سنڌ جا تاريخي حق ۽ قومي ايڪو
گهڻا سال اڳ نامور ليکڪا عائشا صديقا سان مانجهاندو ڪندي هن مون کي چيو ته سنڌ کي جنهن مذهبي رواداريءَ تي مان آهي، اها خطري هيٺ آهي. ان وقت اڃا سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جا هاڻوڪا رنگ سامهون نه آيا هئا، سو مون سندس خدشي سان اختلاف ظاهر ڪيو، جنهن تي هن چيو ته هڪ اسٽڊيءَ دوران هن سنڌ جا ڪيترائي ضلعا گهميا آهن ۽ اتي انتهاپسنديءَ جون پاڙون سگهاريون ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ محنت کيس نظر آئي آهي، هاڻي سندس ڳالهيون هڪ حد تائين سچ ثابت ٿيندي نظر ٿيون اچن. سنڌ ۾ جيئن ته ڏهاڪن کان سياسي، اڳواڻن، پارٽين ۽ مجموعي طور سنڌي سماج جي زمانن کان هلندڙ رواداريءَ وارن روين سبب اسٽيبلشمينٽ سمورا وس هلائڻ جي باوجود سنڌي سماج کي انتهاپسنديءَ ڏانهن نه موڙي سگهي. ٻه قومي نظرئي هيٺ ملڪ ٺهڻ شرط جڏهن مذهب جي اوٽ ۾ سنڌ جون زمينون، شهر، پاڻي، مالي وسيلا سڀ ڪجهه مرڪز هٿان ڦٻايا ويا ۽ ٻاهران آيل گروهه سنڌ جي معيشت ۽ انتظاميا تي والار ڪري ويا ته سنڌ واسين کي سمجهه ۾ آيو ته مذهب جي نالي کي استعمال ڪندي ڪيئن کين ريڊ انڊين بڻائڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، اها واردات ايترو کلي عام ڪئي وئي، جو سنڌ واسين کي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ ڌرتي پيرن هيٺان کسڪندي نظر آئي هئي. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي سڃاڻ سياسي اڳواڻن، تاريخدانن، عالمن، دانشورن توڙي عام عوام ان عمل جي هر محاذ تي مزاحمت ڪئي. ائين سنڌ جي هڪ روشن خيال ۽ مذهبي رواداريءَ تي ٻڌل قومي حقن واري سياست جو بنياد پيو.
اڳتي هلي بنگلاديش جي هلچل، ڀٽي جي تختي اونڌي ڪرڻ، سندس ڦاسي ۽ ضياءَ جي واهر وارن تجربن کان پوءِ سنڌ واسي مذهب جي نالي تي سياست ڪندڙن کان ڪوهين ڏور ٿي ويا. البته ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مانائتن عالمن سنڌ جي حقن لاءِ اسلام جي حوالي سان دليل ڏيندي جدوجهد ڪئي، جن لاءِ سنڌ واسين وٽ هميشه پيار ۽ احترام رهيو آهي. انهن سنڌ جي سڄڻ عالمن ۾ مولانا محمد اسماعيل کڏي وارو، مولانا عبدالوهاب چاچڙ، مولانا عبيدالله ڀٽو، حافظ محمد صديق ميمڻ، ۽ سائين مولانا عزيزالله ٻوهيو شامل رهيا. انهن عالمن سنڌ جي پاڻي ۽ ٻين قومي حقن لاءِ سدائين اوچي آواز ۾ ڳالهايو. مولانا عبدالوهاب چاچڙ ته ڪالا باغ ڊيم خلاف نهايت چٽو ۽ سگهارو موقف رکيو. سنڌ جي قومي تحريڪ جا ڪيترائي اڳواڻ اسلام، قرآن ۽ حديث جا وڏا ڄاڻو رهيا آهن. سائين جي ايم سيد سندس خلاف فتوائون جاري ڪندڙن کان هزار ڀيرا وڏو مذهبي ڄاڻو هو. سندس ڪتابن ۾ قرآن ۽ حديث جا انيڪ حوالا ملن ٿا، ساڳي طرح عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجو به مذهب بابت گهري ڄاڻ رکندڙ هئا، جن جا ڪيئي حوالا سندس لکتن ۽ تقريرن ۾ ملن ٿا. سنڌ پنهنجي انهن وطن دوست عالمن کي سدائين مذهب کي انسانيت سان ڳنڍيندي ڏٺو.
سنڌ جي قومي حقن واري تحريڪ جي اهم سگهه اها هئي ته اها سمورن عقيدن، نظرين، منشورن ۽ لساني اڪاين کي سنڌ جي قومي مفادن سان گڏ بيهارڻ ۾ ڪامياب رهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ مذهبي، فرقيوار توڙي لساني ٽڪراءَ پاڙون نه کوڙي سگهيا، سنڌ واسي بنا ڪنهن متڀيد جي سنڌ جي شاندار سماجي روايتن جي پاسداري ڪندي سنڌ جي مفادن لاءِ هڪ صف ۾ بيٺل رهيا. واڳ ڌڻين لاءِ سنڌ جو اهو غير معمولي قومي ايڪو هميشه ڳڻتي جو ڪارڻ رهيو. ايتري قدر جو سندن فڪٽريءَ مان پيدا ڪيل حڪمران به سنڌ جي اجتماعي حقن وارن معاملن تي عوامي راءِ کي پٺي ڏيڻ کان لنوائيندا آهن. ان ايڪي کي ٽوڙڻ لاءِ پهرين سنڌ ۾ لساني رتوڇاڻ ڪرائي وئي، پر نفرتن جو اهو ٻج وڏو وڻ نه ٿي سگهيو. لکين سنڌ واسي ان ويڇي کي رد ڪندا رهيا آهن. واڳ ڌڻين کي جيئن ته اهي سمورا حُربا ڦٻي نه سگهيا ته هاڻي هنن سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي، قبائليت ۽ لساني گروهه بنديءَ وارا حربا هلائڻ شروع ڪيا آهن، اتر سنڌ جا ڪجهه ضلعا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قبائلي رتوڇاڻ ۽ ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن. انهن ڏورانهن علائقن ۾ جديد جنگي هٿيارن جو عام جام ملڻ پاڻ ئي ان ڳالهه جي گواهي آهي ته ان سڄي مانڊاڻ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، ساڳي طرح مذهب کي سنڌ جو ايڪو ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪن ڌرين کي ميدان تي لاٿو ويندو آهي. ان قسم جي عنصرن کي خاص طور تي هڪ خاص ماڻهو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور سنڌ جي قومي حقن واري سياست، ادب ۽ محافت کي بند ٻڌڻ لاءِ انهن مٿان اسلام دشمني ۽ ملڪ دشمني جي تهمت لڳائڻ جو رواج عام آهي. ان قسم جي فتوائن کي استعمال ڪرڻ جي سنڌ ۾ ڪڏهن به آجيان ناهي ٿي، ڇو ته عام سنڌ واسي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا ته سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد سنڌ جي تاريخي، آئيني ۽ انساني حقن جي بنيادن تي اُسريل آهي.
گذريل سال جڏهن سنڌ ۾ ارسا جي جوڙجڪ سان هٿ چراند ۽ تڪراري واهن خلاف سنڌ هڪ آواز ٿي بيٺي هئي ته شاهنواز ڪنڀر جو قتل ڪرائي ان جدوجهد جو منهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سموري قانوني جاچ ۾ شاهنواز ڪنڀر جو قتل هڪ ناجائز دهشتگرديءَ وارو عمل ثابت ٿي چڪو آهي، ان قتل ۾ ملوث ماڻهن کي مليل ڇوٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ان واقعي جي ذميوارن کي ڪٿان واهر مليل آهي. سنڌ واسين ڪنهن به ڏهڪاءَ جو شڪار ٿيڻ بدران هڪ گڏيل مضبوط موقف اختيار ڪيو. جنهن سان انتهاپسنديءَ کي عوامي سطح رد ڪرڻ وارو رويو سگهارو ٿيو. سنڌ ان ڳالهه کي چٽو ڪيو ته سنڌ واسين کي اسلام سميت سمورن عقيدن لاءِ احترام آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪو غلط عمل ڪيو آهي ته ان لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ اندر ڪو به ويڇو نه پيو ۽ جڏهن تڪراري واهن خلاف جدوجهد ٿي ته سڀني مڪتبهءِ فڪر جا ماڻهو هڪ آواز ٿي بيهي رهيا.
هاڻي به سنڌ ۾ مذهب جي بنياد تي ويڇا وڌائڻ جي ڪوشش اهڙي وقت تي ڪئي وئي آهي، جڏهن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت سان هٿ چراند لاءِ نوان نقشا جوڙيا پيا وڃن. هن وقت جڏهن سنڌ کي پنهنجي تاريخي وحدت ۽ سڃاڻپ لاءِ هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي وقت تي غير ضروري قسم جا تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ واسين انتهاپسنديءَ جي ان عمل کي رد ڪيو آهي، ۽ ساڳي وقت سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت به چٽو موقف اختيار ڪيو آهي. سنڌ ۾ مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين جي قيادت کي اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به خطي ۾ سياست اتي جي تاريخي روايتن ۽ سماجي روين آهر ڪرڻي پوندي آهي. سنڌ واسي دين اسلام سان دل سان محبت ڪن ٿا، پر ان جي اوٽ ۾ سنڌ اندر ڪنهن به انتهاپسندي يا عوامي ويڇن کي قبول نٿا ڪن. سنڌ بهرحال خيبرپختونخواهه يا پنجاب کان هڪ مختلف خطو آهي، تنهن ڪري هتي جي مذهبي جماعتن کي به پنهنجا رويا سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حقيقتن سان ٺهڪائڻا پوندا. اسٽيبلشمنٽ جا مُڏا ڪارڊ سنڌ واسي ڏهاڪا اڳ رد ڪري چڪا آهن. سواءِ هڪ اکيون پور گروهه جي، سنڌ واسي پنهنجي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ وسيلا مذهب جي نالي تي ڪنهن به ڌارئي حوالي ڪرڻ کي قبول نه ڪندا.
سنڌ سرڪار ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان پاسيرو رهندڙ ڪردار آهي، جيڪڏهن سرڪار قانون لاڳو ڪندي سنڌ کي ڪا بهتر حڪمراني ڏئي ها ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ماڻهن کي سرعام هيسائڻ جي ڪنهن ۾ به همت نه ٿئي ها. سنڌ ۾ جيئن هر قسم جي ڏوهن لاءِ اڄ ڪلهه پڇاڻو معاف آهي، تنهنڪري عورتن جا قتل، معصوم نياڻين جو گم ٿيڻ، ماڻهن جي سرعام تذليل، اغوا، ڌاڙا، ڦرون، عورتن کي هيسائڻ لاءِ سڀ آزاد آهن. قانون جي حڪمراني، شهرين جو تحفظ ۽ فردن هٿان سماج ۾ ڏهڪاءُ پکيڙڻ جهڙن عملن کي روڪڻ صوبائي سرڪار جي ذميواري آهي، جنهن کان اها لاتعلق بڻيل آهي. ساڳي طرح قومي حقن جي سياست ڪندڙ ڌرين کي اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته جيئن اسٽيبلمنٽ کي مڪمل طور راضي رکڻ ممڪن ناهي هوندو، تيئن مذهبي سياست ڪندڙن جي انتهاپسندي به ڪٿي دنگ ناهي ڪندي. قومپرستي پنهنجي بنيادي جوهر ۾ سيڪيولر، جاگيردار مخالف ۽ اسٽيبلشمنٽ مخالف هلچل هوندي آهي. جيڪي قومپرست ڌريون ۽ قيادتون مذهبي انتهاپسنديءَ جي ان لهر کي غير اهم سمجهي ان تي ماٺ رهن ٿيون، اهي دراصل ان انتهاپسنديءَ جي واٽ نئين ڪن ٿيون. شاهنواز ڪنڀر واري واقعي وقت سندن ان مصلحت پسنديءَ جي نتيجي ۾ سندن سياسي ڪردار ڪمزور ٿيو هو. هاڻي به جيڪي اڳواڻ ان معاملي تي ماٺ آهن، اهي پنهنجي وقتائتي ڪردار جو خال پيدا ڪري رهيا آهن.
سنڌ، اسلام جي اصل روح مطابق مختلف عقيدن ۽ سڃاڻپن جو گڏيل تهذيبي هندورو آهي، سنڌ جو ضمير انسانيت سان ڳوهيل آهي، ڪير ڪنهن جي عقيدي جي معاملي ۾ دل آزاري ڪري ته ان لاءِ هڪ آئين ۽ قانون موجود آهي. بجاءِ سماجي ڏهڪاءُ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ بدران قانوني رستا اختيار ڪجن ته ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو، پر جيڪڏهن پاڻ ئي پوليس، وڪيل ۽ جج بڻجي عوام ۾ ڏهڪاءُ پکيڙيو ويندو ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ تي ماڻهن مٿان تهمتون لڳايون وينديون ته سنڌ اهڙي هر عمل جي مزاحمت ڪندي. سنڌ آخري نبي حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي انسانيت ۽ محبت واري دين ۽ شاهه لطيف جي عالم سڀ آباد ڪرين جي فلسفي جي مڃيندڙ ۽ پوئلڳي ڪندڙ آهي. سنڌ جو دڳ ۽ منزل پرامن بقا ۽ باهمي امنِ عالم ۽ انسانيت ۾ سمايل آهي
(روزاني ڪاوش، 2 جون 2026ع)