Naseer Memon

Articles and Resources

CLIMATE POLICY • WATER GOVERNANCE • SUSTAINABLE DEVELOPMENT   CHAMPIONING •  CLIMATE RESILIENCE •  POLICY INNOVATION

 سنڌ جي يونيورسٽين جو سماجي ڪارج

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي هڪ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردياڻيءَ پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ مون سان رابطو ڪيو، هن ٻڌايو ته سندس ڊاڪٽريٽ جي تحقيق جو موضوع بيٺڪِيتي دور ۾ ٻوڏن جي ڪارڻن، انتظامڪاريءَ ۽ انگريزي حڪمرانن جي ٻوڏن بابت روين جي ڇنڊڇاڻ آهي. ٻه ٽي هفتا اڳ اسلام آباد سان تعلق رکندڙ پرڏيهه ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ هڪ ٻيءَ شاگردياڻيءَ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ بابت درياهي آبادين جي تاريخي/روايتي طور طريقن بابت پنهنجي تحقيق جي سلسلي ۾ رابطو ڪيو. انهن ٻنهي شاگردياڻين سنڌو درياهه جي مختلف علائقن ۾ وڃي ماڻهن سان به ملاقاتون ڪيون هيون ۽ سنڌو درياهه بابت ڪيترن ئي دستاويزن کي به پڙهي چڪيون هيون. انهن مان هڪ شاگردياڻيءَ سنڌ آرڪائيوز کاتي جي لائبريريءَ مان تمام ڪارائتو مواد ملڻ جي به واکاڻ ڪئي، ائين پرڏيهه ۾ ماسٽرز ۽ ڊاڪٽريٽ ڪندڙ ڪيترائي شاگرد/شاگردياڻيون پڻ وقت به وقت پاڻي ۽ ٻوڏن وغيره جي تحقيقي ڪم جي حوالي سان رابطو ڪندا رهن ٿا. انهن مان گهڻا ئي پنجاب سان تعلق رکندڙ آهي، ٻه ٽي پرڏيهي به ان ڏس ۾ مون سان لهه وچڙ ۾ رهيا آهن. مطلب ته سنڌو درياهه جي وهڪرن، ٻوڏن، پاڻي ورڇ جي تڪرارن ۽ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن بابت ڪيترائي نوجوان تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن، اتفاق جي ڳالهه آهي ته هڪ ٻن کان سواءِ انهن جو سنڌ سان تعلق نه هو. ممڪن آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ يا اسان جا شاگرد ٻئي هنڌ ڪٿي اهڙو تحقيقي ڪم ڪندا هوندا ۽ مقامي هجڻ سبب انهن وٽ شايد ايتري گهڻي ڄاڻ موجود هوندي جو هنن کي مون سان رابطو ڪرڻ جي گهرج نه پئي هوندي. ٻيو گمان اهو ٿئي ٿو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ ان بابت تحقيق تمام ٿوري ٿي رهي هجي.

هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ موجب سنڌ ۾ يونيورسٽين ۽ انسٽيٽيوٽس جو انگ 81 آهي. ڪميشن جي سالياني رپورٽ موجب 23-2022ع ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڪل 3542 پي ايڇ ڊي ڪيل استاد پڙهائي رهيا هئا، جن ۾ 1302 خانگي ۽ 2240 سرڪاري يونيورسٽين ۾ هئا. ان انگ ۾ ڪجھ يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي استادن جا انگ هن ريت آهن، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو (315)، اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي (266)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 371، سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام (189)، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور (112)، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه (149)، بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولمينٽ خيرپور (15)، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور (11)، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه (62) ۽ اروڙ يونيورسٽي (19). ائين سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ به سوين پي ايڇ ڊي استاد ۽ شاگرد آهن، هي سڀ مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري چڪا يا ڪري رهيا هوندا، انهن مان ڪن جو تحقيقي ڪم سنڌ سان به لاڳاپيل هوندو. سوال اهو آهي ته اهي هزارين ماڻهو جيڪو تحقيقي ڪم ڪري چڪا يا ڪري رهيا هوندا، انهن جو سنڌ بابت ڪيل تحقيقي ڪم سنڌ جي ڪهڙي ڪم آيو آهي. مان  ان بابت ڪا سطحي راءِ ڏئي ڪنهن جي علمي پورهئي کي بي مانائتو نٿو ڪرڻ گهران، پر عملي تحقيق جيڪڏهن ڪاغذن مان نڪري ڪا عملي شڪل اختيار نه ٿي ڪري ته ان بابت سوال اٿارڻ ۾ ڪا به خرابي ناهي. عملي تحقيق جو ڪنهن به سماج ۾ اهم ڪارج هوندو آهي. ماسٽرس يا ڊاڪٽريٽ جي تحقيق ڪو معمولي ڪم ناهي هوندو. ڊاڪٽريٽ ته خاص طور تي علمي کوجنا جو سڀ کان مٿانهون درجو رکي ٿو. يونيورسٽيون، باقي تعليمي ادارن کان رڳو تحقيق جي ڪري ئي مختلف هونديون آهن. ڪاليج يا ان کان هيٺين سطح تي پڙهايو ويندو آهي، جڏهن  ته يونيورسٽين جو بنيادي ڪم پڙهائڻ نه پر تحقيق ڪرڻ آهي. اصولي طور يونيورسٽين جو ڪم ڄاڻ پيدا ڪرڻ (Knowledge Creation) آهي. دنيا ۾ هاڻي يونيورسٽين بابت هڪ بنيادي سوال انهن جو ڪميونٽيءَ لاءِ ڪردار آهي. ٿورن لفظن ۾ ته جيڪڏهن يونيورسٽين جو تحقيقي ڪم پنهنجي سماج (ڪميونٽيءَ) سان سلهاڙيل ناهي يا ان جي مسئلن جو ڪم ڇيد يا حل ڳولڻ ۾ واهر نه ٿو ڏئي ته ان تحقيق جو ڪارج رڳو هڪ ڊگري يا ڪاغذ جي اهڙي پرزي ۾ بدلجي وڃي ٿو، جيڪو رڳو نوڪري يا پروموشن لاءِ ئي ڪارائتو رهندو. مان هتي تحقيقي ۽ علمي ڪم جي معيار نه پر رڳو ان جي ڪارج جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.

هونئن ته سڄي دنيا هڪ گڏيل انساني سماج طور اسان جو اجتماعي گهر آهي ۽ ان جي ڪنهن به خطي تي ٿيل تحقيقي ڪم مانائتو آهي، ڇو ته اهو اجتماعي علمي ورثي جو حصو هوندو آهي، پر يونيورسٽين ۽ محققن کي پهرين اوليت پنهنجي آس پاس جي مسئلن کي ڏيڻ گهرجي، جن جو اسان جي زندگين سان سڌو ڳانڍاپو آهي. سنڌ سان لاڳاپيل انيڪ مسئلا پڻ اونهي کوجنا گهرن ٿا، اها کوجنا سنڌ بابت ضرور هوندي پر اها رڳو سنڌ لاءِ نه هوندي. جيڪڏهن سنڌ سان لاڳاپيل مسئلا يونيورسٽين جي تحقيق جو مرڪز هجڻ گهرجن، سنڌ جو پاڻي، زمين، معدنيات، آبپاشي نظام، نيڪال جو نظام، جابلو نئيون، زرعي جنسون، زرعي اپت، پوکيءَ جا طور طريقا، جديد ٽيڪنالاجيءَ جو زراعت ۾ واهپو، ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ روزگار جا وسيلا، هنري سکيا جي صورتحال، ٻهراڙين ۾ صنعتڪاري، چوپائي مال جي معيشيت، انتهاپسنديءَ وارا رويا، عورتن خلاف ڏوهه، ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ، معدنيٰ وسيلن جي مالڪي، تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي صورتحال، موسمي ڦير گهير جا معيشت تي اثر، گهرن جي اڏاوت، ساحلي پٽي جي معيشت، ٻيٽن تي رهندڙ لوڪن جي زندگي، ڪچي واري علائقي جي معيشت، ڌاڙيلن جي وارداتن، غربت جي صورتحال، روڊن رستن جو معيار، عورتن جي تعليم، عورتن جي صحت، ٻارن جي صحت، غربت جا تعليم ۽ صحت تي اثر، پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت، ٻهراڙين ۾ نيڪال جي نظام جي صورتحال، وارياسن ۽ جابلو پٽن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگين، دريائي ۽ ساحلي ٻيلن جي صورتحال، جابلو چوٽين جي زندگي، سنڌ جي سياحتي معيشت وغيره ان ڊگهي فهرست جا رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پاسا آهن، جن جو هتي حوالو ڏنو ويو آهي، انهن ۽ اهڙن سوين ٻين معاملن تي ضلعي سطح تي به تحقيقي ڪم ٿي سگهي ٿو. سنڌ جون يونيورسٽيون، بيچلرز، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگرين لاءِ شاگردن کان انهن موضوعن تي سنجيده تحقيق ڪرائن، ۽ ان تحقيقي ڪم کي عوامي بحث، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا وسيلي عوام ۽ پاليسيون ٺاهيندڙن تائين پهچائن ته ان تحقيقي ڪم جو سنڌ لاءِ وڏو ڪارج ٿي سگهي ٿو.

مون کي پڪ آهي ته يونيورسٽين ۾ ان قسم جو ڪجهه ڪم ٿيندو به هوندو پر اهو عوام تائين يا پاليسيون ٺاهيندڙن تائين نه پهچندو ته ان جو سماجي ڪارج نه رهندو. انهن ئي موضوعن تي سنڌ جون يونيورسٽيون بحث مباحثا، ڪانفرنسون، ورڪشاپس به ڪرائي سگهن ٿيون. سنڌ سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي يونيورسٽين کي عوامي آگاهيءَ لاءِ ورلي ڪي ڪانفرنسون يا سيمينار ڪندي ڏٺو ويو آهي. اتي ٿيندڙ ڪانفرنسون ۽ سمپوزيم به فني نوعيت جا ۽ رڳو تعليمدانن تائين محدود هوندا آهن. ان ڪم جي الڳ اهميت آهي، ۽ اهو ڪم به جاري رهڻ گهرجي پر ان سڄي عمل ۾ سماج سان سڌو سنئون تعلق نه هجڻ، يونيورسٽين جي سماج/ڪميونٽي واري ڪارج کي ڪمزور ڪري ٿو. سنڌي سماج سان لاڳاپيل انهن مسئلن کي يونيورسٽين پاران علمي ۽ تحقيقي اڳواڻي فراهم ڪرڻ گهرجي.

سنڌ واسين جي زندگين سان سڌو تعلق رکندڙ معاملن کي تحقيقي ڪم ۾ اوليت ڏيڻ گهرجي، اها تحقيق مقامي سطح تي انتظامي ادارن ۽ مٿين سطح تي پاليسيون ٺاهيندڙن لاءِ ڪارائتي ٿي سگهي ٿي. اهڙي تحقيق ميڊيا، سماجي ڪارڪنن، سياسي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي لاءِ دليل وسيلي آواز اٿارڻ جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. ائين يونيورسٽيون پاڻ کي عوامي زندگين سان ڳنڍي ان ۾ هاڪاري تبديليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ساڳي طرح يونيورسٽين وٽ بهترين انفرااسٽڪچر ۽ سهولتون موجود آهن، جيڪي عوامي ڳالهه ٻولهه ۽ جاڳرتا لاءِ مهيا ٿيڻ گهرجي. يونيورسٽين جا ڪشادا آڊيٽوريم ۽ ميٽنگ هال سڄي سال ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ مس استعمال ٿيندا آهن، انهن کي عوامي ڀلائيءَ وارا پروگرام ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. يونيورسٽي انتظاميا ان ڏس ۾ ڪي ضابطا مقرر ڪري سگهي ته جيئن انهن سهولتن جو ذميوارڻو استعمال ٿئي. سماج ۾ عوامي زندگين سان لاڳاپيل انيڪ معاملا اهڙا آهن، جن تي ڳالهه ٻولهه جا پروگرام ڪرڻ تي حڪومت يا ڪنهن ٻئي اداري کي ڪو به اعتراض نه هوندو.  يونيورسٽين ۾ موجود قيادت کي رڳو ان ڏس ۾ پنهنجي سوچ کي نواڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اڄ ڪلهه سختيءَ واري ماحول سبب شايد کين ڪجهه محتاط واري پاليسي رکڻي پوندي، پر انهن پابندين جي اندر به انيڪ موضوع غير تڪراري آهن، جن تي عوامي سيمينار ڪرائڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو. مثال طور سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي معيار، نيڪال جي نظام، مڪاني ادارن جي ڪردار، عورتن خلاف ڏوهن، موسمياتي ڦير گهير جا معيشت تي اثر، گرمي پد وڌڻ جا شهري زندگيءَ تي اثر، بجيٽ جي کپت جي انگن اکرن، غربت گهٽائڻ بابت حڪمت عملين وغيره جهڙا اڻ ڳڻيا موضوع عوامي ڳالهه ٻولهه لاءِ ۽ انهن بابت يونيورسٽين جي پنهنجي ڪيل تحقيق عوام تائين پهچائڻ ۾ هروڀرو ڪا رنڊڪ اچڻ جو امڪان ناهي. ان ڪم لاءِ ڪي وڏا مالي وسيلا به گهربل ناهن، يونيورسٽين جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن کي انهن ادارن جي سماجي ڪارج بابت نئين سر سوچڻ جي ضرورت آهي.

( روزاني ڪاوش، 23 جون 2026ع)

-