Naseer Memon

Articles and Resources

CLIMATE POLICY • WATER GOVERNANCE • SUSTAINABLE DEVELOPMENT   CHAMPIONING •  CLIMATE RESILIENCE •  POLICY INNOVATION

وفاق سنڌ کي ڪهڙو نياپو ڏئي رهيو آهي

(روزاني ڪاوش، 8 سيپٽمبر 2026)

سنڌ جي عوام جي نمائنده اداري طور سنڌ اسيمبليءَ پاران صوبي جي ورهاڱي خلاف بحال ڪيل چٽي ٺهراءَ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ پاران نون صوبن وارو ساڳيو رينگٽ ورجايو ويو. هن هر حال ۾ نوان يونٽ ٺاهڻ واري ڳالھ ڪري سنڌ کي اهو نياپو ڏنو ته اوهان جي چونڊيل اسيمبليءَ جي هن ملڪ ۾ ڪا حيثيت ناهي. سنڌ جيڪا قومي حقن جي هر معاملي بابت پرامن، جمهوري ۽ آئيني دائري ۾ رهي جدوجهد کي اوليت ڏيندي رهي آهي، ان لاءِ اهو نياپو نهايت ڳڻتيءَ جھڙي صورتحال پيدا ڪري سگھي ٿو. سنڌ واسي ان حقيقت کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا ته اهو ميلو سندن وسيلن ۽ ڪراچي شهر تي والار لاءِ رچايو ويو آهي. اسلام آباد جي اقتداري ٽولي کي عوام لاءِ سٺي حڪمرانيءَ وارو نظام آڻڻ بجاءِ سندن وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ان رٿا جي ضرورت پئي آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ ۾ وفاقي حڪومت، پارليامينٽ، سياسي جماعتن ۽ رياستي ادارن کان سنڌ جي ماڻهن ۽ سندن چونڊيل اسيمبليءَ جي جمهوري خواهش جو احترام ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي. هتي بنيادي سوال اهو آهي ته جڏهن سنڌ جو عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن وسيلي هڪ چٽو موقف اختيار ڪري، ته ان موقف جي سياسي ۽ جمهوري اهميت ڇا آهي. جمهوريت ۾ عوام سڌو سنئون هر پاليسي يا آئيني سوال تي فيصلو ناهي ڪندو. عوام پنهنجا نمائندا چونڊيندو آهي ۽ اهي نمائندا اسيمبلين ۾ عوام جي خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. تنهن ڪري سنڌ اسيمبليءَ جو موقف رڳو ڪجهه ميمبرن جي ذاتي راءِ نه آهي، اهو هڪ آئيني فورم ذريعي ظاهر ڪيل عوامي سياسي موقف آهي.
ان ڪري سنڌ جي ورهاڱي جهڙي حساس مسئلي تي سنڌ اسيمبليءَ جي چٽي خواهش کي نظرانداز ڪرڻ يا ان کي سياسي طور بي معنيٰ قرار ڏيڻ سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ انتهائي خطرناڪ احساس پيدا ڪري سگهي ٿو، ”ته وفاق سندن جمهوري آواز کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي“. دنيا جي هر جمهوري سماج ۾ جڏهن ماڻهن کي پڪ هوندي آهي ته سندن آواز پارليامينٽ، اسيمبلي ۽ آئيني ادارن ۾ ٻڌو ويندو ته جيئن سياسي اختلاف جمهوري طريقن سان حل ٿي سگھن، پر جڏهن ماڻهن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳي ته چونڊيل ادارن جي ٺهراءَ، عوامي راءِ ۽ آئيني اعتراضن جي ڪا اهميت ناهي، ته پوءِ عوام متبادل طريقن بابت سوچڻ لڳندو آهي. اهو ئي هن صورتحال جو سڀ کان اهم ۽ ڳڻتيءَ جوڳو پاسو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿيل ڪيترن ڪلاڪن جي تقريرن ۽ ٺهراءَ جو هڪ اهم سياسي نتيجو اهو نڪتو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي موٽ حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. پيپلز پارٽي گذريل 18 ورهين کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪري رهي آهي ۽ سنڌ سرڪار جي گورننس تي سخت سوال موجود آهن. پاڻي، صفائي، شهري انتظام، تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ مڪاني حڪومتن جي ڪارڪردگيءَ بابت لڳاتار عوامي تنقيد ٿيندي رهي آهي. پر سياست ۾ ڪجهه مسئلا اهڙا هوندا آهن جيڪي روزمره جي حڪمرانيءَ کان به وڌيڪ جذباتي ۽ تاريخي اهميت اختيار ڪري وٺندا آهن. سنڌ جي وحدت اهڙو ئي مسئلو آهي جيڪو سنڌ جو وجودي مسئلو آهي. حڪمرانيءَ جي ناڪامين بابت تنقيد پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي، پر سنڌ جي وحدت جي سوال تي مضبوط موقف اختيار ڪرڻ سان پيپلز پارٽيءَ کي سياسي طور فائدو ملندو.
ملڪي ۽ عالمي سطح تي چونڊيل ايوان ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ ٺهرائن کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. ملڪي ادارن، نام نهاد قومي ميڊيا توڙي سفارتي حلقن ۾ ان کي سنجيدگيءَ سان نوٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهي بحث جو حصو بڻجن ٿا. ٻئي پاسي سنڌ جي عوامي سطح تي ان معاملي تي ٻڌي ۽ گڏيل ردعمل کي پڻ نظرانداز ڪرڻ ڏکيو آهي. جتي پيپلز پارٽيءَ وٽ ايوان واري محاذ جي سگھ موجود آهي، اتي پارليامينٽ کان ٻاهر سرگرم ڌرين وٽ عوامي محاذ جي سگھ موجود هوندي آهي. ان ڏس ۾ هينئر تائين ڪنهن گڏيل سگھاري عوامي طاقت جي مظاهري جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ٿيل احتجاجي ريلي، حيدرآباد ۾ ٿيل سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جو مظاهرو، اياز لطيف پليجي جي حاضريءَ وقت نڪتل ريلي ۽ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران لڳاتار عوامي جاڳرتا مهم واکاڻڻ جوڳا سياسي ڪم آهن، پر جيترو هي معاملو سنگين آهي، ان تي قومپرست ڌرين کي جيتري گڏيل عوامي سگھ ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، ان جي کوٽ نظر اچي ٿي. سنڌ جي وحدت وارو معاملو جنهن سطح جي لڳاتار گڏيل جدوجهد جي گھر ڪري ٿو، اها ميدان ۾ اڃا تائين نظر ناهي آئي. واهن مخالف جدوجهد ۾ به قومپرست ڌرين جي ڇڙوڇڙ جدوجهد سبب هڪ خال پيدا ٿي رهيو هو، جنهن کي وڪيلن جي اڳواڻيءَ ۾ لڳل ڌرڻي نتيجي تي پهچايو. جيتوڻيڪ ڪجھ قومپرست ڌرين جو ان معاملي تي مختلف موءقف آهي، پر گڏيل جدوجهد وارو خال ان صورتحال جو ڪارڻ بڻيو. هاڻي به قومپرست ڌرين جي ڪمزور حڪمت عمليءَ جو لاڀ پيپلز پارٽي حاصل ڪري رهي آهي. سنڌ جي وحدت جو سوال تاريخي طور قومپرست سياست جو بنيادي ٿنڀ رهيو آهي. تنهنڪري هن معاملي تي قومپرست جماعتن کان پارلياماني پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ واضح، مضبوط ۽ منظم ردعمل جي اميد ڪئي ويندي آهي. ٻٽي مڪاني نظام، ٻيٽن جي وڪري ۽ تڪراري واهن تي قومپرست ڌرين جي سگھاري ڪردار سبب سنڌ واسين جون منجهائن هن معاملي تي ويتر وڌيڪ اميدون آهن. سنڌ جي وحدت جو سوال رڳو اسيمبليءَ جي چار ديواريءَ تائين محدود نه رهڻ گهرجي. قومپرست جماعتن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ جي قومي مسئلن تي هو مضبوط ۽ منظم عوامي قيادت فراهم نه ڪندا، ته اها سياسي جاءِ ٻي ڪا طاقت ڀريندي. هن وقت تائين اهو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملي رهيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ قومپرست جماعتن ۽ اڳواڻن کي هڪ گڏيل حڪمت عملي، لڳاتار عوامي رابطن، سياسي اتحاد ۽ منظم جدوجهد جي ضرورت آهي. قومپرست قيادت جي هن وقت عوام جي صفن ۾ پاڻ موجود رهڻ جي به ضرورت آهي، ان سان عوام کي وڌيڪ حوصلو ملندو.
ساڳئي وقت مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جهڙين جماعتن جو موقف پڻ چٽو هجڻ گهرجي. سنڌ جي ورهاڱي جهڙي حساس مسئلي تي ٻئين يا ٽئين درجي جي اڳواڻن جا بيان ڪافي ناهن. سنڌ جي عوام کي انهن پارٽين جي قيادت کان چٽو سياسي موءقف گهرجي. خاص طور تي جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙي ٺهراءَ تي بحث ۽ ٺهراءَ وقت انهن سياسي جماعتن جي غير موجودگي سندن سنجيدگيءَ بابت سوال پيدا ڪري ٿي. پي ٽي آءِ جو اهو چوڻ ته ”اهي هن اسيمبليءَ کي نٿا مڃن تنهنڪري ان وقت ايوان ۾ نه هئا“، ان دليل کي سنڌ واسي هن حساس معاملي تي قبولي نه سگھندا. اهو چوڻ ته ”بانيءَ جي مشوري کان سواءِ اهڙو فيصلو قبول نه هوندو“ پڻ سوال اٿاري ٿو. ماضيءَ ۾ عمران خان کليل لفظن ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالھ ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري پارٽيءَ کي ان بابت سڌي ڳالھ ڪرڻ گھرجي. سلمان اڪرم راجا ان ڏس ۾ سنڌ جي دوري دواران نسبتن بهتر بيان ڏنو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته پارٽي قيادت ان تي ڪيترو ثابت قدم رهي ٿي. جماعت اسلاميءَ جي اسيمبلي ميمبرن پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو. جماعت جي سنڌ صوبي جي سربراھ سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف بيان ڏنو هو، پر مرڪزي قيادت ان بابت ڪا چٽي ڳالھ ناهي ڪئي ۽ جماعت جا اسيمبلي ميمبر به ٺهراءَ وقت گم رهيا.
سنڌ جي وحدت ۽ خراب حڪمرانيءَ بابت بحث ۾ هڪ راءِ اها به آهي ته هن وقت سنڌ جي ورهاڱي جهڙي زهريلي رٿا خلاف سنڌ سرڪار جي چٽي موءقف سبب ان جي خراب حڪمرانيءَ بابت ڳالھ نه ٿيڻ گھرجي، پر جتي سنڌ جي وحدت جو بچاءُ ڪرڻ ضروري آهي، اتي سنڌ جي رهواسين کي بهتر حڪمراني فراهم ڪرڻ به اوترو ئي ضروري آهي. جيڪڏهن حڪومت هڪ طرف سنڌ جي ورهاڱي خلاف مضبوط موقف اختيار ڪري، پر ٻئي طرف سنڌ اندر بنيادي مسئلا حل نه ڪري، ته مخالف قوتن کي پنهنجا دليل پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. ان ڪري سنڌ جي وحدت ۽ بهتر حڪمراني هڪ ٻئي جا مخالف نه، پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل مسئلا آهن. سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جو مطلب رڳو ان جي جاگرافيائي سرحدن کي برقرار رکڻ ناهي. سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جو مطلب آهي ته ان جا شهر ۽ ڳوٺ بهتر طريقي سان هلن، عوام کي بنيادي سهولتون ملن ۽ مقامي سطح تي چونڊيل نمائندن کي اختيار حاصل هجن. ساڳئي وقت پيپلز پارٽيءَ کي ان سوال جو به جواب ڏيڻ گھرجي ته جيڪڏهن اها سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهي ته پوءِ ساڳئي معاملي تي جدوجهد ڪندڙ قومپرست ڪارڪنن خلاف پوليس جي وٺ پڪڙ جو ذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن اهو سنڌ سرڪار جي چوڻ تي نه پيو ٿئي ته پوءِ سنڌ پوليس ڪنهن جي حڪمن تي هلي رهي آهي.