Naseer Memon

Articles and Resources

CLIMATE POLICY • WATER GOVERNANCE • SUSTAINABLE DEVELOPMENT   CHAMPIONING •  CLIMATE RESILIENCE •  POLICY INNOVATION

 سنڌ جي نوجوان نسل کي سمجهڻ جي ضرورت

سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته اڄوڪي سنڌ جا نوجوان رڳو سوشل ميڊيا تي وقت وڃائيندا آهن، هنن کي سنڌ جي مسئلن سان گهٽ دلچسپي آهي، سي ڪتاب ناهن پڙهندا  سماج ۾ سندن ڪو ڪردار ناهي. منهنجي خيال ۾ اهي ڳالهيون گهڻي ڀاڱي اهي ماڻهو ڪن ٿا، جيڪي نوجوانن سان ڪا خاص لهه وچڙ نٿا رکن، يونيورسٽين ۾ به نه ٿا وڃن، پري کان ويهي نوجوانن بابت پنهنجا تصور ٺاهن ٿا ۽ اڪثر ڪري کين ”جنريشن زي“ قرار ڏئي ڌڪارين ٿا.

سنڌي نوجوانن بابت منهنجو تجربو مختلف رهيو آهي، گذريل ڪجهه هفتن دوران عوامي ورڪرز پارٽيءَ پاران ڪوٺايل ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سوشلٽ اسڪول، صحافي دوست نثار کوکر پاران لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل لاڙڪاڻو لٽريچر فيسٽيول ۽ اروڙ يونيورسٽيءَ پاران شاگردن لاءِ ڪوٺايل ”پرتشدد انتها پسندي“ جي موضوع تي هڪ ويهڪ ۾ مون کي درجنين نوجوانن سان ملڻ، ساڻن ڳالهائڻ ۽ سندن خيال ۽ سوال ٻڌڻ جو موقعو مليو. اهي نوجوان اڄوڪي سنڌ، پاڪستان توڙي عالمي منظر نامي کان باخبر هئا ۽ وٽن پختي سياسي سوچ به نظر آئي.

ٽنهي پروگرامن دوران جيڪي سوال پڇيا ويا، انهن جي معيار مان سندن ڪتابي اڀياس جو اندازو لڳائي پئي سگهيس، انٽرنيٽ ۽ فون جي سهولت کان پوءِ ممڪن آهي ته ڪاڳر واري ڪتاب ۽ اخبار جو وڪرو گهٽيو هجي، پر پڙهڻ وارو عمل هروڀرو صفا پٺتي ناهي پيو. البته سوشل ميڊيا سبب لکت ۽ پڙهڻ جو انداز مٽجي ويو آهي. اسان جي پبلشرن ۽ صحافتي ادارن کي ان نئين دور سان پاڻ کي سلهاڙڻو پوندو، جنهن سان اڄ جو نوجوان جڙيل آهي، مثال طور آن لائين ڪتاب خريد ڪري ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ پڙهڻ سولو، تڪڙو ۽ سستو طريقو آهي، پر سنڌي پبلشر اڃا اها سهولت فراهم نٿا ڪن.

منهنجي ڪتابن جي آن لائين ايڊيشنز لاءِ پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪيترائي دوست گُهر ڪندا آهن، ته بدقسمتيءَ سان انهن ڪتابن جو ڊجيٽل ڇاپو موجود ناهي. سليمان وساڻ جي ويب سائيٽ ”سنڌ سلامت“ تي ڪيترائي سنڌي ڪتاب موجود آهن، پر ان جو ذخيرو گهڻو وڌائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن سنڌي ڪتابن جو ڊجيٽل ڇاپو موجود هجي. مون پنهنجا ڪتاب ڇاپيندڙ پبلشرز کي گذارش ڪئي پر نه هو، پنهنجي ويب سائيٽ تي ڊجيٽل ڪاپي مهيا ڪن ٿا، ۽ نه ئي هو مون کي ڪتابن جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ لاءِ تيار آهن، ته جيئن سنڌ سلامت تي رکي سگهان.

ساڳيءَ طرح سنڌي اخبارن جا ڊجيٽل ڇاپا به غير معياري آهن، انهن جي ويب سائيٽ تي پراڻين اخبارن جو رڪارڊ يا ته موجود ناهي، يا وري اميج جي شڪل ۾ آهي، جنهن کي پڙهڻ به ڏکيو ٿيو پوي. مضمونن جا آرڪائيوز نه هجڻ سبب سنڌي مضمون سرچ انجڻ مان نٿا ملن. اخبارن جي ڊجيٽل حالت اڃا پنجاهه سال پراڻي آهي. اڄوڪي نوجوان کي ڪتاب ۽ اخبارون نه پڙهڻ جا مهڻا ڏيڻ کان اڳ اسان جي ادارن کان سوال ٿيڻ گهرجي ته ڇا سندن مواد اڄوڪي دور جي تقاضائن تي پورو لهي ٿو؟ هڪ ڀيرو اهي پبلشرز ۽ اخبارون پنهنجي پاڻ کي صحيح معيار ۾ ڊجيٽل بڻائين ته کين اندازو ٿيندو ته سنڌي جونوان انهن کي ڪيترو پڙهن ٿا.

سنڌ ۾ سياسي طور سجاڳ، جديد دور جي مسئلن بابت ساڃاهه رکندڙ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي تڙپ رکندڙ انهن نوجوانن جي سياسي سکيا ۽ تنظيم جو ڪردار ادا ڪرڻ واريون سياسي تنظيمون ڪمزور ٿي ويون آهن. سماج غير سياسي ناهي ٿيو، سياسي تنظيمون ڪمزرو ٿي ويون آهن. سنڌ جا نوجوان غير سياسي يا غافل ناهن ٿيا، انهن کي متحرڪ رکڻ وارا سياسي ادارا ڪمزور ٿي ويا آهن. انهن جون قيادتون وٽن پهچن نه ٿيون.

هر دور ۾ ۽ هر پيڙهيءَ وٺ ڌرتي ۽ ماڻهن سان سلهاڙجڻ ۽ انهن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جا طور طريقا مختلف هوندا آهن. هن وقت سنڌ مان هڪ وڏي انگ ۾ سنڌي نوجوان تعليم ۽ نوڪرين لاءِ پرڏيهه وڃي رهيا آهن، انهن ملڪن ۾ اهي نوجوان رابطي جا نيٽ ورڪس ٺاهي، لڳاتار ٻين نوجوانن کي ٻاهر گهرائي تعليم، نوڪرين، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ واهر فراهم ڪري رهيا آهن، ان سموري ڪم کان اسان مان گهڻا ماڻهو اڻ ڄاڻ آهن. نيشنلزم جا اڄوڪي دور جا اهي نوان اظهار آهن.

ساڳيءَ طرح ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ نوجوانن جا اهڙا ڪيترائي نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيا آهن، پر ظاهر آهي ته اهي ڪنهن سياسي يا تنظيمي ڇٽيءَ هيٺ ناهن. وطن ۽ ماڻهن سان ڪمٽمينٽ جا اڻ ڳڻيا ڇڙوڇڙ اظهار اڄوڪي نسل جا هزارين نوجوان ڪري رهيا آهن، جنهن کان اسان گهڻي ڀاڱي اڻ ڄاڻ آهيون. اڄوڪو نسل گهڻي ڀاڱي شهري ماحول ۾ اک کولي رهيو آهي، ۽ هن وٽ اڄوڪي دور جا لهه وچڙ جا اوزار ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل آهن. تنهن ڪري سندن وطن دوستيءَ جي اظهار جا طور طريقا به مختلف آهن.

سياسي تنظيمن جي قيادت کي ان نواڻ سان پاڻ کي ٺهڪائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سياسي ۽ سماجي تنظيمون پاڻ کي ان نواڻ سان گڏ نه بيهارينديون ته اهي اڄوڪي نسل جي نوجوان کي گڏ کڻي نه هلي سگهنديون. ان جي نتيجي ۾ اهي، سياسي ۽ سماجي ادارا پاڻ جمود جو شڪار ٿي ويندا.

ان جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڪثر تنظيمن جا مرڪزي عهديدار (۽ وڏي حد تائين ضلعن جا عهديدار به) گهڻي ڀاڱي پنجاهه ورهين جي ڄمار کان وڏا آهن ۽ انهن جي گهڻائي ڪيترن ئي ورهين کان مرڪزي ۽ ضلعي عهدن تي موجود آهي. ورلي ڪو مرڪزي اڳواڻن ۾ نئون مهانڊو نظر اچي ٿو، برابر انهن سڀني اڳواڻن تاريخ جي مختلف مرحلن تي پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪيو آهي، پر سياسي ۽ سماجي ادارن کي به بيٺل تلاءَ بجاءِ وهندڙ پاڻيءَ جيان هجڻ گهرجي.

اڄوڪي دور جي نين تقاضائن آهر تبديل نه ٿيندڙ فرد توڙي ادارا رڳو نوجوانن کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏئي يا مٿن ٺٺول ڪري نه هلي سگهندا. اسان سڀني کي اڄوڪي نوجوان کي نئين اک سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. سندن نئين دور جي سڀاءَ سان پنهنجا نعرا، منشور، لهه وچڙ، جا طريقا، بيان جا انداز، حوالا، تنظمي ڍانچا، ٺهڪائڻا پوندا. اڄوڪي دور جي نوجوان وٽ ٽيڪنالاجيءَ سبب جيڪا سگهه آهي، اها سياسي ۽ سماجي تحريڪن کي هڪ نئين اوج تي وٺي وڃي سگهي ٿي. انٽرنيٽ، اي ميل، واٽس ايپ گروپس ۽ سوشل ميڊيا جي جديد هنرن کي استعمال جو ڏانءُ رکندڙ اڄوڪو نوجوان، سنڌ جي جياپي جي مسئلن تي جيڪا اُٿل پٿل ڪجهه ڏينهن ۾ پيدا ڪري سگهي ٿو، اها گذريل نسل جي طريقن سان مهينا کائيندي هئي، اڳ ۾ جيڪو ڪم اسٽڊي سرڪلز، تنظيمي پرچن، پمفليٽن جلسن ۽ تقريرن سان ٿيندو هو، اهو هاڻي سوشل ميڊيا، پوسٽرز، ڊيٽا گرافڪس، وي لاگز، آرٽيفيشل، انٽيليجنس سان تيار ٿيندڙ مواد، زوم ميٽنگز، آن لائين جلسن وسيلي هزار ڀيرا وڌيڪ اثرائتي نموني سان ٿيڻ لڳو آهي.

ٽيڪنالاجيءَ جي سهگاري استعمال دنيا جي ڪيترن ئي سگهارن ادارن ۽ حڪومتن کي سهڪائي رکيو آهي. اوهان رڳو فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي سوين اڻ سڃاتل نوجوانن پاران تعصبي مواد پکريندڙ ڌرين سان اٽڪايل مهاڏي کي ڏسي وٺو، سنڌ ۽ سنڌين خلاف زهر اوڳاڇيندڙ اهڙن ڪيترن ئي همراهن کي سوشل ميڊيا تي هاڻي منهن ٽوڙ ورنديون ملي رهيون آهن. اهو هڪ اهم ڪم آهي جيڪو سوين نوجوان سڄي دنيا مان ويهي ڪري رهيا آهن. جيڪي شايد ڪنهن به سياسي تنظيم جا ميمبر به نه هجن، پر اهي سنڌ ۽ سنڌين سان سلهاڙيل هجڻ سبب پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪيترن جي مواد ۾ تاريخي حوالا ۽ انگ اکر هوندا آهن، اهي رڳو سنڌي نه پر اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به سنڌ خلاف ٿيندڙ هر تعصبي پروپگينڊا سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن.

ان سڄي عمل کان ممڪن آهي ته اسان جي سياسي قيادت واقف نه هجي، انهن نوجوانن کي سياسي پارٽيون پاڻ سان گڏائڻ جي سگهه وڃائي ويٺيون آهن، انهن کي خبر آهي ته اهي جهان جهاڳيندڙ نوجوان ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي جنهن جهان ۾ جيئن پيا، اهي رڳو نعرن جي وراڻي نه ڏيندا، پر ڏکيا سوال به ڪندا. اهي هاڻي پيرن ۽ وڏيرن جي مدي خارج سياست جو اتحادي بڻجڻ کان انڪار ڪندا. هو پنهنجي خيالن، انڪارن ۽ اختلافن کي اڳواڻ جي احترام جي نالي تي سينسر نه ڪندا. سنڌ جي اڄوڪين يونيورسٽين ۾ نوجوانن جي سوچ ۽ اظهار 70 واري ڏهاڪي جي نوجوانن کان ڪوهين ڏور آهي. سنڌ جي سياسي قيادت انهن نوجوانن سان جيستائين لهه وچڙ ۾ نه ايندي، کين سمجهي به نه سگهندي. ان نسل وٽ سنڌ سان ڀرپور محبت ۽ پنهنجائپ آهي، اهي سنڌ جي سياسي سماجي مسئلن کان اڻ ڄاڻ به ناهن ۽ هو انهن لاءِ جدوجهد به ڪري رهيا آهن. هو عملي طور ڪيتريون ئي اڳڀرايون ڪري رهيا آهن. جيڪي سنڌي نوجوانن کي نيون راهون ڏيکاري رهيون آهن، حقيقت ۾ اڄوڪي دور جو پڙهيل لکيل نوجوان سنڌ جي جديد وطن پرستيءَ جا نوان بنياد رکي رهيو آهي. جن کي سمجهڻ ۽ ساراهڻ جي ضرورت آهي.

روزاني ڪاوش، 3 فيبروري 2026ع