪ ميٽر مقدار ۾ پٿر، برف ۽ مٽي هيٺ ڪري هئي، هي سمورو ڍڳ لڳ ڀڳ 5,100 ميٽرن کان وڌيڪ اوچائيءَ واري چوٽيءَ تان هيٺ ڪريو، اهو ئي سبب آهي جو ڪرائيو اسفيئر کي رڳو ”برف“ جو مسئلو سمجهڻ ڪافي ناهي، اهو پاڻي، زمين، ٻيلن، جبلن ۽ انسانن جي گڏيل عمل مان جنم وٺندڙ مسئلو آهي.
اهي ساڳيا اهڃاڻ پاڪستان جي گلگت بلتستان ۽ چترال جي برفاني جبلن ۾ به ملن ٿا. هن بحث جو سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته گلگت ۽ چترال جي آفتن سان سنڌ جو ڪهڙو تعلق؟ اهو تعلق سڌو سنئون آهي. ذهن ۾ رهي ته سنڌوءَ جو پاڻي سنڌ ۾ پيدا نٿو ٿئي، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو سفر انهن جبلن مان شروع ٿئي ٿو، جتي برف، گليشيئر ۽ برساتون ان جي وهڪري کي جنم ڏين ٿيون، جيڪڏهن مٿين جابلو واٽرشيڊ ۾ تبديليون اينديون ته هيٺئين وهڪري ۾ به تبديليون اينديون، ڪڏهن پاڻي اوچتو گهڻو ايندو، ڪڏهن پاڻي گهٽ ٿيندو، ڪڏهن لَٽ وڌندي ته ڪڏهن ٻوڏ جو وقت بدلجي ويندو. ڊگهي مدي ۾ برف ۽ گليشيئرن جي ذخيري ۾ گهٽتائي سنڌو ۽ ان جي ڀرتو ندين جي پاڻيءَ جي دستيابيءَ لاءِ نوان سوال پيدا ڪري سگهي ٿي. سنڌ لاءِ اهو سوال انتهائي اهم آهي. اسان جي پاڻيءَ جي انتظامڪاريءَ بابت پاليسين جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها آهي ته اسان درياهه کي ڊيم يا بئراج کان شروع ٿيندڙ نظام سمجهون ٿا، حقيقت ۾ درياهه ڊيم يا بئراج کان نه پر جبلن کان شروع ٿئي ٿو، تنهنڪري پاڻيءَ جي پاليسيءَ کي به اتان کان شروع ٿيڻ گهرجي.
ان سموري پسمنظر ۾ نيپال جي تباهيءَ واري سانحي کي اسان کي اڳواٽ چتاءُ سمجهڻ گهرجي. اسان وٽ 13 هزار کان وڌيڪ گليشيئر آهن، هزارين برفاني ڍنڍون آهن، جبلن ۾ وڌندڙ آبادي آهي، ٻيلن تي اڻ کٽ دٻاءُ آهي، موسمي تبديلي تيز ٿي رهي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ اهڙي دريائي نظام جي مٿان ٿي رهيو آهي، جنهن تي پاڪستان جي خوراڪ، معيشت ۽ آبپاشيءَ جو وڏو حصو دارومدار رکي ٿو. هاڻي سوال اهو ناهي ته ڇا نيپال جهڙي تباهي پاڪستان ۾ اچي سگھي ٿي يا آئي ته ڪڏهن ايندي؟ سوال اهو آهي ته اسان اها تباهي اچڻ کان اڳ نيپال جي تباهيءَ مان ڪيترو سکڻ لاءِ تيار آهيون؟