جلالپور ڪينال: سنڌ جي پاڻيءَ تي راتاهو
پنجاب سرڪار ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ ٻي تڪراري رٿا جلالپور واھ کي آزمائشي طور هلائي ڇڏيو آهي. سنڌ، منڍ کان هن رٿا تي اعتراض واريندي رهي پر مٿانهينءَ جي ڏاڍ جي نتيجي ۾ هي واھ وجود ۾ اچي ويو. جلالپور ڪينال پنجاب ۾ جھلم درياھ تي ٺهيل رسول بئراج جي ساڄي ڪپ وٽان نڪري ٿو. هي واھ لڳ ڀڳ 117 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنهن سان گڏ ڊسٽريبيوٽرين ۽ مائنر واهن جو هڪ وڏو ڄار پڻ شامل آهي. هن رٿا وسيلي جھلم کانسواءِ پنجاب جي پوٺوهار علائقي جي خوشاب، پنڊ دادن خان، پنڊي گھيب ۾ اٽڪل 170,000 ايڪڙ زمين کي سيراب ڪيو ويندو. ان مان اڪثر علائقن ۾ باراني آبپاشي ٿيندي آهي، جن کي هاڻي پاڻيءَ جو هڪ مستقل وسيلو ملي ويندو. هن واھ تي ٿيل خرچ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي واهر به شامل آهي. پنجاب حڪومت جو موقف رهيو آهي ته پوٺوهار جي جابلو ميدان جو علائقو برساتي زراعت تي ڀاڙڻ سبب ٻين زرعي علائقن جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل آهي ۽ جلال پور ڪينال ذريعي آبپاشي فراهم ٿيڻ سان فصلن جي اپت ۾ وڏي واڌ ايندي ۽ هن علائقي ۾ آسودگي ايندي. پاڻيءَ بابت پنجاب جو چوڻ آهي ته هي ڪينال رسول بئراج ذريعي جهلم درياهه مان پاڻي کڻي ٿو ۽ اهو پاڻي پنجاب جي 1991 واري پاڻي ٺاھ ۾ مقرر ڪيل حصي اندر استعمال ڪيو ويندو.
سنڌ پاران ٻئي پاسي اهو سوال اٿاريو ويو هو ته جڏهن پنجاب 1991 جي پاڻي ٺاھ ۾ پنهنجو سمورو پاڻي واهن وسيلي ورهائي چڪو آهي ته پوءِ هن واھ لاءِ واڌو پاڻي ڪٿان کنيو ويندو؟ ان جي ٻي معنا اها ٿي ته پنجاب، جهلم تي ڪنهن ٻئي واھ مان ايترو ئي پاڻي گهٽائي جلال پور واھ کي ڏيندو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پنجاب لکت ۾ ٻڌائي ته اهو پاڻي پنهنجي ڪهڙي واھ مان گهٽائيندو. هن وقت هر واھ مٿان اڳي ئي زمين آباد ٿي رهي آهي، جن علائقن جو پاڻي نئين واھ کي ڏنو ويندو. ان جي آبادگارن کي پاڻي ڪٿان ملندو. انهن سوالن جا جواب پروجيڪٽ جي پي سي ون دستاويز ۾ نه ٿا ملن. ان ڪري سنڌ کي خدشو آهي ته جڏهن جلال پور واھ کي پاڻي ڏيڻ سان جهلم جي ٻين تي بئراجن ۽ واهن تي کوٽ ٿيندي ته ان جي کوٽ ڀرڻ لاءِ لنڪ واهن وسيلي سنڌوءَ جو پاڻي موڙيو ويندو. ياد رهي ته جلال پور واھ جنهن علائقي ۾ آبادي ڪندو، اتي پاڻيءَ جي گهرج به وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي. رٿا جي پي سي ون مطابق هن رٿا جو پاڻي الائونس 6.75 في هزار ايڪڙ آهي. اهو سنڌ جي واهن کان اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جتي في هزار ايڪڙن تي 2.75 ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو آهي، جيئن ته آباد ٿيندڙ علائقا لوڻ کاڻين جي رينج ۾ آهن، تنهنڪري اتي مٽيءَ جي لوڻياٺي هجڻ سبب فصل اپائڻ لاءِ وڌيڪ پاڻي گهربل هوندو.
ٻي ڳالهه ته اهو واھ اپريل کان آڪٽوبر تائين هلايو ويندو. ان حالت ۾ جڏهن اپريل مئي ۾ هر سال پاڻي کوٽ جو بحران ٿيندو آهي، ان وقت پنجاب ۾ نه رڳو لنڪ واھ وهايا ويندا آهن پر جهلم نديءَ تي ٺهيل منگلا ڊيم ۾ پاڻي به ذخيرو ڪيو ويندو آهي. هن سال به اها ئي صورتحال رهي. ان صورت ۾ جيڪڏهن 1350ڪيوسڪ جو واھ وهايو ويندو ته خريف جي مُنڍ ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ويتر خراب ٿيندي. ياد رهي ته هن سال جون جي مهيني ۾ ڪوٽڙِي بئراج وٽ سٺ سيڪڙو تائين کوٽ ٿي هئي ۽ ان مهل به پنجاب ۾ ٻئي لنڪ واھ وهائي سنڌو درياھ مان پاڻي چناب جھلم زون کي ڏنو ٿي ويو ۽ منگلا ڊيم ۾ به پاڻي ڪَٺو ڪيو ٿي ويو. پنجاب پاران پنهنجي حصي مان پاڻي ڏيڻ واري دعوا چولستان واھ وقت به ڪئي وئي هئي ۽ تڏهن به سنڌ اهو سوال اٿاريو هو ته اهو واڌو پاڻي آهي ڪٿي؟ جيڪو نئين واھ ۾ وهايو ويندو. ارسا جلال پور واھ جي منظوري ڏيڻ وقت ان سوال کي ڄاڻي ٻجھي نظرانداز ڪيو ۽ منظوري ڏيڻ وقت لکيو ته ان ڪينال کي پنجاب جي مقرر ڪيل پاڻيءَ جي حصي اندر هلائبو ۽ ان لاءِ ڪنهن به واڌو پاڻيءَ جي ورهاست جي ضرورت نه پوندي. انهن روين سبب ارسا سنڌ ۾ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي. ارسا جي منظوريءَ جي آڌار ايڪنڪ پڻ ان رٿا جي منظوري ڏني ۽ سنڌ جي اعتراضن کي اورانگهي ڇڏيو.
سنڌ حڪومت رٿابندي جي شروعاتي مرحلي کان ئي جلال پور ڪينال جي مخالفت ڪندي رهي آهي. سنڌ جا اعتراض بنيادي طور ڪينال جي انجنيئرنگ ڊيزائن بابت نه، پر ان جي نتيجي ۾ درياهن مان عملي طور کنيو ويندڙ پاڻي ۽ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ تي پوندڙ اثرن بابت هئا. سنڌ جو موقف آهي ته پاڪستان جو درياهي نظام سال جي وڏي حصي دوران اڳ ئي شديد پاڻي کوٽ جو شڪار رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اپ اسٽريم تي نئين واهن جي اڏاوت درياهي نظام ۾ پاڻيءَ تي وڌيڪ دٻاءُ وڌائيندي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي جي لتاڙ ٿيڻ جو خدشو آهي. سنڌ جو اهو به چوڻ آهي ته هن رٿا جي منظوري، سنڌ پاران پاڻيءَ جي دستيابي بابت اٿاريل اعتراضن کي اطمينان بخش نموني حل ڪرڻ کان سواءِ ڏني وئي. سنڌ جو مطالبو هو ته ڪنهن به نئين واھ جي اڏاوت کان اڳ 1991ع جي پاڻي ورڇ ٺاھ هيٺ واڌو پاڻيءَ جي موجودگي ثابت ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن پنجاب جي درياهن جو سمورو پاڻي ان ٺاھ هيٺ اڳي ئي ورهايل آهي ته پوءِ واڌو پاڻي ڪٿان ايندو؟.
گذريل پاءُ صديءَ کان هر سال ارسا اپريل ۾ پاڻي کوٽ جو اعلان ڪندي 1991 واري پاڻي ٺاھ بدران ٽه رخي فارمولي هيٺ پاڻي ورهائيندي رهي آهي. ان جي معنا ته سنڌو درياهي سرشتي ۾ آڳاٽي خريف ۾ پاڻيءَ جي کوٽ رهندي آهي، پوءِ ڪنهن به نئين واھ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ان سوال جو جواب پنجاب، ارسا توڙي ايڪنڪ وٽ ناهي. هاڻي جڏهن اهو واھ تيار ٿي چڪو آهي ته ان جي ڪمانڊ ايريا به تيار ٿيندي. پوڻا ٻه لک کن ايڪڙن تي جڏهن آبپاشي شروع ٿيندي ته ان کي هن خريف ۾ پاڻي ڏيڻ اڻٽر ٿي پوندو. ان صورتحال ۾ جڏهن سوڪهڙي وارن ورهين ۾ درياهي نظام ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي ته ڇا ان واھ تي آبادي ڪندڙ هزارين آبادگارن کي پنجاب سرڪار سُڪيءَ تي ڇڏي ڏيندي. اهو ئي وقت هوندو، جڏهن لنڪ واهن مان واڌو پاڻي ڇڪي جلال پور واھ جي آبادگارن جي پورت ڪئي ويندي ۽ سنڌ هيٺاهينءَ تي هوندي رڳو رڙيون واڪا ڪندي رهندي.
ايڪنڪ ۾ جلال پور واھ جي پي سي ون تي ويچار دوران سنڌ جي آبپاشي کاتي باقاعدي پنهنجا تفصيلي اعتراض جمع ڪرايا. سنڌ ڏهن ڏهاڙن جي حساب سان پاڻي موجودگيءَ جا انگ اکر گھريا، جيڪي پڻ فراهم نه ڪيا ويا. ايڪنڪ جي اجلاس دوران به سنڌ جي نمائندن اهو موقف ورجايو ته هيءَ رٿا 1991ع جي پاڻي ورڇ واري ٺاھ جي روح جي ابتڙ آهي، ۽ جيستائين سنڌ جا اعتراض حل نه ٿين، تيستائين ان جي منظوري نه ڏني وڃي. اهي اعتراض سنڌ حڪومت طرفان باضابطه طور رڪارڊ تي آندا ويا ۽ بعد ۾ وفاقي حڪومت سان ٿيندڙ لک پڙھ ۾ پڻ ورجايا ويا. انهن مان هڪ اهم خط آڪٽوبر 2021ع ۾، سنڌ جي تڏهوڪي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي هدايتن تي موڪليو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جيستائين پنجاب اهو چِٽو نه ڪري ته سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ ان واھ لاءِ پاڻي ڪيئن فراهم ڪيو ويندو، تيستائين رٿا جي اڏاوت کي فوري طور روڪيو وڃي.پر وفاقي سرڪار سنڌ جي اعتراضن کي اورانگھيندي اهو واھ اڏي ڇڏيو.
22 نومبر 2021ع تي سنڌ اسيمبليءَ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ جلالپور ڪينال ۽ گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته انهن ٻنهي واهن جي اڏاوت فوري طور روڪي وڃي، ڇو ته اهي رٿائون 1991ع جي پاڻي ورڇ ٺاھ ۽ ارسا ايڪٽ، 1992ع جي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون. اسيمبلي ميمبرن لاڙ تائين پهچندڙ درياهي وهڪرن ۾ لڳاتار لاٿ ۽ سنڌو ڊيلٽا تي ان جي ناڪاري اثرن بابت پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي پر مرڪزي سرڪار توڙِي پنجاب سرڪار ان ٺهراءَ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. 2024ع ۾ سنڌ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) وٽ اهو معاملو کڻي وئي. ياد رهي ته سي سي آءِ آئيني ادارو آهي، جنهن وٽ صوبن وچ ۾ پاڻي تڪرار نبيرڻ جو اختيار آهي. اصولي طور جڏهن هڪ معاملو سي سي آءِ وٽ هيو ته ان جي نبيري ٿيڻ تائين ان رٿا کي روڪيو وڃي ها. ان فورم کان اڳتي سنڌ وٽ اهو معاملو پارليامينٽ تائين کڻي وڃڻ جو به اختيار هو پر وفاقي سرڪار سنڌ جي سمري گڏجاڻين ۾ بحث لاءِ ئي نه رکي ۽ انهن ٻن سالن ۾ اها رٿا مڪمل ڪرائي ورتي.
جلال پور واھ وسيلي هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا توڙي وفاقي سرڪار سنڌ جي پاڻيءَ تي راتاهو هنيو آهي. سنڌ کي هيٺاهينءَ تي هجڻ ۽ سياسي طور هيڻو هجڻ سبب اڳي ئي هر سال پاڻي کوٽ کي ڀوڳڻو پوندو آهي ۽ هن واھ ٺهڻ سان سنڌ جي واهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌيڪ سنگين ٿيندي. ساڳيءَ ريت سنڌو ڊيلٽا جيڪا اڳي ئي سال جا ڏھ مهينا پاڻي نه وهڻ سبب ماحولياتي برباديءَ جي ور چڙهي چڪي آهي، ان جي ماحولياتي نظام ۾ وڌيڪ تباهي ايندي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڪراچي توڙي حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ زرعي توڙي انساني واهپي جي پاڻيءَ جا معاملا ويتر سنگين ٿيندا. هن وقت به سال جو وڏو حصو انهن علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ هوندو آهي. اتي انساني آبادي هر سال هڪ بحران کي منهن ڏيندي. سنڌ جي پاڻيءَ تي راتاهن جو اهو سلسلو ڪٿي کُٽي ئي نٿو. انهن تجربن سبب سنڌ واسين جو وفاق ۽ ان جي ادارن تان ويساھ کڄي رهيو آهي.
(روزاني ڪاوش، 21 جولاءِ 2026ع)
-