سنڌ لاءِ هٿرادو سوڪهڙو
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي کان وڌي گهوٽالي (بحران) واري صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هي مضمون لکڻ وقت پنجين جون جي ڏهاڙي بئراجن تي پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو هو. گڊو بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو وڌيڪ گهٽجي 74,500 ڪيوسڪ ٿي چڪو هو. 1991ع جي آبي معاهدي هيٺ اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۽ بلوچستان کي گڊو بئراج تي مجموعي طور 108,340 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي ها. ائين گڊوءَ تي سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي حصي کان 31 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو هو. گذريل سال اڄوڪي ڏينهن گڊوءَ تي لڳ ڀڳ ٻيڻو پاڻي وهي رهيو هو (اڄ 143,000 ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ رڳو 74,600 ڪيوسڪ آهي). ٻئي پاسي انهن حالتن ۾ تربيلا ڊيم ۾ 29 هزار ڪيوسڪ ۽ منگلا ڊيم ۾ 16,700 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو پيو وڃي. ان ئي دوران سنڌو نديءَ مان جهلم چناب زون کي لنڪ ڪئنالن ذريعي 28,500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ان زون کي منگلا ڊيم مان پاڻي فراهم ڪري سگهجي ٿو. لنڪ ڪئنالن ۾ پاڻيءَ جو مقدار روزانو وڌي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٻنهي ۾ پاڻيءَ جي ذخيري ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ هن وقت فصلن کي خريف لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت آهي. هن وقت تربيلا ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ ۽ منگلا ڊيم ۾ اڍائي ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو ذخيرو موجود آهي. لنڪ ڪئنالن کي تيستائين بند رکڻ گهرجي، جيسيتائين گڊوءَ تي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ شروع ٿي وڃي. ٻيءَ صورت ۾ سنڌ ۾ خريف جي فصلن تي سخت ناڪاري اثر پوندو. سنڌ حڪومت کي هاڻي روايتي خط و ڪتابت کان مٿانهين سطح تي اهو معاملو اٿارڻو پوندو، نه ته سنڌ کي جون ۾ گهربل پاڻي نه ملي سگهندو.
اپريل جي منڍ ۾ ارسا جي صلاحڪار ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ خريف جي مند ۾ درياهي نظام ۾ سراسري طور 15 سيڪڙو کوٽ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو، پر هاڻي نوبت اها آهي جو ڊيمن ۾ پاڻي موجود هجڻ جي باوجود 30 سيڪڙو کان کوٽ وڌي وئي آهي. جون جي ٻئين ڏهاڪي ۾ خدشو آهي ته کوٽ جو مقدار اڃا وڌي ويندو ڇو ته ان وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل اندينٽ 135,000 ڪيوسڪ کان وڌي ويندي. ڪالھ تربيلا مان ڇوڙ وڌائي هڪ لک ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، پر ان کي گڊوءَ تائين پهچندي هفتو لڳندو ۽ اتي پهچڻ تائين رستي ۾ لنڪ واهن، زيان ۽ چوريءَ کان پوءِ 75 کان 80 هزار ڪيوسڪ مس پهچندو. ان وچ ۾ ڪابل جي وهڪري مان ڪجهه واهر ٿي تڏهن به لک کن ڪيوسڪ ئي پهچندو ۽ کوٽ جو سيڪڙو برقرار رهندو. هن صديءَ جي منڍ کان ارسا هر سال پاڻيءَ جي کوٽ قرار ڏئي پاڻيءَ جي ورڇ 1991ع واري ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي هيٺ ڪندي آهي، جنهن ۾ سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملندو آهي. هن سال ته اچرج واري ڳالھ آھي جو مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مٿان چوماسي جي مند ۾ ٻوڏ وهڪرن لاءِ ڊيمن ۾ گنجائش رکڻي هوندي آهي. ڊيمن ۾ ذخيرو جولاءِ ۾ ڪرڻ گهرجي ها. سنڌ کي هن وقت ڪمند، ڦٽي، سارين، انبن ۽ مندائتين ڀاڄين لاءِ پاڻي گهرجي.
ياد رهي ته هن سال پاڻيءَ جي صورتحال گذريل سال جهڙي سنگين نه هئي. گذريل سال مارچ جي وچ تائين ڊيمن ترو وڃي وتو هو. گذريل سال جي سوڪهڙي واري صورتحال جي ڀيٽ ۾ هن سال موسمي صورتحال گهڻي بهتر رهي آهي. مارچ جي وچ کان ملڪ جي اترين علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ سٺا وسڪارا ٿيا آهن، گلگت بلتستان ۽ خيرپورپختونخواه ۾ سٺا مينهن وسڻ سبب ڊيمن جي مٿانهين واري جابلو پٽيءَ مان وهڪرا درياهن ۾ لٿا هئا. ان ڪري ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي. گذريل سال اپريل ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي يعني ارسا اپريل ۾ درياهي نظام ۾ 43 سيڪڙو پاڻيءَ کوٽ جو اعلان ڪيو هو ۽ اپريل ۾ ارسا رڳو پيئڻ جو پاڻي واهن ۾ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته مارچ ۾ موسميات کاتي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڏڪار جي اڳڪٿي ڪئي هئي. سنڌ جي بئراجن تي آڳاٽي خريف جي اهم وقت 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ هئي. البته تڏهن به لنڪن واهن وسيلي چناب - جهلم زون کي پاڻي ڏنو ٿي ويو جنهن تي ارسا ۾ سنڌ جي تڏهوڪي ميمبر احسان لغاريءَ سنڌوءَ مان لنڪ ڪئنالن جي وهڪري تي سخت اعتراض پڻ واريا هئا.
پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ خريف جي پوکي اڳ ۾ شروع ٿيندي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ ۾ مارچ ۽ اپريل جي مهينن دوران پاڻيءَ جي کوٽ وونئڻ، ڪمند، انب ۽ ڀاڄين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي. هن سال الهندي پاسي کان ايندڙ موسمي نظام سبب برساتن جا لڳاتار سلسلا آيا، جنهن ڪري ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي ذخيري جي سطح ۾ واڌ ٿي. تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ گذريل پنجن سالن دوران اپريل جي پهرئين هفتي ۾ ايترو پاڻي ناهي آيو. هن سال موسمي اڳڪٿي به ڪا سٺي ناهي. هن خطي ۾ ”ايل نينو“ موسمي اثر سبب ملڪ ۾ رواجي کان گهٽ مينهن وسڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موسمياتي اڳڪٿيءَ موجب هن سال گلگت بلتستان ۾ گرميءَ پد رواجي کان مٿانهون رهندو. ان ڪري امڪان آهي ته برفاني جبل وڌيڪ تيزيءَ سان ڳرندا. هن سال سياري ۾ اترين علائقن ۾ برف دير سان پئي آهي، جنهنڪري اها اڃا ڪچي برف آهي. امڪان آهي ته وڌندڙ گرميءَ پد سان ڪچي برف وڌيڪ رجڻ سان وڏا وهڪرا سنڌوءَ ۾ اچي سگهن ٿا.
موسمياتي اڳڪٿيءَ موجب هن سال گرميءَ پد جي سڀ کان وڌيڪ واڌ گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ اتر خيبر پختونخواهه ۾ ٿيندي. گرميءَ پد جي نقشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا سمورا ضلعا به رواجي کان وڌيڪ گرميءَ پد جي وڪڙ ۾ رهندا. مئي جي پڇاڙي ۽ جون جي منڍ ۾ سنڌ ۾ گرميءَ پد جي شديد واڌ نظر آئي آهي. هڪ ڏينهن اهڙو به هو جڏهن دادوءَ ۾ گرميءَ پد 52.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اترين علائقن ۾ گرميءَ پد ايندڙ ڏينهن ۾ وڌڻ جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه جي مٿانهن علائقن ۾ گرميءَ پد سان سنڌو درياھ ۽ ان جي جابلو ڀرتو ندين جي وهڪري جو تعين ٿيندو آهي. البته هن سال برفباري گهٽ ٿيڻ سبب وهڪرا گهٽ رهڻ جو انديشو آهي. مارچ جي پڇاڙيءَ تائين سياري دوران ٿيندڙ برفباري گذريل 20 سالن جي سالياني سراسريءَ کان 30 سيڪڙو گهٽ رهي آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن درياهي وهڪرا ۽ برساتون گهٽ هجڻ جو انديشو آهي، سنڌ پوڇڙ ۾ هجڻ سبب ڳڻتيءَ جو شڪار آهي. فصلن جي پوکيءَ وقت ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪجي ۽ لنڪ واهن ۾ وهايو وڃي ته سنڌ جا ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ته کين درياهي نظام ۾ هيٺاهينءَ تي هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.ارسا سنڌ جي نئين ميمبر انجنيئر شفقت وڌو ان معاملي تي اندر ڳالهايو آهي پر هميشه جيان ارسا ۾ سنڌ جي آواز کي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي حڪمران پارٽي هن وقت وفاقي سرڪار سان ڀائيوار آهي پر ان هوندي به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي. صاف نظر اچي پيو ته هاڻي معاملو ارسا ميمبر جي سنڀالڻ کان مٿي چڙهي چڪو آهي. سنڌ سرڪار کي اهو معاملو بنا دير جي مٿين سطح تي سنجيدگيءَ سان کڻڻ گهرجي. جون ۾ پاڻي نه ملڻ سان سنڌ ۾ خريف جي فصلن جي اپت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو انديشو آهي. صوبي ۾ اڳي ئي ڪڻڪ جي اگھ جو گهوٽالو هلندڙ آهي. نار واري جنگ سبب مهانگائيءَ جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. اهي ته سرڪاري انگ آهن، سرزمين تي صورتحال وڌيڪ خراب آهي. ان بحراني حالت ۾ خريف جا فصل سٺا نه ٿيا ته سنڌ کي شديد معاشي ڌڪ رسندو.
هي وقت رسمي بيان بازيءَ جو ناهي. سنڌ حڪومت کي ترت اپاءَ وٺڻ گهرجن. ان صورتحال جا سياسي نتيجا اگرا نڪري سگهن ٿا. سنڌ سرڪار پنهنجي ڪارڪردگيءَ سبب اڳي ئي عوامي ردعمل جي ور چڙهيل آهي مٿان پاڻيءَ واري معاملي تي ان جي ڪا چٽي اڳڀرائي نظر نه اچڻ تي سنڌ واسين ۾ نڌڻڪائپ جو احساس سگهارو ٿي رهيو آهي. پنجاب سرڪار پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ۽ ان کي سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جو ڪو احساس ناهي. سنڌ سرڪار جي وفاق ۾ هجڻ سان سنڌ کي ڪهڙو فائدو جيڪڏهن ان کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي به نه ملي سگهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاقي حڪومت کان اها ڳالهه مڃرائي ته سنڌ کي انڊنيٽ جو پاڻي چشما بدران گڊو بئراج تي ڏنو وڃي، چشما کان گڊوءَ تائين پهچندي پاڻيءَ کي پنج ڏينهن لڳي وڃن ٿا ۽ عام شڪايت آهي ته تونسا ۽ گڊو بئراجن جي وچ ۾ پاڻيءَ جو وڏو مقدار چوري پڻ ڪيو وڃي ٿو. ٻيو ته سنڌ حڪومت کي پاڻيءَ جي گهوٽالي وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان ان اهم اداري جو ٽه ماهي اجلاس ڪوٺايو ئي نه ٿو وڃي. آئين موجب ان اداري جو اجلاس هر ٽن مهينن ۾ ٿيڻ گهرجي، گذريل ڀيري ان جو اجلاس 29 اپريل 2025ع تي ڪوٺايو ويو هو، جڏهن سنڌ ۾ تڪراري واهن تي ڌرڻو لڳل هو. سنڌ جا پاڻيءَ سان لاڳاپيل ٻيا معاملا به ڪائونسل وٽ پيا آهن، جن بابت ڪا به اڳڀرائي نه پئي ٿئي. سنڌ کي ڪائونسل وٽ اهو معاملو کڻي وڃڻ گهرجي، ته گڊوءَ وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چناب، جهلم زون ڏانهن نه موڙيو وڃي. هن وقت پنجاب جي ضرورت جو پاڻي ان کي منگلا مان ڏنو وڃي، منگلا ڊيم ۾ اڍائي ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هوندي به وڌيڪ پاڻي ان ۾ ذخيرو ڪيو پيو وڃي، جيڪا سنڌ سان سڌي سنئين ناانصافي آهي.
( روزاني ڪاوش، 9 جون 2026ع)