سنڌ جي آبپاشي نظام جي اندروني بدانتظامي
هن سال مئي ۽ جون جي مهينن ۾ سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ هئي. سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي کوٽ تريتيبوار 30 ۽ 65 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي. ان صورتحال ۾ تبديلي اها آئي جو سکر بئراج ڪجھ فني مسئلن سبب ساڄي ڪپ جي واهن کي گهربل مقدار ۾ پاڻي نه پئي ڏئي سگھيو، جنهن جي نتيجي ۾ واڌو پاڻي ڪوٽڙي بئراج کي ملڻ لڳو. جون جي آخري هفتي کان پوءِ ڪوٽڙِيءَ وٽ گهربل مقدار کان ڏھ ٻارنهن هزار ڪيوسڪ پاڻي مٿي وهي رهيو هو. ان جي باوجود نه هيٺ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏيو ٿي ويو ۽ نه ڪوٽڙيءَ جي کاٻي ڪپ وارن واهن اڪرم واھ ۽ ڦليليءَ جي پوڇڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ختم ٿي. ان علائقي جي پوڇڙ وارا آبادگار رڙيون واڪا ڪندا رهيا، مظاهرا ڪيائون پر صورتحال ساڳي رهي. آبادگارن جي ساريال جو ٻيجارو سڙي ويو، سندن ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا پر ايترو واڌو پاڻي هوندي به سڄو مهينو نه پوڇڙ وارن کي پاڻي مليو ۽ نه ڊيلٽا ڏانهن پاڻي ويو. پاڻيءَ جي ان کوٽ جي دانهن رائيس، دادو ۽ کيرٿر واهن تي به رهي، جتي آبادگارن جو ساريل ڌڪجي ويو. بلوچستان جا آبادگار به اها ئي دانهن ڪندا رهيا. اها صورتحال ٽي چار ڏينهن اڳ تائين برقرا رهي، جيستائين سنڌو درياھ ۾ پاڻي هوريان هوريان ننڍي ٻوڏ واري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي. گلگت بلتستان، خيبر پختونخواھ ۽ پنجاب ۾ وڏا وسڪارا ٿيڻ ۽ ڀارت پاسي ڪشمير ۽ هماچل پرديش ۾ تيز مينهن وسڻ سان چناب ۾ آيل چاڙھ کان پوءِ ملڪ جي اولهندين ندين ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا وڌي ويا آھن. ڪوھ سليمان رينج جي جبلن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ مينهن وسڻ جو امڪان آهي، جنهن سان پڻ واڌو وهڪرا راڄڻپور وٽان سنڌوءَ ۾ لهندا. ان سڄي منظرنامي سان امڪان آهي ته هن هفتي گڊوءَ وٽ وهڪرو ننڍي ٻوڏ يعني ٽي لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويندو. ان صورتحال ۾ هاڻي ڊيلٽا ڏانهن پاڻي ڇڏڻ اڻ ٽر قدرتي گهرج آهي.
مٿين صورتحال بيان ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌ کي پاڻيءَ جي معاملي ۾ رڳو پنجاب کان نه پر صوبي اندر پاڻيءَ جي خراب حڪمرانيءَ کان به مسئلا درپيش آهن. سنڌ جا پوڇڙ وارا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ ۾ به دانهون ڪندا رهن ٿا ۽ پاڻي واڌو هوندي به سندن ٻيجارو سڙندو رهي ٿو. سنڌوءَ جو ڊيلٽا سال جا ڏھ مهينا پاڻي نه ملڻ سبب ماحولياتي تباهيءَ جو شڪار ٿيندو رهي ٿو ۽ جڏهن واڌو وهڪرا موجود هجن ٿا، تڏهن به ان کي پاڻي نه ٿو ملي. صاف ظاهر آهي ته اهو واڌو پاڻي ڪن سگهارن جي زمينن تي وهندو رهيو هوندو. ياد رهي ته ان وچ ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي ڀارتي موديءَ پاران پاڪستان جو پاڻي روڪڻ وارين ڌمڪين خلاف مهم هلائڻ ۾ رُڌل رهي.
سنڌ جي پاڻي تڪرار بابت ڳالهه نڪرندي آهي ته عام طور تي سمورو بحث پنجاب سان پاڻيءَ جي ورڇ، ارسا جي فيصلن، لنڪ ڪينالن ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه بابت ٿيندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي پاڻيءَ جي آئيني ۽ قانوني حصي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ هر سال ان سان پاڻيءَ جي ورڇ ۾ ناانصافي ٿيندي آهي پر ساڳئي وقت هڪ تلخ حقيقت اها به آهي ته جيڪو پاڻي سنڌ تائين پهچي ٿو، ان جي منصفاڻي ورڇ ۽ انتظامڪاريءَ ۾ به وڏا مسئلا موجود آهن. جيڪڏهن صوبي اندر موجود بدانتظامي، پاڻيءَ جي چوري، فني خرابين ۽ ڪمزور نگرانيءَ کي سڌاريو نه ويو ته وڌيڪ پاڻي ملڻ سان به سنڌ جي آبادگارن خاص ڪري پوچڙ وارن ۽ ننڍن بي پهڇ آبادگارن جا مسئلا حل نه ٿيندا. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو، هن سال به آڳاٽي خريف دوران سنڌ کي شديد پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترائي هفتا سنڌ جي بئراجن تي مقرر حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو هو. ان صورت م سنڌ حڪومت ۽ آبادگارن طرفان ارسا ۽ وفاق وٽ احتجاج جائز هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي مٿان کان نه پئي مليو پر جولاءِ جي پڇاڙيءَ ۾ ٻوڏ جي موسم شروع ٿيڻ کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي. درياهه ۾ وهڪرا وڌيا، ٽنهي بئراجن تي پاڻيءَ جي آمد بهتر ٿي ۽ گهڻين ڪينالن کي گهربل مقدار مطابق پاڻي ملڻ لڳو. منطقي طور تي ان کان پوءِ سموري سنڌ، خاص طور تي پوڇڙ وارن علائقن، تائين پاڻي پهچڻ گهرجي ها. اهو سوال انتهائي اهم آهي ته جڏهن بئراجن تي پاڻي موجود هو ته پوءِ پڇڙيءَ جا آبادگار پاڻي کان محروم ڇو رهيا؟ ان ناجائزيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ ان سوال جو جواب سنڌ جي آبپاشي نظام جي اندروني ڪمزورين ۾ سمايل آهي.
سنڌ جي آبپاشي جو نظام دنيا جي وڏن واهن وارن نظامن مان هڪ آهي، جنهن ۾ هزارين ڪلوميٽر ڊگها مکيه واھ، برانچ واھ، ڊسٽريبيوٽريون، مائنر ۽ واٽر ڪورس شامل آهن. اهڙي وڏي نظام کي هلائڻ لاءِ رڳو پاڻي هجڻ ڪافي ناهي، پر ان جي سائنسي رٿابندي، مهلائتي سار سنڀال، منصفاڻي ورڇ ۽ سخت نگراني پڻ ضروري آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن سڀني شعبن ۾ سالن کان ڪمزوريون هلنديون پيون اچن پر انهن ۾ سڌاري بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي. سگهارا سياستدان، وڏا آبادگار، سگهارن کان به وڌيڪ سگهارا اسٽيڪ هولڊر ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار، سڀ ان صورتحال جا ذميوار آهن. سنڌ کي مٿان کان گھٽ پاڻي ملڻ جيترو ئي اهم مسئلو پاڻيءَ جي اندروني غيرمنصفاڻي ورڇ آهي. واھن جي مٿاهينءَ ۾ ويٺل بااثر زميندار ۽ سياسي اثر رکندڙ ماڻهو اڪثر پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي وڃن ٿا. ڪيترن هنڌن تي غيرقانوني شاخون ، واٽر ڪورس ، غيرقانوني طور وڏن واهن مان سڌو سنئون نڪرندڙ موڳا، مشينن وسيلي پاڻي کڻڻ ۽ ٻين طريقن سان پاڻيءَ جي چوري عام ڳالهه بڻجي وئي آهي. نتيجي ۾ جسيتائين پاڻي پڇڙيءَ تائين پهچي تيسيتائين ان جو وڏو حصو اڳي ئي چوري ٿي چڪو هوندو آهي. اهو مسئلو رڳو قانون لاڳو ڪرڻ جي ڪمزوريءَ جو ناهي، پر اهو حڪمراني (گورننس) جي ناڪاميءَ جو به آهي. ننڍا آبادگار، جيڪي نه سياسي اثر رکن ٿا ۽ نه ئي انتظامي ادارن تائين سندن رسائي آهي، اهي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. انهن جي شڪايتن تي مهلائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب سندن معاشي نقصان هر سال وڌندو رهي ٿو. انهن مان گھڻائي ته هاڻي مجبور ٿي اهو پيشو ڇڏي پنهنجون زمينون انهن سگهار زميندارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڻيءَ جي معاملي ۾ مقامي مودي بڻيل آهن.
پاڻيءَ جو اندروني سطح تي ٻيو اهم مسئلو واهن کان واٽر ڪورسن تائين آبپاشيءَ جي ڍانچي جي سار سنڀال سان لاڳاپيل آهي. هر سال آبپاشي نظام ۾ بنديءَ دوران واهن جي صفائي، لٽَ جي کاٽي ۽ مرمت لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي آهي، پر ڪيترن ئي هنڌن تي اها صفائي يا ته بنھ نه ٿي ٿئي يا رڳو ڪاڳرن تائين محدود رهي ٿي. نتيجي ۾ واهن ۽ شاخن جي وهڪري جي گنجائش گهٽجي وڃي ٿي ۽ پاڻي پڇڙيءَ تائين نٿو پهچي. هن سال پوڇڙ جي ڪيترن ئي آبادگارن جي دانهن هئي ته جولاءِ ۾ مکيه واهن ۾ پورو پاڻي اچڻ جي باوجود سندن شاخن ۽ ٻنين تائين پاڻي نه ٿي پهتو، ڇاڪاڻ ته ڊسٽريبيوٽرين ۽ مائنرن مان يا ته لَٽَ نه ڪڍي وئي هئي يا وري رستي ۾ اهو پاڻي ڏاڍن مڙسن جي ٻنين ڏانهن موڙيو پئي ويو. جيڪڏهن واڌو پاڻي هوندي سوندي به پوڇڙ تائين نه پهچي ته پوءِ بئراج تي موجود گهربل توڙي واڌو وهڪرن جو به ڪو فائدو نٿو رهي.
سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال پڻ انتهائي محدود آهي. اڄ ڪلھ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻيءَ جي ورڇ کي ٽيلي ميٽري، خودڪار ماپي ۽ سيٽلائيٽ مانيٽرنگ وسيلي ان ئي مهل ماپيو وڃي ٿو. اسان وٽ پاڻي وهڪرن جو نظام هيٺ کان مٿي تائين غيرشفافيت جو شڪار آهي. پاڻي ورهاست توري چڪاس جي نظام ۾ ايتريون انساني بدعنوانيون شامل آهن، جو ان کي سڌارڻ انتهائي ڏکيو ٿي پيو آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته جن کي آبپاشي نظام سڌارڻو آهي، اهي ئي ان کي بگاڙڻ جا ذميوار آهن. ان اندروني بدانتظاميءَ جو هڪ ٻيو نقصان اهو آهي ته ان ڪارڻ صوبي جو جائز سياسي موقف به ڪمزور ٿي وڃي ٿو. جڏهن سنڌ وفاق کان پنهنجي حصي جي پاڻيءَ جو مطالبو ڪري ٿي ته اهو مڪمل طور تي درست آهي پر جيڪڏهن صوبي اندر موجود پاڻيءَ جي ورڇ پاڻ ئي غيرمنصفاڻي هجي ته پوءِ عام آبادگار جي نظر ۾ پنجاب، ارسا وغيره جيترو ئي ذميوار اندروني نظام پڻ ٿئي ٿو. تنهن ڪري ملڪي سطح تي پاڻيءَ جي حقن لاءِ جدوجهد سان گڏ اندروني سڌارا پڻ لازمي آهن
( روزاني ڪاوش، 28 جولاءِ 2026ع