جنگ، موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ
وچ اوڀر جي جنگ جيئن جيئن اينگهجي رهي آهي، دنيا ۾ مهانگائي ۽ کاڌ خوراڪ جو گهوٽالو گهاٽو ٿي رهيو آهي. تازو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته هرموز جي اهم سامونڊي لنگھ جي بندش عالمي معيشت کي گهُٽي رهي آهي. هن چتاءُ ڏنو ته هرموز جي سامونڊي لنگھ جي لاڳيتي بندش جي نتيجي ۾ وڌندڙ بحران ڪروڙين ماڻهن کي غربت ۾ ڌڪي سگهي ٿو، عالمي سطح تي بک ۾ تيزي آڻي سگهي ٿو ۽ دنيا کي معاشي لاٿ ڏانهن به ڌڪي سگهي ٿو. جيڪڏهن سال جي وچ تائين رنڊڪون جاري رهيون ته ان جا اثر تمام گهرا ٿيندا. اها صورتحال جاري رهي ته سوا 3 ڪروڙ ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ هليا ويندا ۽ ساڍا 4 ڪروڙ ماڻهو شديد بک جو شڪار ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ڀاڻ جي پيداوار گهٽجڻ سان فصلن جي اپت گهٽجي ويندي ۽ وڏي جاکوڙ سان دنيا ۾ ماڻيل ترقياتي ڪاميابيون هڪ رات ۾ ختم ٿي سگهن ٿيون. هن اهو به چيو ته بدترين صورتحال ۾، جيڪڏهن سال جي آخر تائين شديد رنڊڪون برقرار رهيون ته اسان عالمي معاشي لاٿ جي خطري کي منهن ڏينداسين، جنهن جا ماڻهن، معيشت توڙي سياسي ۽ سماجي استحڪام تي شديد اثر پوندا.
اهو هڪ خطرناڪ منظرنامو آهي، جيڪو عالمي معيشت، خوراڪ جي سلامتي Food security ۽ سياسي استحڪام لاءِ تباهيءَ جوڳا نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿو. ايراني نار ۾ علائقائي سياسي تڪرار جا عالمي خوراڪ جي سلامتي تي اُگرا اثر پئجي رهيا آهن، جيڪي جنگي ميدان کان گهڻو ڏور تائين ڏيهان ڏيھ پکڙيل آهن. انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (IFPRI) موجب عالمي تيل جي روانگي واپار جو 27 سيڪڙو، ايل اين جي واپار جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو ۽ عالمي ڀاڻ جي واپار جو لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو هرموز سامونڊي رستو استعمال ڪري ٿو، جيڪو ايراني نار کي عالمي پِڙين سان ڳنڍي ٿو. تنهنڪري، هرموز جي بندش نه رڳو تيل ۽ گئس جي اچ وڃ کي روڪي ڇڏيو آهي پر ڀاڻ جي چرپر کي به ڌَڪيندي عالمي خوراڪ جي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جديد خوراڪ جو نظام توانائي مارڪيٽن جي استحڪام، کليل سامونڊي واپاري رستن ۽ علائقائي سياسي حالتن تي دارومدار رکي ٿو. توانائي، خوراڪ جي نظام جو مکيه حصو آهي، ڇو ته تيل سان آبپاشي، ڀاڻ، ڪولڊ اسٽوريج، ۽ ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل آهي.
2007-2008 جي خوراڪ جي قيمتن واري عالمي گهوٽالي اسان کي ڏيکاريو ته ڪيئن توانائي جي ڌڪن، برآمدي پابندين ۽ واپار ۾ اٿل پٿل جي گڏيل اثر سان اناج جي قيمتن ۾ ٻيڻي يا ٽيڻي واڌ اچي سگهي ٿي. ان سان لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪار ٿيا ۽ 15 کان وڌيڪ ملڪن ۾ کاڌ خوراڪ تان هنگاما ٿيا. ان کان سواءِ، روس-يوڪرين جنگ ڏيکاريو ته ڪيئن ڪاري سمنڊ Black Sea جي سامونڊي لنگھ ۾ رنڊڪ سبب ڪڻڪ جي عالمي قيمتن ۾ ڪجهه هفتن اندر 55 سيڪڙو واڌ ٿي. هاڻي هرموز سان به اهڙي ئي صورتحال جنم وٺي رهي آهي. هڪ شپنگ سروس ڪمپني موجب، دنيا جي ڀاڻ جو 20 سيڪڙو نار واري علائقي مان اچي ٿو، جڏهن ته دنيا ۾ يوريا ڀاڻ جو 46 سيڪڙو اتان ايندو آهي. قطر فرٽيلائيزر ڪمپني، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي يوريا فراهم ڪندڙ سمجهي وڃي ٿي، اڪيلي سر 14 سيڪڙو يوريا فراهم ڪري ٿي. جڏهن قطر جي ايل اين جي پلانٽ تي حملا ٿيا ته قطر جي سرڪاري توانائي ڪمپني آتر Energy دنيا جي سڀ کان وڏي يوريا پلانٽ مان پيداوار روڪي ڇڏي. ايل اين جي پيداوار گهٽجڻ سبب ڀارت پنهنجن ٽن يوريا ٺاهيندڙ ڪارخانن جي پيداوار گهٽائي ڇڏي، جڏهن ته بنگلاديش پنهنجي 5 مان 4 ڀاڻ فيڪٽريون بند ڪري ڇڏيون. ساڳئي وقت، وچ اوڀر مان يوريا جي برآمدي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا 500 ڊالر في ٽن کان وڌي 700 ڊالر کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي. هاڻوڪي قيمت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ياد رهي ته ايشيائي ملڪ نار واري ڀاڻ تي گهڻو ڀاڙيندا آهن، جتان 35 سيڪڙو يوريا، 53 سيڪڙو سلفر ۽ 64 سيڪڙو امونيا گهرايو ويندو آهي. اهي برآمدات خاص طور تي ڀارت، برازيل ۽ چين لاءِ اهم آهن. جڏهن ته مراڪش، آمريڪا، آسٽريليا ۽ انڊونيشيا به انهن ملن جي ڀاڻ تي ڀاڙين ٿا. ڀارت وچ اوڀر مان 40 سيڪڙو کان وڌيڪ يوريا ۽ فاسفيٽ ڀاڻ گهرائي ٿو. ڀارت دنيا جو وڏو زرعي اپت وارو ملڪ آهي، جتي چانور، ڪڻڪ، دالون ۽ ميوا وڏي مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا. 2024 ۾ ڀارتي چانور عالمي برآمدات جو چوٿون حصو هئا. برازيل تقريباً مڪمل طور تي ڀاڻ جي درآمد تي ڀاڙيندو آهي، جنهن جو اڌ هرموز واري لنگھ مان گذري ٿو. آمريڪي زراعت کاتي موجب، برازيل دنيا جي 60 سيڪڙو سويا بين جو واپار ڪري ٿو. چين به وڏو زرعي اپت وارو ملڪ آهي، جيڪو چانهه، ٿوم ۽ کُنڀيون ڪيترن ئي ملڪن کي فراهم ڪري ٿو. هرموز جي گهوٽالي کان پوءِ چين به پنهنجي ملڪي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڀاڻ جي روانگي واپار تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن سان عالمي پڙيءَ ۾ ڀاڻ جي وڌيڪ کوٽ ٿي رهي آهي. IFPRI موجب، چين جي ڀاڻ وڪري تي پابندي ۽ هرموز جي بندش گڏجي عالمي ڀاڻ پِڙي ۽ خوراڪ جي سلامتي کي وڏو ڌڪ رسائيندا. آمريڪا پڻ ڀاڻ جي فراهمي ۾ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ڀاڻ جي کوٽ ۽ وڌندڙ اگھ فصلن جي پيداوار کي گهٽائيندا، جنهن سان دنيا ۾ خوراڪ جي فراهمي متاثر ٿيندي. چانور، ڪڻڪ، مڪئي ۽ سويا جهڙن فصلن جي گهٽ اُپت عالمي مارڪيٽ ۾ انهن جنسن جون قيمتون وڌائيندي ۽ خاص طور تي ٻاهران اهي جنسون گهرائيندڙ ملڪن ۾ غذائي کوٽ پيدا ٿيندي. هن وقت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پوک جي موسم شروع ٿيڻ تي هارين کي ڀاڻ نه پيو ملي، ۽ جيڪڏهن ملي به ٿو ته ان جو اگھ تمام گهڻو آهي. ٿائيلينڊ کان وٺي ويٽنام تائين هاري ساڳئي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ هينئر پوکيءَ جو وقت آهي، پر اتي ڀاڻ ناهي. انڊونيشيا ۾ مارچ کان مئي دوران چانور جي پوک واري ايراضي ۾ 10.6 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ يوريا جي قيمت 40 سيڪڙو کان به ٽَپي وئي آهي. جنگ، ڀاڻ جي پيداوار ۽ ان جي ٽرانسپورٽ ٻنهي کي متاثر ڪيو آهي. جڏهن ته انشورنس جي وڌندڙ قيمتن سبب شپنگ جو خرچ به گهڻو وڌي ويو آهي، نتيجي ۾ سامونڊي ٽرانسپورٽ جا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌي ويا آهن.
ايران جنگ سبب ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ڀاڻ جي کوٽ ڪري ايشيا ۾ چانور جي پيداوار گهٽجڻ جو امڪان آهي. ساڳئي وقت ايل نينو El Nino جي موسمياتي صورتحال سبب به فصلن جي پيداوار کي ڌڪ رسڻ جو انديشو آهي. انهن ملڪن ۾ چانورن جي اپت گهٽجي سگهي ٿي. چانور عالمي خوراڪ جي سلامتيءَ لاءِ انتهائي اهم آهن. چانورن جي ٿوري کوٽ به ان جي عالمي قيمتن تي خاص طور تي ايشيا ۽ آفريڪا ۾ وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. ياد رهي ته 2008ع ۾ برآمدي پابندين سبب چانورن جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي هئي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ احتجاج ٿيا هئا.
پاڪستان به انهن 10 ملڪن مان هڪ آهي، جتي خوراڪ جي شديد کوٽ وڌيڪ آهي. 2026ع جي عالمي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2025ع دوران لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو خوراڪ جي شديد کوٽ جو شڪار هئا. انهن مان 93 لک “بحراني” حالت ۾ ۽ 17 لک ماڻهو “هنگامي” صورتحال ۾ هئا. سڄي دنيا ۾ ٻوڏن سبب خوراڪ جي سلامتي متاثر ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ به شديد برساتن ۽ ٻوڏن 60 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ زرعي زمين تباهه ٿي وئي. ان کان اڳ 2022ع ۾ ٻوڏن سبب سنڌ ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ٻوڏون ۽ گرميءَ جي لهر زرعي اپت کي ڌڪ رسائي سگهن ٿيون. هن سال پاڪستان ۾ ايل نينو موسمياتي اثر سبب وڌيڪ گرمي ۽ رواجي کان گهٽ مينهن جي اڳڪٿي آهي. گرمي پد وڌڻ سبب اترين علائقن ۾ وڌيڪ برف رِجڻ سان سنڌو درياھ ۾ چاڙھ اچي سگهي ٿو. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن زرعي اُپت کي ڌڪ رسيو ته ان سان جنگ سبب ٿيندڙ غذائي مهانگائيءَ جي اثرن ۾ وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي. هيٺيون وچولو طبقو ان صورتحال ۾ غذائي اڻاٺ جو نشانو بڻجي سگهي ٿو.
هن وقت پاڪستان ۾ خريف جي پوکيءَ جو وقت آهي، پاڪستان جيئن ته وڏي مقدار ۾ ڀاڻ پيدا ڪري ٿو، تنهنڪري ان کي ڀاڻ جي کوٽ کي منهن نه پيو ڏيڻو پئي پر ان جي باوجود ملڪ ۾ غذائي شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، ان جو بنيادي ڪارڻ پيٽروليم جا اگهه وڌڻ آهي، جنهن سان کاڌ خوراڪ جي چرپر مهانگي ٿي چڪي آهي. جيتوڻيڪ سرڪار پاران عوامي سفري سهولتن ۽ مال ڍوئيندڙ گاڏين کي تيل جي مد ۾ رعايت طور روڪ رقم ڏني پئي وڃي پر ان جي باوجود ٽرانسپورٽ جا اگهه چڙهندا رهن ٿا، ان جي نتيجي ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه وڌندا رهن ٿا، جنهن جو سڌو سنئون اثر هيٺين ۽ وچولي طبقي تي پئي ٿو. ساڳي وقت پاڪستان ساليانو 8 کان 10 ارب ڊالرن جون کاڌي پيتي جون شيون پرڏيهه مان گهرائيندو آهي، جيڪي هاڻ مهانگي اگهه تي ملنديون. پاڪستان کاڄرو تيل، چانهه، دالين سميت کاڌ خوراڪ جا ڪيترائي اسم ٻاهران گهرائي ٿو، انهن ملڪن ۾ ڀاڻ ۽ ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيڻ سان اتان ايندڙ شيون پڻ مهانگيون ٿي رهيون آهن. ڪيترين ئي سرويز ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيئن جيئن عام ماڻهن جي خريداري سگهه گهٽجندي آهي، سندن بجيٽ تي هلندڙ ڇري کاڌ خوراڪ کان شروع ٿيندي آهي. ان صورتحال ۾ پاڪستان کي ڊگهي مدي واري غذائي رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ پاڻي، زمين ۽ ٺهڪندڙ آبهوا سبب زرعي اپت وڌائڻ جا انيڪ موقعا موجود آهن. ملڪ ۾ پاڻي ۽ مٽيءَ جي پيداوار پاڙيسري ملڪن کان به گهٽ آهي. زرعي ترقياتي بئنڪ جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان پنهنجي صلاحيت جي ڀيٽ ۾ رڳو 38 سيڪڙو اُپت حاصل ڪري ٿو. ان جو مطلب ته ساڳي زمين ۽ پاڻيءَ مان ان اپت کي گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. ڊگهي مدي ۾ پاڪستان کي پنهنجي غذائي تحفظ لاءِ جامع پاليسي ۽ عمل جي ضرورت آهي. اهو ڪم صوبائي حڪومتن کي ڪرڻ گهرجي ڇو ته زراعت صوبائي اسم آهي.
( روزاني ڪاوش، 5 مئي 2026ع)