موسمي مظر نامو ۽ پاڻيءَ جي صورتحال
ٻن ڏينهن اندر انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي صلاحڪار ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿيندي، جنهن ۾ خريف جي مند ۾ درياهي نظام ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن بابت اڳڪٿي ڪري صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ ڪئي ويندي. گذريل پنهجويهن سالن کان ارسا هر سال پاڻيءَ کوٽ قرار ڏئي پاڻيءَ جي ورڇ 1991ع واري ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي هيٺ پاڻي ورهائيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملندو آهي. هن ڀيري ڏسجي ته ارسا ڪميٽي پاڻيءَ جي موجودگيءَ بابت ڪهڙا انگ اکر ٿي پيش ڪري ۽ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ ورڇ ڪهڙي بنياد تي ٿئي ٿي. هن سال پاڻيءَ جي صورتحال گذريل سال جهڙي سنگين ناهي، جڏهن مارچ جي وچ تائين ڊيمن جو پاڻي سُڪي ويو هو، گذريل سال جي سوڪهڙي واري صورتحال جي ڀيٽ ۾ موسمي صورتحال گهڻي بهتر آهي. مارچ جي ٻئين اڌ کان ملڪ جي اترين علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ سٺا وسڪارا ٿيا آهن، گلگت بلتستان ۽ خيرپورپختونخواه ۾ سٺا مينهن وسڻ سبب ڊيمن جي مٿانهين واري جابلو پٽيءَ مان پاڻي ننڍين جابلو نين وسيلي درياهن ۾ لٿو آهي.
هن سال ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي. گذريل سال اپريل ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي يعني ارسا Irsa) ) اپريل ۾ درياهي نظام ۾ 43 سيڪڙو پاڻيءَ کوٽ جو اعلان ڪيو هو. گذريل سال اپريل ۾ ارسا کي پاڻي رڳو پيئڻ جي ضرورتن لاءِ محدود ڪرڻو پيو هو. ان کان اڳ مارچ ۾ موسميات کاتي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڏڪار جي اڳڪٿي ڪئي هئي. سنڌ جي بئراجن تي آڳاٽي خريف جي اهم وقت دوران 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ هئي. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاريءَ ان وقت سنڌ ۾ فصل اڃايل هجڻ جي باوجود پنجاب جي جهلم- چناب زون کي سيراب ڪندڙ سنڌوءَ جي ٻن لنڪ ڪئنالن جي وهڪري تي پڻ اعتراض واريا هئا. سنڌ ۾ خريف جي پوکي جلدي شروع ٿيندي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ ۾ مارچ ۽ اپريل جي مهينن دوران پاڻيءَ جي کوٽ وونئڻ، ڪمند، انب ۽ ڀاڄين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي.
هن سال الهندي پاسي کان ايندڙ موسمي نظام سبب برساتن جا لڳاتار سلسلا آيا، جنهن ڪري ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي ذخيري جي سطح ۾ واڌ ٿي. گذريل سال جي تڪليف ڏيندڙ مارچ جي ڀيٽ ۾، جڏهن تربيلا ۽ منگلا ڊيم تري تي پهچي ويا هئا، هن سال ٻنهي ڊيمن ۾ ڪافي وهڪرا آيا آهن.
ٻين اپريل تي گذريل سال تربيلا ۾ 17,300 ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو هو، ان جي ڀيٽ ۾ هن سال 36,500 ڪيوسڪ وهڪرو رهيو. منگلا ۾ به 20 هزار جي ڀيٽ ۾، ساڍا 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو هو. گذريل سال ان ڏينهن تي تربيلا ۾ پاڻيءَ ترو وڃي ورتو هو ۽ رڳو 0.09 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هو، جڏهن ته هن سال هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ پاڻي موجود آهي. منگلا ۾ به ذخيرو گذريل سال 0.18 ملين ايڪڙ فوٽ هو جڏهن ته هن سال 1.3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود آهي. انهن ٻنهي ڊيمن ۾ گذريل پنجن سالن دوران اپريل جي پهرئين هفتي ۾ ايترو پاڻي ناهي آيو. ان جو هڪ ڪارڻ اسڪردو ۾ گرميءَ پد جو 12.2 ڊگري سينٽي گريڊ جي ڀيٽ ۾ 17.8 ڊگري تائين پهچڻ آهي. موسمياتي اڳڪٿيءَ موجب هن سال گلگت بلتستان ۾ گرميءَ پد رواجي کان مٿانهون رهندو. نتيجي ۾ برفاني جبل وڌيڪ تيزيءَ سان ڳرندا. هن سال سياري ۾ برف دير سان پئي آهي، جنهنڪري اها پڪي ناهي ٿي. وڌندڙ گرميءَ پد سان ڪچي برف وڌيڪ رجڻ سان وڏا وهڪرا سنڌوءَ ۾ اچي سگهن ٿا.
ملڪ ۾ جنوريءَ کان مارچ تائين جي ٽه ماهيءَ دوران معمول مطابق برساتون ٿيون. مارچ جي مهيني ۾ ملڪ ۾ رواجي سالياني مينهن کان 14 سيڪڙو وڌيڪ وسڪارو ٿيو آهي. خاص ڪري مارچ جي ٻئي اڌ ۾ وچولي ۽ تيز مينهن جا وسڪارا ٿيا. سنڌ ۾ ان مهيني دوران رواجي کان 129 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. ساڳيءَ طرح بلوچستان ۾ 60 سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ معمول کان 28 سيڪڙو وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون. اپريل جي شروعات سنڌ ۾ غير رواجي موسم سان ٿي. ڪيترن ئي شهرن ۾ هڪ ڏينهن جي وسڪاري جا پراڻا رڪارڊ ٽٽي ويا. 3 اپريل تي ڪراچيءَ ۾ 38.7 ملي ميٽر برسات پئي، جنهن 2 اپريل 1985ع تي وسيل 37 ملي ميٽر جو رڪارڊ ڊاهي ڇڏيو. دادوءَ ۾ هڪ ڏينهن دوران 23 ملي ميٽر برسات پئي، جيڪا 14 اپريل 2017ع تي پيل 22 ملي ميٽر برسات کان وڌيڪ هئي. اپريل کان جون واري ٽه ماهيءَ لاءِ اڳڪٿي آهي ته ملڪ ۾ رواجي کان وڌيڪ برساتون پونديون. اترين علائقن گلگت بلتستان، خيبر پختونخواهه، اتر بلوچستان ۽ اوڀر سنڌ ۾ واڌو مينهن جو لاڙو رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي ڏاکڻين علائقن توڙي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پڻ رواجي کان ڪجهه سوائي برسات جي اميد آهي. اهڙيءَ ريت، اپريل کان جون تائين ملڪ ۾ سراسري گرميءَ پد پڻ رواجي کان مٿي رهڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ گرمي پد جي سڀ کان وڌيڪ واڌ گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ اتر خيبر پختونخواهه ۾ ٿيندي. گرميءَ پد جي نقشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا سمورا ضلعا رواجي کان وڌيڪ گرميءَ پد جي وڪڙ ۾ رهندا. خاص ڪري سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ واڌو گرميءَ پد رهڻ جو امڪان آهي. بلوچستان جي مڪران ساحل واري علائقي ۾ پڻ سخت گرميءَ پد جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه جي مٿانهن علائقن ۾ موسمي حالتون سنڌو درياھ ۽ ان جي جابلو ڀرتو نديون اونهاري جي وهڪري جو تعين ڪنديون آهن. فيبروريءَ جي شروعات ۾ گلگت بلتستان ۾ گرميءَ پد رواجي کان 3 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو. هنن علائقي ۾ 1987ع کان 2013ع جي وچ ۾ گرميءَ پد ۾ لڳ ڀڳ 0.6 ڊگري سينٽي گريڊ جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن سال مارچ جي پڇاڙيءَ تائين سياري دوران ٿيندڙ برفباري گذريل 20 سالن جي سالياني سراسريءَ کان 30 سيڪڙو گهٽ رهي آهي. دير سان پيل برف جو سنهو تهه واڌو گرمي پد سان جلدي ڳرندو. اترين علائقن ۾ تازو وسيل برف ۽ جبلن تي ڄميل برف گهڻي گرميءَ پد سبب ڳرڻ سان برفاني نديون ڦاٽڻ Glacial Lake Outburst Floods جو انديشو پيدا ٿيندو آهي. اهو عمل گلگت، هنزا، غذر، استور، بونجي ۽ چلاس وارن علائقن ۾ گليشيئرن جي ڦاٽڻ سبب ايندڙ ٻوڏن ((GLOFs جو خطرو وڌائي ڇڏيندو. گليشيئرن جي ڦاٽڻ ۽ تيزيءَ سان رجڻ سبب سنڌوءَ جي وهڪري ۾ واڌ جو پڻ امڪان آهي، پوءِ ته اهي سڀ وهڪرا سنڌو درياھ ۾ لهندا آهن. هن موسمي صورتحال مان لڳي ٿو ته هن سال درياهن جا وهڪرا بهتر رهندا ۽ پاڻيءَ جي کوٽ نه يا تمام گهٽ ٿيندي. جيتوڻيڪ قدرتي وهڪرن ۾ ته بهتري آئي آهي پر ٻئي پاسي واپڊا پاران ڊيم جي سرنگھ 4 ۽ 5 تي هلندڙ ڪم ۾ دير ٿيڻ سبب ڊيم مان ڏيڍ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نٿو وهايو وڃي. اهو ڪم گذريل سال جون ۾ پورو ٿيڻو هو، جيڪو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو. ان جي نتيجي ۾ آڳاٽي خريف ۾ ڊيمن ۾ پاڻي هوندي به سنڌ کي وري به پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.
چوماسي جي مند ۽ ٻوڏ واري مرحلي ۾ اڃا وقت پيو آهي، تنهنڪري هن مرحلي تي ان بابت ڪا اڳڪٿي ڪرڻ مناسب ناهي. مارچ اپريل جي مينهوڳي يا سوڪهڙي جي آڌار چوماسي جي صورتحال جي اڳڪٿي ممڪن ناهي، ڪيترائي ماڻهو سوشل ميڊيا تي هاڻي کان ئي ٻوڏ بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، پر اهي گهڻي ڀاڱي ڌُڪا آهن، ڇو ته سائنسي لحاظ کان هن مرحلي تي اهڙي تز اڳڪٿي ممڪن ناهي. گذريل سال مارچ ۽ اپريل ۾ شديد سوڪهڙو هو، پر جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ تباهي پکيڙيندڙ بارشون ٿيون، خاص طور تي ڀارتي پنجاب، هماچل پرديش ۽ ڪشمير ۾ پيل شديد بارش سبب پاڪستاني پنجاب ۾ ٻوڏ تمام وڏي تباهي پکيڙي. مارچ، اپريل جي مهينن ۾ اهڙي چوماسي بابت ڪنهن سوچيو به نه هو، تنهن ڪري هاڻوڪين بارشن جي بنياد تي اهڙي اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي. البته سياري ۾ برف گهٽ ۽ دير سان پوڻ سبب گرميءَ پد وڌڻ سان درياهي وهڪرن تي اثر پئجي سگهي ٿو. ايندڙ چوماسي بابت بهتر اندازو جون کان پوءِ لڳائي سگهبو، جڏهن مختلف موسمي ماڊلز جي ڇيد جي آڌار تي چوماسي بابت ڪا اڳڪٿي ممڪن ٿيندي.
( روزاني ڪاوش، 7 اپريل 2026ع