وڌندڙ انسان ۽ کُٽندڙ زمين
گذريل هفتي دنيا ۾ ڌرتيءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو. 8 ارب انسانن جو بار کڻندڙ ڌرتيءَ جي گولي تي زمين سان جيڪا ويڌن ٿي رهي آهي، ان تي سوچڻ لاءِ ڪنهن وٽ شايد وقت ئي ناهي. اڄ کان هڪ صدي اڳ انساني آبادي هڪ ارب هئي. سئو سالن اندر اها آبادي وڌي سوا 8 ارب ٿي رهي آهي. انساني آباديءَ جو اهو دٻاءُ زميني وسيلن سان وڏو هاڃو ڪري رهيو آهي، جيڪو اڳتي هلي انساني هاڃي ۾ بدلجي سگهي ٿو. ان ئي محدود زمين مان ان آباديءَ کي اَنُ، اَجھو ۽ ڪپڙو ملي ٿو. وڌندڙ آباديءَ سان گڏ جيڪڏهن زمين کُٽي رهي هجي ته اها وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالھ آھي. زمين اناج اپائڻ جو بنيادي ايڪو آهي ۽ ان جو تيزيءَ سان بنجر ٿيڻ دنيا ۾ خوراڪ جي تحفظ لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي اڀري رهيو آهي. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (UNEP) موجب، سڄي دنيا ۾ زراعت لاءِ استعمال جوڳي زمين جو اٽڪل 70 سيڪڙو ٺوٺ يا خراب ٿي چڪو آهن. مختلف سببن سان خراب ٿيندڙ زمين جي نتيجي دنيا جي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو زمين ۽ دنيا جي ڇهون حصي آبادي متاثر ٿي چڪي آهي. ان جو اثر ايشيا کنڊ ۾ وڌيڪ شديد آهي، جيڪو عالمي آباديءَ جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو جو گهر آهي. ايشيا ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو زمين مختلف شڪلين ۾ خراب ٿي چڪي آهي. ايشيا 1.34 ارب هيڪٽر زرعي پيداواري زمين جو مالڪ خطو آهي، جيڪو دنيا جي ڪل خشڪ زمين جو 70 سيڪڙو بڻجي ٿو. عالمي سطح تي، پاڪستان سميت دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ زمين خراب ٿيڻ جي رفتار تيز ٿي رهي آهي ۽ انهن ملڪن ۾ زمين جي پيداواري صلاحيت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. گڏيل قومن واري اداري 1994ع ۾ زمين جي خراب ٿيڻ جي رفتار کي روڪڻ لاءِ "گڏيل قومن جو ڪنوينشن فار ڪامبيٽنگ ڊيزرٽيفڪيشن" (UNCCD) متعارف ڪرايو هو. هن ڪنوينشن جو مقصد زمين جي خراب ٿيڻ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ هاڻوڪي نسل سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ گذر سفر جي وسيلن کي محفوظ بڻائڻ آهي. پاڪستان 1994ع ۾ هن ڪنوينشن تي صحي ڪئي ۽ 1997ع ۾ ان جي منظوري ڏني.
پاڪستان زمين جي برباديءَ سبب سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. ملڪ جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو پنهنجي گذر سفر لاءِ، گهڻي ڀاڱي زراعت ۽ مال متاع تي ڀاڙي ٿو جنهن لاءِ زمين بنيادي گهرج آهي. پاڪستان 2002ع ۾ زمين بچائڻ لاءِ پنهنجو پهريون نيشنل ايڪشن پروگرام (NAP) تيار ڪيو ۽ ان جو تازو پروگرام لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪو اڳ تيار ڪيو ويو هو. نيشنل ايڪشن پروگرام جي ستاويز موجب، پاڪستان جي 71 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ٻن درجن ۾ اچي ٿي - ڪلاس VII ۽ VIII، جيڪي ترتيبوار ٻيلن/چراگاهن واري خراب ٿيل مٽي ۽ پوکيءَ لائق نه هجڻ واري مٽيءَ ۾ شامل آهن. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي زمين جو 70 سيڪڙو حصو خراب ٿيل هجي ته اهو وڌندڙ آبادي جي ضرورتن لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي. پاڪستان ۾ زمين جي برباديءَ جي مکيه سببن ۾ هوا ۽ پاڻيءَ سبب مٽيءَ جو کاڌ (Soil erosion)، سم ۽ ڪلر، زرعي شعبي ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائن جي گهڻي استعمال سبب مٽيءَ جو گدلو ٿيڻ، ٻيلن جي واڍي، سوڪهڙو، سنڌو ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو گهٽ وهڪرو ۽ شهري حدن جو پکڙجڻ شامل آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب، هوا ذريعي مٽيءَ جي کاڌ لڳ ڀڳ 30 کان 50 لک هيڪٽرن کي متاثر ڪيو آهي ۽ ان جي شدت ڳڻتيءَ جوڳي رفتار سان وڌي رهي آهي. پاڻيءَ سبب مٽيءَ جي کاڌ ان کان به وڏو عذاب آهي. سنڌو نديءَ جي منڍ وارن علائقن جا جبل، جن جي عمر 4 کان 5 ڪروڙ سال آهي، جيالاجيءَ جي لحاظ کان ننڍي ڄمار وارا آهن. انهن جبلن تان لهندڙ تيز وهڪرا وڏي پيماني تي ڪچي مٽي پٽي ايندا آهن. اندازي موجب لڳ ڀڳ 11 ملين هيڪٽر زمين پاڻيءَ جي کاڌ سبب متاثر ٿيل آهي. پاڻيءَ جي کاڌ جا ڊيمن ۽ واهن تي به ناڪاري اثر پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ ڊيمن ۾ لٽ (Silting) ڀرجڻ لڳي آهي، جنهن ڪري اهي وقت سان لٽ جا ڊيم ۽ وڏا بيڪار ڍانچا بڻجي رهيا آهن. واهن جي آبپاشي نظام ۾ لَٽ ڪٺي ٿيڻ سان پاڻي ۽ زمين جي استعمال جي صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي. 19هين صديءَ جي آخر ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ جديد آبپاشي نظام جي اچڻ کان اڳ، لڳ ڀڳ 400 ملين ٽن لٽ هر سال سنڌو ڊيلٽا تائين پهچندي هئي، جيڪا هاڻي گهٽجي اٽڪل 30 کان 40 ملين ٽن رهجي وئي آهي. ان لٽ جو وڏو مقدار ڊيلٽا تائين پهچڻ کان اڳ ڊيمن، واهن ۽ ٻنين ۾ ڦاسي پوي ٿو. اترين علائقن ۾ ٻيلن جي تيزيءَ سان واڍي هيٺاهين وارن علائقن ۾ تباهي ڪندڙ ٻوڏن جو سبب بڻجي ٿي ۽ وڌيڪ مٽيءَ کي کاڌ جي ور چاڙهي ٿي. هاڻي جيئن ته ڊيلٽا تائين لٽ نه ٿي پهچي ته ان جي پکيڙ گهٽجي رهي آهي ۽ سمنڊ زمين کي پائي رهيو آهي. سمنڊ جي چاڙھ سبب هر سال سوين ايڪڙ ڇوڙ وارو علائقو لوڻياٺ جي ور چڙهي پيداواري صلاحيت وڃائي رهيو آهي.
سم ۽ ڪلر جو ٻٽو عذاب پڻ زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي پيو آهي. پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ آن واٽر ريسورسز (PCRWR) جي هڪ رپورٽ موجب، لڳ ڀڳ 3.3 ملين هيڪٽرن تي ٻڌل آباد زمين مٿاڇري تي ڪلر سبب سخت متاثر آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO) جي هڪ ٻي تازي رپورٽ مان پڌرو ٿيو آهي ته پاڪستان جي 22 ملين هيڪٽرن جي ڪل زرعي زمين مان 6.67 ملين هيڪٽر زمين ڪلر ۽ لوڻياٺ کان متاثر آهي. پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي تمام گهٽ آهي. ٻيلا رڳو 3 کان 5 سيڪڙو زمين تي مس آهن. جنهن ڪري پاڪستان ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ ٻيلن وارن ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. ڳڻتيءَ ڳالهه اها آهي ته ٻيلا گهٽ آهن ۽ مٿان وري ملڪ ۾ ٻيلن جي واڍي جي شرح به خطرناڪ آهي ۽ هرسال ٻيلن جي پکيڙ ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي. گلوبل فاريسٽ واچ موجب، 2020ع ۾ پاڪستان وٽ 1.4 ملين هيڪٽر پکيڙ تي قدرتي ٻيلا هئا، جيڪي ان جي ڪل ايراضيءَ جي مس 2 سيڪڙو تي پکڙيل هئا. ٻيلن جي واڍيءَ جو اندازو ان مان لڳايو ته 2001ع ۽ 2024ع جي وچ ۾، پاڪستان ۾ ٻيلن جو 8 سيڪڙو گهٽجي ويو. خيبرپختونخواه (ضم ٿيل قبائلي علائقن سميت) ۾ ان عرصي دوران 9,100 هيڪٽر تي ٻيلن جي واڍي ڪئي وئي.
زرخيز زمين کي شهري آباديءَ ۾ تبديل ڪرڻ هڪ ٻيو خطرناڪ عمل آهي، جيڪو ملڪ ۾ زرخيز زمين کي برباد ڪري رهيو آهي. 2023-2024 جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ شهري آبادي جي سالياني واڌ جي شرح تقريبن 2.4 سيڪڙو آهي. شهري آباديءَ ۾ ايڏي تيز رفتار واڌ سان شهري مرڪزن جي آس پاس واري زرعي ۽ ٻيلن جي زمين تي زبردست دٻاءُ پئجي رهيو آهي. ان شهري آباديءَ کي رهائش لاءِ وڌيڪ زمين جي ضرورت پئي ٿي، جنهن سبب زرعي زمين اڏاوتن هيٺ اچي رهي آهي. وفاقي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد ان صورتحال جو هڪ مثال آهي. قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي گلگت جي محققن پاران ڪيل هڪ تحقيقي اڀياس مطابق، اسلام آباد جو شهري علائقو چئن ڏهاڪن ۾ پنجوڻو وڌيو آهي، جيڪو 1979ع ۾ شهر جي ڪل پکيڙ جو 10.7 سيڪڙو هو جيڪو 2019ع ۾ وڌي 52.4 سيڪڙو ٿي ويو. ساڳئي عرصي دوران شهر جي پسگردائيءَ ۾ ٻيلن جي زمين گهٽجي لڳ ڀڳ اڌ وڃي بچي آهي. صاف ظاهر آهي ته ٻيلن جي زمين کي ڪنڪريٽ جي ڍانچن ۾ تبديل ڪيو ويو. 2009ع ۽ 2019ع جي وچ ۾، شهر جي آبادي 0.77 ملين مان وڌي 1.1 ملين ٿي وئي. ان آباديءَ جي رهائشي گهرجن ۽ روڊن رستن جي نتيجي ۾ شهر پکڙجي رهيو آهي ۽ زرعي توڙي ٻيلن جي زمين گهٽجي رهي آهي. اها صورتحال چئين صوبن جي شهرن جي آهي جيڪي ٻهراڙين ۾ سهولتون نه هجڻ سبب لڏپلاڻ سبب چئني پاسي پکڙجي رهيا آهن. انهن شهرن جو ڦهلاءُ سائي زرخيز زمين کي کائي رهيو آهي. مٿي ڄاڻايل سڀني ڪارڻن جي نتيجي ۾ زرخيز زمين گهٽجي رهي آهي. ان جو سڌو واسطو اناج اپائيندڙ زمين جي نقصان جي صورت ۾ نڪري ٿو.
زمين جي خراب ٿيڻ وارن مٿي ڄاڻايل گهڻن ڪارڻن سبب سنڌ ۾ به زمين جي بربادي ٿي رهي آهي. خاص طور تي زرعي زمين ۾ سم ۽ ڪلر سبب زرعي اپت کي ڌڪ رسي رهيو آهي. سنڌ هڪ هموار مٿاڇري وارو علائقو آهي، جتي هڪ ميل جي ڊيگھ ۾ 6 کان 8 انچن جي لاهي مس آهي، ايتري سنئين زمين مان وڏا واهه وهڻ ۽ ٻنين کي ٻوڙان ٻوڙ پاڻي ڏيڻ سبب پاڻيءَ جي وڏي مقدار جو سيمو ٿئي ٿو. نتيجي ۾ جر جي سطح لڳاتار چڙهي رهي آهي، سنڌ ۾ جر گهڻي ڀاڱي کارو هجڻ سبب مٿي چڙهندڙ جر مٽيءَ ۾ کاراڻ ملائي ان کي لوڻياٺو ڪري رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جون وڏيون رٿائون ٺاهڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي. بدقسمتيءَ سان اهي رٿائون به گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيون ۽ ويتر نون مسئلن جو سبب بڻجي ويون. مثال طور ساڄي ڪپ تي ٺهيل آر بي او ڊي رٿا جو آخري نيڪال نه ٿيڻ سبب ان کي منڇر ڍنڍ ۾ اڇليو وڃي ٿو، ان جي نتيجي ۾ مٺي پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍ منڇر تباهه ٿي وئي ۽ ان تي آباد ٿيندڙ هزارين ايڪڙ زمين به پوکيءَ لائق ناهي رهي.
سنڌ جي ڇوڙ واري علائقي انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه وهڻ سبب سمنڊ مٿي چڙهندو پيو اچي، ان جي نتيجي ۾ گذريل اڌ صديءَ دوران لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي چڪي آهي، ان جي نتيجي ۾ لاڙ جي پٽيءَ ۾ شديد غربت ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. انهن علائقن ۾ پوکيءَ لائق زمينون هاڻي سامونڊي ويرن هيٺ اچي وڃن ٿيون، سنڌ جي معيشت جو گهڻي ڀاڱي دارومدار زراعت تي آهي، ڪراچي ڊويزن کان سواءِ ٻين ضلعن جو گذر سفر سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح زراعت تي آهي. ساڳيءَ ريت ڪراچيءَ جي اڍائي کان ٽي ڪروڙ آباديءَ جي کاڌ خوراڪ جو وسيلو ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ زراعت آهي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ زمين کي بچائڻ بابت ڪا به ڊگهي مدي واري رٿابندي موجود ئي ناهي.
(روزاني ڪاوش، 28 اپريل 2026ع)